پنڊي ٽيسٽ: انگلينڊ پاڪستان کي 74 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

0
296
پنڊي ٽيسٽ: انگلينڊ پاڪستان کي 74 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
پنڊي ٽيسٽ: انگلينڊ پاڪستان کي 74 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

انگلينڊ راولپنڊي ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي 74 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي

انگلينڊ طرفان ڏنل 343 رنسن جي حدف جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم 268 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي

انگلش ٽيم 22 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ ٽيسٽ ميچ کٽي ورتي آهي،  انگلينڊ ان کان اڳ ڊسمبر 2000ع ۾ ڪراچي ۾ پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي

راند جي پنجين ۽ آخري ڏينهن تي پاڪستان ٻي اننگز 2 وڪيٽن جي نقصان تي 80 رنسن سان شروع ڪئي ته امام الحق شروعات ۾ 48 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو

امام جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ محمد رضوان ۽ سعود شڪيل انگلش بالرن سان مزاحمت ڪئي ۽ 87 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي پر محمد رضوان 46 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو

سعود شڪيل ڊيبيو ٽيسٽ ۾ 50 رنسون مڪمل ڪري 76 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، آغا سلمان 30 ۽ اظهر علي 40 رنسون ٺاهي رابنسن جو شڪار ٿيا

ان بعد اينڊرسن زاهد محمود ۽ حارث رئوف کي آئوٽ ڪيو. جيڪ ليچ نسيم شاهه کي آئوٽ ڪري ٽيم کي فتح ڏياري ۽ 22 سالن کانپوءِ انگلش ٽيم پاڪستان ۾ ٽيسٽ ميچ کٽي ورتي

انگلش ٽيم طرفان اينڊرسن ۽ رابنسن 4، 4 جڏهن ته ليچ ۽ بين اسٽوڪس هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو

انگلينڊ جي اولي رابنسن کي شاندار بالنگ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، انگلينڊ کي 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي برتري حاصل آهي

ھي به پڙھندا

پنڊي ٽيسٽ: اوپنرز کانپوءِ ٽئين رانديگر جي به سينچري: انگلينڊ رڪارڊ به قائم ڪري ورتو

پنڊي ٽيسٽ: انگلينڊ طرفان پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو

پنڊي ٽيسٽ کان اڳ انگلش ڪپتان سميت ڪيترن ئي ڪرڪيٽرن جو پيٽ خراب!