پنڊي ٽيسٽ: اوپنرز کانپوءِ ٽئين رانديگر جي به سينچري: انگلينڊ رڪارڊ به قائم ڪري ورتو

0
278
انگلينڊ رڪارڊ به قائم ڪري ورتو
پنڊي ٽيسٽ: اوپنرز کانپوءِ ٽئين رانديگر جي به سينچري: انگلينڊ رڪارڊ به قائم ڪري ورتو

راولپنڊي ۾ جاري پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٻئي سيشن جي پڄاڻي تي انگلينڊ پاڪستان خلاف 3 وڪيٽن جي نقصان تي 410 رنسون ٺاهي ورتيون آهن
انگلينڊ طرفان اوپنر زيڪ ڪرالي 122 ۽ بين ڊڪٽ 107 رنسون اسڪور ڪيون جڏهن ته ٽئين بيٽسمين اولي پوپ به سينچري اسڪور ڪئي
پهرين ڏينهن جي ٽئين سيشن ۾ انگلينڊ 65 اوورن ۾ 410 رنسون ٺاهيون ۽ 112 سالن جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو، انگلينڊ هن صدي ۾ سڀ کان وڏو اسڪور ٺاهڻ جو اعزاز ماڻيو آهي
ٽيسٽ ڊيبيو ڪندڙ زاهد محمود 2، حارث رئوف هڪ وڪيٽ ورتي
ٽيسٽ سيريز جي پهرين ميچ ۾ انگلينڊ پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو
3 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز اڄ کان راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شروع ٿي آهي جتي انگلينڊ جي ڪپتان بين اسٽوڪس پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم کي بالنگ جي دعوت ڏني

ھي به پڙھندا

پنڊي ٽيسٽ: انگلينڊ طرفان پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو

پنڊي ٽيسٽ کان اڳ انگلش ڪپتان سميت ڪيترن ئي ڪرڪيٽرن جو پيٽ خراب!