پنوعاقل (رپورٽ: نديم بوزدار) پنوعاقل ڪچي جي ڌاڙيلن شھرن جو رخ ڪري شھرين کي اغوا ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آھي، تعلقي اسپتال پنوعاقل جو ملازم نوڪري کانپوءِ گھر ويندي اغوا ٿي ويو آھي، مختيارڪلوڙ جي موٽرسائيڪل گوٺ ٻاھران ھٿ اچڻ کانپوءِ وارثن سندس اغوا جي تصديق ڪري ڇڏي آھي، وارثن موجب نوجوان کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا آھن، جڏھن ته بائجي پوليس پڻ نوجوان جي اغوا ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي آهي، اھڙي ريت بائجي ٿاڻي جي حد مان ميرپورخاص واسي عابد اسلم آرائين ۽ پنوعاقل جي ڳوٺ چونگھا واسي ٽن نوجوان علي رضا ڪلھوڙو ، اختيار ڪلھوڙو ۽ فرحان ڪلھوڙو سميت مغوين جو انگ وڌي پنج ٿي ويو آھي. چونگھا واسي ٽن مغوين جي بازيابيءَ لاءِ سول سوسائٽي جي سڏ تي ايم اسحاق جسڪاڻي ، ميان خيرالدين انڍڙ ، ڊاڪٽر دوست محمد ڪلھوڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ھوڏانھن صحت کاتي جي ملازم جي اغوا بعد اشيوا آل سنڌ ھيلٿ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران اڄ ڇنڇر ڏھاڙي مغوي جي بازيابي لاءِ ٻن ڪلاڪن تائين او پي ڊي بند ڪري احتجاجي مظاهري جو اعلان ڪيو ويو آھي.هوڏانهن ايس ايس پي سکر اغوا وارداتن جو نوٽيس وٺندي بائجي ٿاڻي جي ايس ايچ او الھوڌايو پتافي کي ھٽائي شوڪت آرائين کي مقرر ڪري ڇڏيو .