نوابشاهه (رپورٽر) سنڌ جو ناليوارو اديب، مجسمي ساز قاضي خضر حيات لاڏاڻو ڪري ويو. خبر موجب رتيديري واسي قاضي خاندان سان تعلق رکندڙ ناميارو اديب، مجسمي ساز ۽ آرٽسٽ قاضي خضر حيات گذريل رات ساڍي 12 وڳي ڌاري نوابشاهه ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. قاضي خضرحيات جو جنم هنڌ رتوديرو ضلعو لاڙڪاڻو آهي پر پاڻ گذريل ٽن ڏهاڪن کان مستقل طور نوابشاهه ۾ اچي رهيو، جتي هن سڪندر آرٽ گيلري قائم ڪئي. سندس لکيل ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، سندس ادبي ۽ فني ڪم تي کيس ڪيترائي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. قاضي خضر حيات مجسمي ساز پڻ هو، هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو سميت مختلف ڏيهي پرڏيهي شخصيتن جا مجسما ٺاهي شهرت حاصل ڪئي. سنڌ جي اديبن قاضي خضر حيات جي لاڏاڻي تي سندس ڀاءُ قاضي منظر حيات ۽ ڏکويل ڪٽنب سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. مرحوم جي جنازي نماز اڄ صبح سوسائٽي ۾ ادا ڪئي ويندي.