ڀٽ شاهه (رپورٽ: رجب بوزدار) ڀٽ شاهه مان اغوا بعد کپري مان بازياب ٿيل واپاري واسو مل پنهنجي گهر ڀٽ شاهه پهچي ويو آهي. 5 ڏينهن اڳ ۾ اغوا ٿي ويل واپاري واسو مل جي بازيابي ڀنگ عيوض ٿيڻ جا چوٻول هلي رهيا آهن. سندس سئوٽ ديوان گاگن داس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واسومل فون تي اطلاع ڪيو ته هٿياربند مونکي کپرو ڀرسان ڇڏي ويا آهن، اسان پوليس پارٽي سان گڏ ان کي وٺڻ لاءِ کپرو ٿاڻي تي پهتاسين. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پوليس جي زوربار تي واپاري کي هٿياربندن آزاد ڪيو آهي، جنهن ۾ پوليس جي محنت شامل آهي. ٻئي پاسي اهڙي اطلاع تي ڀٽ شاهه جي شهرين ۽ هندوبرادري ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.گهر پهچڻ تي وارثن ۽ هندو برادري جي ماڻهن واسو مل کي گلن جا هار پارائي ان جي آجيان ڪئي. جڏهن ته ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگهيو، پوليس پارٽي جي عملدارن سي آءِ اي انچارج ذوالفقار علي لاشاري، ايس ايڇ او ڀٽ شاه عبدالحڪيم قريشي، ايس ايڇ او مٽياري کي به گلن جا هار پارايا ويا، هندو پئنچات جي اڳواڻ ديوان گاگن داس ۽ ٻين وارثن جو چوڻ آهي پوليس پاران پنهنجي حڪمت عملي تحت هٿياربندن تي پريشر وجهي واسو مل کي بازياب ڪرايو آهي. ٻئي پاسي هندو پئنچات جي اڳواڻن ڀٽ شاهه پهچي واسو مل ۽ وارثن سان ملاقات ڪري مبارڪباد ڏني ۽ واسومل جي معامري بابت تفصيل ورتا. ڀٽ شاه جي هندو برادري ۽ وارثن طرفان هٿياربندن هٿان آزاد ٿيل واسو مل سان گڏجي ريلي جي صورت ۾ درگاه ڀٽائي تي چادر چاڙهي دعا گهري وئي ۽ بازيابي جي خوشي ۾ مٺائي به تقسيم ڪئي وئي. هوڏانهن شهر ۾ ڪجهه افواهون به گردش ڪرڻ لڳيون آهن ته مغوي واسومل جي بازيابي ڀنگ عيوض ٿي آهي مگر ان حوالي سان پوليس توڙي وارثن پاران اهڙن افواهن جي ترديد ڪئي وئي آهي.