پنوعاقل (رپورٽ: نديم بوزدار) پنوعاقل ۾ 10 کان وڌيڪ اسڪولي شاگردياڻين سان جنسي زيادتي بعد وڊيوز رڪارڊ ڪري معصوم نينگرين ۽ سندن والدين کي بليڪ ميل ڪرڻ جو انڪشاف، ھڪ نينگري جو والد ٿاڻي تي پھچي ويو، 14 ورھين جي نينگري س شيخ سان مبينا طور جنسي زيادتي بعد وڊيو رڪارڊ ڪئي وئي. جوابدار ياسر آرائين ۽ سندس چاچي منير آرائين پاران ٻن پرائيويٽ اسڪولن جي 10 کان وڌيڪ شاگردياڻين کي مبينا طور جنسي زيادتي بعد وڊيوز رڪارڊ ڪيون. جنسي زيادتي جو شڪار نينگرين جون عمريون 10 کان 14 تائين بڌايون پيون وڃن. جوابدار چاچي ڀائٽي وچ ۾ تلخ ڪلامي کانپوءِ ھڪ ٻئي جون وڊيوز ويجھن مائٽن کي اماڻڻ بعد معاملو منظر تي آيو. خبر موجب پنو عاقل ۾ 10کان وڌيڪ شاگردياڻين سان جنسي زيادتي بعد سندن وڊيوز رڪارڊ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. متاثر شاگردياڻين ۾ پني عاقل بائجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي خان چاچڙ واسڻ 14 ورھين جي شاگردياڻي پڻ شامل آھي، جنهن سان مبينا طور جنسي زيادتي بعد وڊيو رڪارڊ ڪئي وئي آھي. نينگري جي والد معروف شيخ بائجي ٿاڻي پھچي اين سي داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آھي ته جوابدار منير آرائين ۽ سند ڀائٽي ياسر آرائين 14 ورھين جي سندس ڌي ( س شيخ ) کي جنسي زيادتي بعد وڊيو ريڪارڊ ڪئي آھي، جنھن کانپوءِ جوابدارن اسان کي ڌمڪي ڏني آھي ته جيڪڏهن توھان ڪنھن کي ٻڌايو ته وڊيوز وائرل ڪنداسين. جڏھن ته نينگري والد جي فرياد تي پوليس نينگريءَ جي ميڊيڪل لاء ليٽر جاري ڪيو پر وارث ميڊيڪل ڪرائڻ بجاءِ نينگريءَ کي گھر وٺي ويا. ٻئي پاسي ذريعن اھا دعويٰ ڪئي آهي ته ٻنھي جوابدارن 10 کان وڌيڪ شاگردياڻين کي جنسي زيادتي بعد ويڊيوز رڪارڊ ڪيون آهن. جوابدار منير آرائين ۽ سندس ڀائٽي ياسر آرائين وچ ۾ تلخ ڪلامي کانپوءِ ھڪ ٻئي جون وڊيوز ويجھن عزيزن ڏي اماڻيون ويون. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته جوابدار منير آرائين پاران ٻن شاگردياڻين سان جنسي زيادتي ڪري وڊيو رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا سندس ويجھن مائٽن ڏانھن جوابدار ياسر آرائين پاران موڪلي وئيجنھن کانپوءِ جوابدار منير آرائين پڻ ياسر آرائين جون ست کان وڌيڪ وڊيوز ويجھن مائٽن کي اماڻيون جن بعد معاملو منظر تي آيو.جنسي زيادتي جو نشانو بڻايل شاگردياڻين جون عمريون 10 کان 14 سالن تائين ٻڌايون پيون وڃن.