ڏهرڪي: ڦر ڪيس ۾ سهيل انور سيال جي ضمانت منظور

0
188
ڏهرڪي: ڦر ڪيس ۾ سهيل انور سيال جي ضمانت منظور
ڏهرڪي: ڦر ڪيس ۾ سهيل انور سيال جي ضمانت منظور

ڏهرڪي  (رپورٽر) ڏهرڪي جي عدالت ڦر جي ڪيس ۾ روپوش اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال جي ضمانت منظور ڪري ورتي،

ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت  اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال جي ڦر ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪئي، اڳوڻي صوبائي سهيل انور سيال ۽ سندس ڀاءُ طارق انور سيال مٿان سال 2011ع ۾ رائونتي ٿاڻي تي رسول بخش چاچڙ جي فرياد تي ڦر جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو،

ضمانت منظور ٿيڻ بعد سهيل انور سيال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 10سال اڳ هڪ سب انسپيڪٽر حق نواز لولائي  سياسي انتقام لاءِ ڦر جو ڪيس داخل ڪيو، عدالت ۾  ڪيس جي فريادي به لکي ڏنو ته ڪيس بابت مون کي ڪا ڄاڻ ناهي پر ان باوجود سب انسپيڪٽر مون کي روپوش قرار ڏنو.