اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزيرن چيو آهي ته نيب آرڊيننس اين آر او نه آهي، اپوزيشن جو ڪم ئي روئڻ آهي، آرڊيننس کي ڪنهن کي اعتراض آهي ته مامرو پارليامينٽ ۾ آڻي يا آرڊيننس کي چيلنج ڪيو وڃي. نيب آرڊيننس تي اپوزيشن جي بيانن تي ردعمل ڏيندي سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اپوزيشن روئيندڙ ٻارن جو ٽولو آهي، جنهن جو ڪم رڳو روئڻ آهي. هن چيو ته نيب آرڊيننس تي تنقيد ڪندڙن جون اڪثر تجويزون ان ئي آرڊيننس ۾ شامل آهن، ڪنهن کي اعتراض آهي ته پارليامينٽ ۾ آڻي، پي ٽي آءِ ان نيب آرڊيننس جي پويان بيٺي آهي.وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته نيب آرڊيننس ۾ ترميم ضرور ٿيندي ۽ اهو آرڊيننس اين آر او نه آهي. نواز ليگ اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي اسد عمر وڌيڪ چيو ته نيب آرڊيننس ۾ ترميم ڇو نه ٿيندي؟ اهو آرڊيننس ان پاسي وٺي وڃڻ جي ڪوشش آهي جنهن جي مقصد لاءِ نيب کي بڻايو ويو. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته آرڊيننس ڪو اين آر او نه آهي، سڄي قوم ۾ پريشاني آهي ته ڪيس هلندا رهن ٿا، انجام تائين ڪو به نٿو پهچي. سندس چوڻ هو ته ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن جهڙا ادارا ته اڳ به هئا، پهريان اهي سڀ ادارا حڪومت جي ماتحت هئا جڏهن ته نيب ان ڪري ٺاهيو ويو ته هڪ آَزاد ادارو هجي جيڪو حڪومت جو چيڪ اينڊ بيلنس رکي سگھي. هوڏانهن مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته آئين، قانون ۽ پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ نيب آرڊيننس آندو آهي، اپوزيشن کي لڳي ٿو حڪومت غير قانوني ڪم ڪيو آهي ته آرڊيننس کي چيلينج ڪري، هن چيو ته اپوزيشن چئي ٿي ته چور کان پڇيو ته سندس جاچ آفيسر ڪهڙو هجي؟، شهباز شريف تي 7 ارب جي ٽي ٽي جو ڪيس آهي.