سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس پاران مبينا مقابلي بعد مغوي ٻارڙي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ. سکر پوليس موجب 7 محرم الحرام تي اغوا ٿي ويل پنوعاقل واسي 9 سالن جي معصوم عزيز انڍڙ کي اٽڪل هڪ مهيني بعد باگڙجيءَ جي ڪچي ۾ ڏوهارين سان مقابلي بعد بازياب ڪرايو ويو. سکر پوليس جي ترجمان ان حوالي سان هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊي آءِ جي سکر جاويد سونهارو جسڪاڻي جي هدايت تي جوڙيل ٽيم باگڙجيءَ جي ڪچي ۾ ڪارروائي ڪئي، ان دوران ڏوهارين پوليس مٿان سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جوابي فائرنگ سبب ڏوهاري ڪچي طرف فرار ٿي ويا. مقابلي دوران مغوي ٻارڙي کي باحفاظت بازياب ڪرايو ويو آهي.