حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ رليف فنڊ تحت سرڪاري وڪيلن جي پگهارن مان ڪٽوتي کان حڪومت کي روڪي ڇڏيو آهي. عدالت حڪم ڏنو آهي ته چيف سيڪريٽري سنڌ، فنانس کاتي جو سيڪريٽري، قانون واري وزارت ۽ اڪائوٽنٽ جنرل 4 آڪٽوبر تي پنهنجو جواب داخل ڪرائين. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ملازمت ڪندڙ ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ، ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ ۽ اسسٽنٽ پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ، شاهد احمد شيخ، نظر محمد، شهزادو سليم سميت 18 سرڪاري وڪيلن عشرت علي لوهر معرفت پٽيشن داخل ڪرائي هئي جنهن انهن موقف اختيار ڪيو ته سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرين جي سهائتا لاءِ سنڌ فلڊ رليف فنڊ تحت هڪ کان 16هين گريڊ جي ملازمن جي 2 ڏينهن ۽ 17 کان 22 گريڊ جي ملازمن جي 5 ڏينهن جي پگهار ڪٽي ڇڏي آهي جيڪا ساڻن ناانصافي آهي ڇاڪاڻ ته برساتن ۽ ٻوڏ دوران هو پاڻ به متاثر ٿيا آهن. ٻڌڻي دوران وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته آئين ۽ قانون موجب پگهارن مان ڪٽوتي وارو عمل غيرقانوني آهي ان ڪري استدعا آهي ته حڪومت کي پابند بڻايو وڃي ته پگهارن مان ڪٽوتي وارو عمل روڪي سندن کنيل رقم کين واپس فراهم ڪئي وڃي.