سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ ٻوڏ متاثرن طرفان داخل پٽيشن جي ٻڌڻي، خيرپور ضلعي سميت مختلف علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ، حڪومت طرفان کاڌ خوراڪ ۽ گھربل سھولتون فراھم نه ڪرڻ تي عدالت پاران ڪمشنر سکر ڊويزن ۽ لاڳاپيل عملدارن مٿان سخت ڪاوڙ جو اظھار. رپورٽ موجب سکر ڊويزن ۽ ميرپور خاص ضلعي جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ ٻوڏ متاثرن پاران داخل ڪرايل الڳ الڳ پٽيشنز جي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس شمس الدين عباسيءَ تي مشتمل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت پاران طلب ڪرڻ تي ڪمشنر سکر ڊويزن، چيف انجنيئر سکر بئراج، ڊپٽي ڪمشنرز  لاڳاپيل آفيسرز عدالت ۾ پيش ٿيا. ان دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪيترا ٽينٽ سٽي قائم ڪيا ويا آھن؟ ان تي ٻڌايو ويو ته تعلقن ۾ ٽينٽ سٽي قائم ڪري متاثرن کي سھولتون فراھم ڪيون پيون وڃن، جنھن تي سينيئر وڪيل شبير شر عدالت کي ٻڌايو ته ھي ڪوڙ پيا ڳالھائين، ٻوڏ متاثرن جي ڪا به مدد ناھي ٿي، ماڻھو مري رھيا آھن، عدالت ڪئنالن کي ڪٽ لڳائڻ کان منع ڪيو ھو، پر اِن جي باوجود سم نالن، ڪئنالن کي ڪٽ لڳائي ھٿ سان شھرن ۽ ڳوٺن کي ٻوڙيو پيو وڃي. نالن تي قبضن ۽ پاڻيءَ جو قدرتي رستو بند ڪرڻ سبب ھي نوبت آئي آھي. سينيئر وڪيل نثار احمد ڀنڀري ٻڌايو ته سنڌ جا سمورا روڊ رستا ٻڏي ويا آھن، شھرن، ڳوٺن جا زميني رستا ڪٽيل آهن. بک وگھي مرندڙن کي 10 رپين وارو بسڪيٽ جو پيڪيٽ 50 رپين ۾ به ملڻ مشڪل بڻجي ويو آھي، کاڌ خوراڪ جي شين جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آھي. منافعي خور بليڪ تي شيون وڪرو ڪري رھيا آھن، حڪومت سندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ به تيار ناھي، خيرپور ضلعي ۾ سڀ کان وڏو نقصان ٿيو آھي. ڪوٽڏيجي تعلقي ۾ وڏو نقصان ٿيو آھي، عدالتي حڪم باوجود اُتي ھن وقت تائين ٽينٽ سٽي قائم ناھي ڪيو ويو. ان تي عدالت ڪمشنر سکر ڊويزن سميت لاڳاپيل انتظاميا مٿان سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ۽ ھڪ ڪلاڪ اندر ڊپٽي ڪمشنر خيرپور نور احمد سمون کي طلب ڪري ورتو. ٻڌڻي دوران جسٽس ظفر احمد راجپوت ڪمشنر سکر ڊويزن، سکر، خيرپور، گھوٽڪي، ميرپور خاص ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز توڙي لاڳاپيل عملدارن مٿان سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي رمارڪس ۾ چيو ته توھان عوام جا ملازم آھيو، ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ وزيرن جا ملازم ناھيو. پاڻ کي انھن جا ملازم نه سمجھو، ٻوڏ متاثرن جو سامان سرڪاري آفيسن مان نڪري ڪيڏانھن ويندو آھي، سڀ خبر آھي، امدادي سامان وڏيرن جي اوطاقن، بنگلن ۽ گودامن ۾ رکيو ويندو آھي. جسٽس ظفر احمد راجپوت رمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته انسانيت جو ڪنھن کي فڪر ناھي، ڇا توھان ماڻھن کي مارڻ چاھيو ٿا، متاثر روڊن جي ڪنارن تي ويٺل آھن ۽ حادثن جو شڪار ٿي رھيا آھن، ڇا توھان چاھيو ٿا ته روڊ حادثن ۽ نانگ ڪکڻ سبب ماڻھو مرن ؟ عدالت ڪمشنر سکر ڊويزن، ڊي سيز توڙي لاڳاپيل عملدارن کي حڪم ڏنو ته برساتي پاڻي متاثر علائقن مان نيڪال ڪرائي، متاثرن کي کاڌ خوراڪ سميت سموريون بنيادي سھولتون ٽينٽ سٽيءَ ۾ فراهم ڪيون وڃن، ھر تعلقي ۾ بنيادي سھولتن سان گڏ ٽينٽ سٽي قائم ڪري 14 سيپٽمبر تي تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.