پنوعاقل(رپورٽ: نديم بوزدار) ميونسپل ڪاميٽي پنوعاقل جي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ واري ڊوڙ ۾ پنج اميدوار ڌڻي بخش خان مھر، بابر مصطفيٰ بوزدار، سليم غني ڪلوڙ، شيراز سومرو، ميان عابد انڍڙ شامل آھن. جنھن جي لاءِ خواھشمند اميدوارن طرفان پنھنجي حامي سياسي ھائوسز جا چڪر ڪاٽڻ لابنگ ڪرڻ وارو عمل تيز ڪيو ويو آھي، اھڙي طرح ئي پنھنجن علائقن ۾ پنھنجو داٻو ۽ طاقت کي برقرار رکڻ جي لاءِ سياسي گھراڻا پڻ پنھنجا پنھنجا اميدوار آڻڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آھن. ٽائون ڪاميٽي پنوعاقل جو چيئرمين شبير احمد شيخ ۽ وائيس چيئرمين بيشم لال رھي چڪا آھن.