جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي عدالت چرس جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي ھڪ جوابدار کي 14 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ان ڏس ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو جي عدالت  ڪوئيٽا واسي هڪ جوابدار جاويد پٺاڻ کي 20 ڪلو چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت  ٿيڻ تي 14 سال قيد ۽  2 لک ڏنڊ جي  سزا ٻڌائي ڇڏي آهي ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 6 مھينا قيد ڪاٽيندو.