صالح پٽ(رپورٽ: منير مهر) صالح پٽ ٽائون ڪاميٽي جي 8 وارڊن مان پ پ چئن وارڊن تي ڪامياب ٿي، ھڪ آزاد اميدوار، ٻہ جي ڊي اي ۽ ھڪ فنڪشنل ليگ اميدوار ڪاميابي ماڻي. پ پ اميدوار ڪاڪي شاھ چيئرمين لاءِ مضبوط اميدوار آهي. گذريل ڀيري ٽائون ڪاميٽي صالح پٽ جو چيرمين سيد عنايت حسين شاھ عرف محمد علي شاھ، وائيس چيئرمين سيد احسان علي شاھ کي بڻايو ويو هو.