پنهنجن کان وسريا ناهيون

0
544

ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن منهنجو ليک ”سنڌ يونيورسٽي مان گذر ۽ ڄامشوري جو پٿر” ڇپيو ته منهنجي فون تي هڪ ڪال آئي، اهو به ٻڌائيندي هلان ته ان ليک ۾ انگريزي شعبي جي انتهائي ذهين ۽ يگاني استاد ۽ هوبهو پنهنجي نالي جهڙي لاجواب شخصيت سائين قلندر شاهه جو مختصر ذڪر هو. اها فون هڪ جاکوڙي ڪردار ادا ناصر پنهور جي هئي. پنهنجي مختصر تعارف ۽ منهنجي ليک ته پنهنجا تاثرات ڏيڻ کانپوءِ ناصر مونکي ٻڌايو ته هن سائين قلندر شاهه جي زندگي ۽ ڪارنامن تي هڪ ڪتاب “پروفيسر قلندر شاهه لڪياري زندگي ۽ ڪارناما” جي نالي سان مرتب ڪيو آهي. اها معلومات ڏيڻ کانپوءِ ناصر مونکي ڪتاب موڪلڻ جو واعدو به ڪيو. اتفاق سان ساڳئي ڏينهن مونکي منهنجي هڪ دوست جي فون آئي ان ٻڌايو ته ناصر پنهور هن کي اهو ڪتاب تحفي ۾ ڏنو هو. منهنجي اڻ تڻ ڏسي منهنجي ان مهربان دوست ڪتاب مونکي موڪلي ڏنو ۽ مون وڌيڪ وقت زيان ڪرڻ کان پهريائين ان ڪتاب تي پنهنجا تاثرات لکڻ جو پڪو پهه ڪيو.
اسان جنهن معاشري ۾ پليا ۽ وڌيا ويجهيا آهيون ان ۾ اهڙن ماڻهن جي به ڪمي ڪانهي جيڪي چار ڪتاب پڙهي لاڦون پيا هڻندا آهن. پاڻ کي افلاطون، ارسطو ۽ لقمان حڪيم جي پائي جو عالم سمجهندا آهن. وري الله خير ڪري جيڪڏهن اهڙن ماڻهن مان ڪنهن ٻه ٽي ڪتاب انگريزي ادب جا پڙهي ورتا ته ان جي ڊاڙن ۽ لٻاڙن جو ڪو ڇيهه نٿو رهي. اهي ته وري آسمان سان پيا احوال ڪٽيندا آهن. مجال آهي جو سندن ڪنڌ مان ڪلي نڪري.
پر قلندر شاهه قلندر هو. هو انگريزي ادب جو وڏو پارکو هو، اهو چوندي ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته سائين قلندر شاهه انگريزي ادب تاريخ ۽ ٻوليءَ جو هلندڙ ڦرندڙ انسائيڪلوپيڊيا ۽ ڊڪشنري هو. مالڪ سائين قلندر شاهه کي قابليت ۽ ذهانت سان ٽٻ ٽارڪيو ئي هو پر هو علم، عقل ۽ ڏاهپ ۽ دانشمندي جو پڻ ڀنڊار هو. سائين مٿي بيان ڪيل ماڻهن کان طبيعتن ۽ عملن ڪوهين ڏور هو. هن وڏ ماڻهپائي، معتبرائي ۽ ٽرڙ پائي کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏنو. هو سادگي، نهٺائي، نماڻائي ۽ فقيرائپ جو هڪ مايه ناز مجسمو هو. مون پنهنجي شاگردي جي پنجن بهارن دوران ڪڏهن هن انسان کي ڪنهن سان ٻاڙو ٻوليندي نه ڏٺو. سائين قلندر شاهه پروفيسر کان وٺي پٽيوالي تائين ۽ معلم کان وٺي مالهي تائين ڪڏهن ڪنهن سان منهن نه گهنجايو. هو درويش صفت عالم هو. هن کي پڙهائڻ جو پنهنجو منفرد ڏانءُ هو. سائين قلندر شاهه شاگردن کي پنهنجي ٻچن وانگر ڀائيندو هو. شاگردن جي ڀلائي خاطر ڪڏهن ڪڏهن سائين قلندر شاهه واقعي قلندر ٿي ويندو هو ۽ پنهنجي سخت اصولن ۾ نرمي ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندو هو. سائين قلندر شاهه جا اسان جي معاشري تي ٿورا ٿپيل آهن. اڄ به اسان جي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سائين جا شاگرد پنهنجي ذهانت ۽ قابليت سان معاشري جي خدمت ۾ مشغول آهن. سائين قلندر شاهه سڄو لک ڪروڙ لهي پر سائين جي سادگي بي مثال هئي.
اسانکي پنهنجي معاشري ۾ اهڙن املهه ڪردارن جي واکاڻ ڪرڻ گهرجي. اسانکي انهن جي باري ۾ لکڻ گهرجي جيئن گهڻي کان گهڻا ماڻهو انهن جي قول فعل ۽ ڪارنامن جي باري ۾ ڄاڻن.
ادا ناصر پنهور لک لهڻي جو هن سائين قلندر شاهه جي باري ۾ ليکن کي مرتب ڪري سهيڙيو. سندس ڪتاب، “قلندر شاهه لڪياري زندگي ۽ ڪارناما” هڪ ڀلوڙ ڪتاب آهي جيڪو ايلسا پبليڪيشن حيدرآباد ڇپرايو آهي. ناصر پنهور ڏاڍو خوبصورتي سان ان ڪتاب کي سائين قلندر شاهه لڪياري جي شاگردن ۽ چاهيندڙن کي ارپيو آهي.
هن ڪتاب ۾ چاليهارو کن اعليٰ پايي جي ليکڪن جا سائين قلندر شاهه جي باري ۾ ليک آهن. جن ۾ هنن قلندر شاهه جي شخصيت ۽ سندس ڪارنامن جي باري ۾ خوبصورتي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. هي ڪتاب ادب سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ هڪ نايات تحفو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مشهور ليکارين ۽ ان سان گڏوگڏ اڀرندڙ ليکڪن جون لکڻيون به شامل آهن. هر هڪ ليکڪ سائين قلندر شاهه سان زندگيءَ جي مختلف مرحلن دوران ٿيل لهه وچڙ ۽ ملاقاتن تي مشتمل مشاهدن کي خوبصورت انداز سان قلم بند ڪيو آهي جن ۾ چڱي تعداد ۾ سائين جا شاگرد به آهن. پروفيسر قلندر شاهه جي مختلف وقتن تي ورتل انٽرويوز کي به هن ڪتاب جو حصو بڻايو ويو آهي. مان ته اهو به چونديس ته انٽرويوز واري حصي پڻ ڪتاب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.
ڪتاب جي ڳوڙهي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته سائين قلندر شاهه جي ذاتي زندگي ۽ سندس لکڻين جي باري ۾ به ڪارائتي معلومات ڪتاب ۾ موجود آهي. ڪجهه ليکڪن وري پروفيسر قلندر شاهه جي شخصيت جي سماجي ڀلائي واري پهلو تي پڻ قلم ڪشائي ڪئي آهي. اهڙا ليکڪ وري سائين سان پنهنجي سماج سڌار معاملن جي حوالي سان سائين سان لڳاتار لهه وچڙ ۾ رهيا. ڪتاب ۾ سائين جي ذاتي زندگي، شروعاتي تعليم، سائين جي ٻاروتڻ واري عرصي ۽ سندس پيشورانه پهلو جي باري ۾ به ججهي معلومات ميسر آهي. ڪجهه ليکڪن ته سائين جي ازدواجي زندگي، اولاد ۽ شادين جي باري ۾ به معلومات فراهم ڪئي آهي.
ڪتاب جي مطالعي ڪرڻ کانپوءِ اهو چوندي ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته ناصر پنهور پنهنجي ان اڍائي سئو صفحن کان وڌيڪ واري ڪتابڙي ۾ سائين قلندر شاهه جي شخصيت جي باري ۾ مڪمل ۽ جامع معلومات ڏيڻ جي هڪ ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي، جنهن لاءِ هو جس ۽ کيرون لهڻي.
هن ڪتاب جي هڪ حصي ۾ شاعري به آهي، جنهن ۾ اسان جي شاعر ڀائرن سائين قلندر شاهه جي شان ۾ شاعري ڪئي آهي ۽ سائين کي خوبصورت لفظن جي ڀيٽا شاعري جي صورت ۾ ڏني آهي. ڪتاب جو اهو خوبصورت حصو به پڙهڻ وٽان آهي.
ناصر پنهور سائين قلندر شاهه سان نڀائڻ جي ڀرپور ۽ ڪامياب ڪوشش ۾ سوشل ميڊيا تي سائين قلندر شاهه جي مرتئِي تي ڏنل تاثرن کي پڻ پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب جو حصو بڻايو آهي. اهو به هڪ سٺو سنئوڻ آهي.
هن ڪتاب جي هڪ ٻي اهم خاصيت اها آهي ته ڪتاب جو ڳچ حصو انهن ليکڪن جي لکڻين تي مشتمل آهي جن سائين قلندر شاهه جي باري ۾ پنهنجي خوبصورت خيالن جو اظهار انگريزي ٻولي ۾ ڪيو آهي. انهن سڀني تجربن ۽ شين هن ڪتاب کي هڪ منفرد ڪتاب جو درجو ڏنو آهي. جنهن لاءِ سڀني کي مرتب جي پٺي ٺپڻ گهرجي.
اڄوڪي وٺ وٺان هڻ هڻان ۽ ڀڄ ڀڄان واري زماني ۾ ناصر علي پنهور پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي “پروفيسر قلندر شاهه لڪياري زندگي ۽ ڪارناما” جهڙو ڪتاب اسان جي هٿن تائين پهچايو جيڪو هڪ سولو ڪم ناهي. ان لاءِ يقينن کيس ڪشالا ڪٽڻا پيا هوندا ۽ مخلتف مرحلن تي مايوسيون به مليون هونديون. پر هن همت نه هاري ۽ پنهنجي منزل ماڻي.
جن ليکڪن پنهنجو وقت ڪڍي پنهنجا تاثرات ۽ تجزيا لکي ناصر جي حوالي ڪيا اهي به جس لهڻن. انهن جو اهو عمل، سائين قلندر شاهه لاءِ سندن دل ۾ عزت ۽ پيار جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. هونئن به رئيس ۽ سردارن پيرن ۽ ميرن جي تعريف سڀ ڪو ڪري ٿو پر اهڙن فقيرن ۽ فقرائن تي لکڻ لاءِ قلم کڻڻ لاءِ همت ۽ حوصلي جي ضرورت هوندي آهي.
ڪتاب جي جائزي وٺڻ مان خبر پوي ٿي ته هي ڪتاب سائين قلندر شاهه جي باري ۾ مڪمل ۽ مفصل معلومات ڏيڻ ۾ سئو سيڪڙو ڪامياب ٿيو آهي. مونکي اهو به يقين آهي ته ناصر پنهور جي ان بي لوث ڪاوش تي سائين قلندر شاهه جي سادڙي قلندري روح کي راحت ضرور آئي هوندي. ۽ ها سائين قلندر شاهه ان ڳالهه تي مسڪرايو ضرور هوندو ته پنهنجن کان وسريا ناهيون.