سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت عمران خان جي هوندي؟

0
277

سنڌ ۾ به تياري ڪيو، اتي به عمران خان حڪومت ٺاهيندو، اها ڳالهه گهرو وزير شيخ رشيد احمد آزاد ڄمون ڪشمير جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ) جي ڪاميابي کانپوءِ لال حويلي ۾ جشن ملهائيندي ڪئي، ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به چيو آهي ته عوام جي ٿڏيل ماڻهن کي سنڌ تي مڙهڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. شيخ رشيد ۽ بلاول ڀٽو جي بيانن مان انهي تاثر کي هئي ملي ٿي ته سنڌ ۾ “اسٽيٽس ڪو” تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اهڙيون ڪوششون ڪامياب ٿي سگهن ٿيون؟
هونئن ته پاڪستان ۾ سڀ ڪجهه ممڪن آهي، ڇو ته سياست ۾ غير سياسي قوتن جي مداخلت گهڻي وڌيڪ آهي، پر پاڪستان جا ڪجهه علائقا اهڙا آهن جتي غير سياسي قوتن لاءِ پنهنجي سياسي تدبيرن (Maneuvering)تي عمل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي.
انهي ۾ ڪراچي کانسواءِ سنڌ جي ٻين ضلعن جا علائقا شامل آهن انهي جو سبب اهو آهي جو انهن علائقن ۾ پ پ جي سياسي پڪڙ گهڻي مضبوط آهي ۽ آزاداڻي چونڊ عمل ۾ انهي جو سياسي مقابلو ڪرڻ قطعي طور سولو نه آهي. پنجاب ۾ به ڪجهه اهڙا علائقا آهن جتي مسلم ليگ ( ن ) جي سياسي پڪڙ مضبوط آهي، اتي به چونڊن جي سياست ۾ انهن جو مقابلو ڪرڻ ڏکيو آهي. سڄي بلوچستان، ڪي پي جي اڪثر علائقن ۽ ڪراچي ۾ ڪنهن سياسي پارٽي جي پڪڙ مضبوط ٿيڻ نه ڏني وئي، انهن علائقن ۾ جيڪڏهن ڪنهن سياسي جماعت جي پڪڙ مضبوط هئي ته انهي کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي وئي. اتي غير سياسي قوتون جيڪا به سياسي حڪمت عملي ٺاهينديون آهن، انهن تي عمل ڪرڻ سولو هوندو آهي.
سنڌ جو ووٽ بينڪ چئن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ ووٽ بينڪ ڀٽو جو آهي، جيڪو وقت سان گڏوگڏ گهٽ ٿيندو پيو وڃي، پر اڃان تائين موجود آهي لازمي طور اهو پيپلز پارٽي جو ووٽ بينڪ آهي. ٻيو ووٽ بينڪ سنڌي قومپرستي ( نيشنل ازم ) جو آهي اهو ووٽ بينڪ ايترو گهڻو ناهي جو قومپرست جماعتون چونڊن ۾ پنهنجي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائي سگهن. انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جون قومپرست جماعتون سياسي طور جهڙي نموني سرگرم آهن، موجوده دور ۾ اهڙيون سياسي سرگرميون دنيا ۾ شايد ئي ڪٿي ٿينديون هجن. لانگ مارچ، احتجاجي مظاهرا، جلسا، جلوس ، ريليون، بک هڙتال سنڌ ۾ روزاني ڪنهن نه ڪنهن نموني جون سياسي سرگرميون ٿينديون رهنديون آهن، انهن سرگرمين سان قومپرستي جا جذبا ۽ سياسي سجاڳي ۾ اضافو ٿيندو آهي. انهي جو فائدو به پيپلز پارٽي کي ٿيندو آهي ڇو ته قومپرستن وٽ پارليامينٽ جو فورم ناهي. پيپلز پارٽي انهي فورم تي سنڌين جو ڪيس وڙهندي آهي ۽ ٻين وفاق پرست جماعتن جي ڀيٽ ۾ سنڌي پيپلز پارٽي کي پنهنجي نمائنده سياسي جماعت تصور ڪندا آهن. قومپرستي جون مضبوط پاڙون سنڌي مڊل ڪلاس ۾ آهن جنهن کي پيپلز پارٽي جي حڪومتن جنم ڏنو ۽ معاشي فائدا ڏنا.
ٽيون ووٽ بينڪ وڏيرن، پيرن ۽ با اثر ماڻهن جو آهي جيڪي چونڊجي سگهندڙ يا اليڪٽيبلز سڏيا ويندا آهن. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي لڳاتار حڪومتن ۾ آهي هر تڪ ۾ پيپلز پارٽي جا وڏيرا، پير ، بااثر ماڻهو پنهنجي سياسي مخالفن کان وڌيڪ مضبوط ٿي ويا آهن، ماضي ۾ عام ماڻهن کي به پيپلز پارٽي جون ٽڪيٽون ڏنيون ويون هيون، اهي عام ماڻهو به هاڻي وڏا وڏيرا ٿي ويا آهن.
هر تڪ ۾ انتطاميا ۽ پوليس جي انهن کي مدد حاصل آهي ترقياتي فنڊز ۽ نوڪرين ذريعي هو ننڍن وڏيرن ۽ پارٽي عهديدارن کي خوش رکندا آهن. پيپلز پارٽي جي اليڪٽيبلز جو مقابلو ڪرڻ سياسي مخالفن لاءِ ڏاڍو ڏکيو آهي. چوٿون ووٽ بينڪ اهو آهي جيڪو پئسا خرچ ڪري ٺاهي سگهجي ٿو. پيپلز پارٽي جي ماڻهن وٽ ڏوڪڙن جي به کوٽ ناهي.
ڪجهه ٻيا سبب به آهن جيڪي پپيلز پارٽي جي حق ۾ آهن پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف جهڙين وفاق پرست سياسي جماعتن يا ته سنڌ ۾ دلچسپي ناهي ورتي يا انهن کي سنڌ ۾ سياست ڪرڻ ۾ گهڻي ڏکيائي آهي. ٻي ڳالهه اها آهي ته جهڙي طرح پنجاب ۾ ڪجهه اليڪٽيبلز ڪنهن به سياسي جماعت جي حمايت کانسواءِ کٽي سگهندا آهن، اهڙي طرح سنڌ ۾ اهڙن ماڻهن جو تعداد تمام ٿورو آهي. پنجاب ۾ مسلم ليگ ن جي اليڪٽيبلز کي ٽوڙي تحريڪ انصاف ۾شامل ڪيو ويو. سنڌ ۾ اهڙي قسم جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون آهن. پيپلز پارٽي مخالف قد آور سياسي شخصيتون پنهنجي تڪن جي چونڊ سياست ۾ ڪمزور ٿي چڪيون آهن. گذريل ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ گڏ ٿيل سياسي شخصيتن پيپلز پارٽي خلاف لاڙڪاڻي جي “راڄوڻي اتحاد” وانگر هر تڪ ۾ اتحاد ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو پر انهن شخصيتن مان ڪنهن کي پپيلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ يا پپيلز پارٽي جي ٽڪيٽ ملڻ جو موقعو ملي وڃي ته اهي هر گز نه وڃائيندا. ٽئين ۽ اهم ڳالهه اها آهي ته شايد سنڌ جو هاڻوڪو سياسي توازن طاقتور ڌرين جي فائدي ۾ هجي، سنڌ جي سياست ۽ سماج تي گهري اک رکندڙ اسان جي هڪ دوست ۽ اڳوڻي صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته پپيلز پارٽي هڪ سياسي جماعت نه پر هڪ سياسي فرقو آهي. ڪي غير معمولي حالتون يا غير معمولي واقعو ئي صورتحال تبديل ڪري سگهي ٿو. عام حالتن يا ڪوششن سان اهو ممڪن ناهي.