خلا ۾ زندگي گذارڻ جو خواب ساڀيان ٿي سگهندو؟

 

(حصو پهريون)

 

انسان صدين کان زندگي جي مختلف شعبن ۾ تحقيق ڪري رهيو آهي، ڪو وقت هو ته ماڻهو انتهائي سادي زندگي گذاريندا هئا سهولت ۽ آسائش جون شيون نه برابر هيون پر ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي، ان بنياد تي مختلف دورن ۾ سائنسدانن بجلي، فون، گاڏيون، جهاز، صنعتڪاري ۽ ٻين ايجادن ۾ ڪامياب ٿيا آهن اهڙيءَ ريت فلڪيات جا ماهر جيڪي نظامِ شمسي تي تحقيق ڪندا رهيا آهن. اهڙي طرح آمريڪا جو خلائي ادارو NASA 29 جولاءِ 1958ع ۾ قائم ڪيو ويو، پاڪستان ۾ به خلائي تحقيق جو ادارو SUPARCO16 سيپٽمبر 1961ع ۾ قائم ڪيو ويو جيڪي پڻ خلا بابت تحقيق ڪري رهيا آهن.  چائينا پڻ خلائي سائنسدانن پنهنجو اهم مشن پورو ڪيو آهي، جنهن ۾ هو مريخ ۾ هيليڪاپٽر هلائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. آمريڪي ڄائو نيل آرم اسٽرانگ ۽ ان جا ساٿي 21 جولاءِ 1969 تي چنڊ تي پهتا هئا ۽ ايئن دنيا جي خوشحال ملڪن ۾ اسپيس جي دنيا ۾  مقابلو وڌندو رهيو، ان کان اڳ 1957ع ۾ روس پهريون ملڪ هو جنهن اسپورٽنڪ سيارو خلا ۾ موڪليو، اهڙي طرح سان خلائي سائنسدادن هميشه جاکوڙ ۾ رهيا ۽ اسان تائين خلا بابت ڄاڻ مهيا ڪندا رهيا آهن. ڪيتري وقت کان اهي مريخ يعني ڳاڙهي گرهه تي پهچڻ ۽ اتي رهائش لاءِ ڪاوشون ڪري رهيا آهن، سال 1998ع ۾ خلائي سائنسدان خلا ۾ I.S.S  يعني انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويا جتي فقط تحقيق ٿنيدي رهي ٿي، هي اسپيس اسٽيشن زمين کان 400 ڪلوميتر پري آهيم جنهن جي ماپ هڪ فٽبال اسٽيڊيم جيتري آهي ۽ ان جو وزن 420 لک ڪلوگرام آهي، هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ايڏو وڏو ۽ وزندار اسپيس اسٽيشن خلا ۾ ڪيئن پهچايو ويو، هن جا مختلف حصا اسپيس ۾ پهچائي پوءِ کين ڳنڍيو ويو آهي، هي دنيا ۾ خلائي حساب سان سڀ کان مهانگي شيءِ ٺاهي وئي آهي جنهن تي اٽڪل150 بلين ڊالر خرچ آيو آهي، يعني 1150 کرب رپيا ٿين ٿا.  هتي خلابازن جي زندگي ڪيئن ٿي گذري انهن جو کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويهڻ، آڪسيجن، ورزش ۽ ٻيون شيون ڪيئن حاصل ڪن ٿا ۽ اهي بنا گريويٽو (Gravity)يعني ڪشش ثقل جي رهن ٿا، انهن کي آڪسيجن ڪٿان ملي ٿي. (جاري)

 

آخوند نوراحمد ڏھوٽ/ڦلجي اسٽيشن

شيڊيولڊ ڪاسٽ برادريون پاڻي لاءِ به سڪنديون ھيون!‎‎

 

چوندا آهن ته پاڻي زندگي آهي، پاڻي کان سواءِ جيئڻ ممڪن ناهي پر ڇا توهان کي خبر آهي ته هن پاڻي لاءِ اسان کي ڪيتريون قربانيون ڏيڻيون پيون؟ ھڪ اھو به وقت هو جڏهن مون ۽ مون جهڙا لکين ماڻهو هن پاڻي کي هٿ به نه لڳائي سگهندا هئا. اڄ کان 95 سال اڳ پاڻي جي به ذات ھوندي ھئي، نديون تلاءَ به ذاتين جي حساب سان ورهايل ھوندا ھئا. مٿين ذات وارن وٽ پاڻي جي ڪا به کوٽ نه هئي پر اڇوت، شودر برادري جا ماڻهو پاڻيءَ جي هڪ ڦڙي لاءِ مٿين ذات وارن جا محتاج ھوندا ھئا.  ماڻهو پاڻيءَ لاءِ اڃ مري ويندا هئا پر جاتيوادي پاڻي جي ھڪڙي سُرڪَ به نڙي ھيٺ لھڻ نه ڏيندا ھئا، انهن تلائن مان ڪتا، ٻليون، مينھون پاڻي پيئنديون هيون پر ڪنهن به دلت کي پاڻي پيئڻ جو حق نه هو، برهمڻ وادين پاڻي کي به ورھائي ڇڏيو ھو، انسان ۽ انسان ۾ ڀيد ڀاوَ جو ٻج ڇٽيو هو .بابا صاحب ڊاڪٽر ڀيم رائو امبيڊڪر هن منحوس روايت ۽ منووادي سوچ جي خلاف اهڙي بغاوت ڪئي جنهن منووادين جون پاڙون پٽي ڇڏيون.20 مارچ 1927ع جي تاريخ هئي منجهند جو وقت هو سج جا شعاع تلاءَ جي پاڻيءَ تي پوڻ ڪري ھو چمڪڻ لڳو ھو، هجوم تلاءَ جي ڏاڪڻن تان هيٺ لهڻ لڳو ھو، سڀني کان پھريان امبيڊڪر لٿو، ھن ھيٺ جھڪي پاڻيءَ کي هٿ سان ڇهيو، هيءَ تاريخي گھڙي هئي جنهن ۾ ھڪ انقلاب جنم ورتو هو، هي اُهو لمحو هو جنھن انسان ۽ انسان جي وچ ۾ فرق ڪرڻ واري منووادي، منحوس جي سوچ تي سخت حملو ڪيو هو. هندستاني تاريخ ۾ ھي ھڪ پل ھو جنھن صحيح معنيٰ ۾ گڏيل هندستان کي هڪ قوم/ملڪ بڻايو ھو، ھن مھان واقعي لکين اڇوتن کي انسان جو درجو ڏنو ھو. انگريز سرڪار ۾ 1924ع ۾ مهاراشٽرا جي سماج سڌارڪ ايس ڪي بولي بمبئيءَ جي وڌان منڊل ۾ هڪ سٺو ڪم ڪرايو، جنهن ۾ حڪومت سرڪاري هنڌن جهڙوڪ عدالتن، اسڪولن، اسپتالن، کوھن تلائن وغيره تي اڇوتن کي وڃڻ ۽ استعمال ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو . ڪولابا ضلعي جي مهاڙ ۾ موجود چوڌاري تلاءَ ۾ عيسائي، مسلمان، پارسي ۽ ايتري قدر ڪتا به پاڻي پيئندا هئا پر هتي اڇوتن کي پاڻي پيئڻ جي اجازت نه هوندي هئي. مٿين ذات جي هندن سرڪار جي حڪم کي مڃڻ کان انڪار ڪيو. حڪومتي حڪم جاري ٿيڻ باوجود، جاتيوادي اوچي ذات جي هندن اڇوتن کي عوامي تلائن ۽ کوهن مان پاڻي پيئڻ جي اجازت نه ڏني، ڊاڪٽر امبيڊڪر چوندو هو ته حق گھرڻ سان ناھن ملندا پر اهي کسڻا پوندا آهن. اڄ توھان ۽ مان جڏهن ۽ جتي چاھيون پاڻي پي سگھون ٿا اڄ پاڻ ويھه رپين ، ٻه سئو رپين يا ھن کان مھانگي بوتل خريد ڪرڻ جي لائق ٿي ويا آھيون  پر اسان کي ان لائق بنائڻ لاءِ. ڊاڪٽر بابا صاحب امبيڊڪر جون تمام گهڻيون ڪوششون ۽ قربانيون آھن، ان ڪري پنھنجي خون جو هر ڦڙو بابا صاحب ۽ سندس ساٿين جي هزارين ڪوششن جو مقروض آهي.

 

دولت راءِ دراوڙ/ ڀيل نگر، اسلام ڪوٽ

 

چانهن جو چسڪو!‎‎

 

چانهن ھڪ احساس جو نالو آهي، ڪو چانهن پيئڻ جي فرمائش ڪري ته سمجھي وڃو ته ھو اوھان سان وقت گذارڻ چاھي ٿو، درويشي مشروب چانهن ٿڪاوٽ ھجي، ڪاوڙ، پريشاني، خوشي، غمي، ڏک سک، موسم جي اثرن پنھنجن سان گڏ اڪيلائيءَ جي ساٿي چانهن جو چسڪو ضروري ۽ عين فرض واجب جيان لازم ملزوم ٿي پيو آهي. گھر ۾ ڪو مھمان اچي ته سڀئي ھڪ آواز ٿي چون ويهه ويهه چانهن پي وڃ، مھمان وڃڻ جي ڪري ته ڪو ھڪ ڀاتي انھي جي ڪڍ لڳي چوندو ته چانهن پيءُ، تنھنجي صدقي اسين به پيئنداسين، ڪيترئين ئي ڪميوٽين ۾ اڃا ميت يا فوتگي ٿيندي ئي مس آهي، ڪفن دفن جي انتظام کان اڳ چانهن جو ديڳڙو چلھه تي چاڙهيو ويندو آهي، ھڪ ايمبولينس جي ڊرائيور کي نوڪريءَ تان انھي ڪري ھٿ ڌوئڻا پيا جو ھن چانهن جي ھوٽل ڏسي گاڏي بيھاري مٿي جي سور لھرائڻ ڪاڻ چانهن لاءِ جي بيٺو ته مريض وڃي موت جو راھي ٿيو. ھڪ اسپتال ۾ نانگ ڪکيل مريض جي زھر کي ڦھلجڻ کان بچاءَ واري پٽي کولي، ڊاڪٽر چانهن پيئڻ ويھي رھيو، زھر ڦھلجڻ ڪري ڪکايل ڌڻيءَ در تي پهچي ويو، شگر جي مرض جي نشاندهي ٿيندي ئي ڊاڪٽر مريض کي چوندا آهن ته ڦڪي چانهن استعمال ڪجو، اھو چئي مريض کي ڄڻ سونٽو وھايو ڪڍندا آهن، ڌارين جي آبادڪاري جي خلاف ڪم ڪنڌڙ ڪڙڪ چانهن جي چڪر ۾ ڌارين جي ھوٽل تي چانهن پيئڻ کي عار نه سمجھندا آهن، ڌاريان به انھن جي ان ڪمزوريءَ کان خوب واقف آھن، اھي به ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جيان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ چانهن جي ھوٽلن جو ڄار وڇائيندا پيا وڃن، جتي اسان جا انقلابي ويهي ٿڪ به ڀڃندا آهن ۽ مٿي جي سور لاءِ چانهن جي چسڪو پڻ وٺندا آهن.

الھڏنو راھمون/ سجاول

ملڪ ۾ پيدا ٿيل آئيني ۽ سياسي بحران جو دنگ!

 

پياري ملڪ ۾ پيدا ٿيل سياسي انارڪي ۽ آئيني بحث جو ڪو ته انت هجڻ کپي، هر ايندڙ نئيم ڏينهن تي ڪو نه ڪو سياسي ڌرين پاران اهڙو عمل هڪ ٻئي خلاف ٿئي ٿو جنهن جو بل واسطه يا بلا واسطه واسطو رهي ئي رهي ٿو. اسان جي سياسي ڌرين پاران هڪ ٻئي خلاف ٿيندڙ سازشن جي تاريخ ته تمام پراڻي آھي جنهن هميشه سياسي بحرانن مان آئيني بحرانن کي تڪڙن بنيادن تي جنم ڏنو آھي ۽ ان آئيني بحران جا سياسي طور نتيجا ڪي چڱا نه نڪتا آھن. اوهان ملڪي سياسي تاريخ جي پهرين ڏهاڪي ۾ وڃو ته اوهان کي جسٽس منير پاران ڏنل فيصلي جي تناظر ۾گورنر جنرل غلام محمد پاران آئينساز اسيمبلي کي نظريه ضرورت تحت گهر ڀيڙو ڪرايو ويو. ان عمل کان پوءِ جيڪا 1958ع ۾ مارشل لا لڳي تنهن جو به رستو ڄڻ ته ان عمل جو تسلسل هو. اهڙي نموني لاڳيتو هر 10 پندرنهن سالن اندر ملڪ ۾ مارشل لائون لڳنديون رهيون. ايوب خان، جرل ضياءَ کان ويندي جنرل مشرف جو اچڻ به اسان جي ملڪ ۾ سياسي ڌرين پاران هڪ ٻئي جي ڄنڊاپٽ جو نتيجو هو جنهن کي وساري نٿو سگهجي. اسان سياسي حلقن جي ڪنهن به سٺي عمل جا انڪاري ناهيون ۽ دنيا ۾ هميشه رياستون بهتر قيادتن جي اڳواڻي ۾ دنيا آڏو سرخرو ٿينديون آھن پر اسان ڏسون ٿا ته قائداعظم محمد علي جناح جي موت واري معاملي کان پوءِ ٿيندڙ سياسي ۽ اقتداري المين پويان ظاهري طور تي اسان جون سياسي ڌريون ئي سامهون هونديون آھن. مثال طور قائد عظم محمد علي جناح، لياقت علي خان، شھيد ڀٽو کان جنرل ضياءَ جي حادثي کان ويندي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي بي وقتائتي حادثن ملڪ جي سياسي ڌرين کي تمام وڏو نقصان پهچايو ۽ اهو نقصان سڌو سنئون پاڪستان خلاف ڄڻ ته ڪنهن وڏي منصوبابنديءَ جو حصو پڻ نظر آيو آھي. هن وقت به گذريل ڏيڍ سال کان عمران مخالف تحريڪ ۽ ان کان پوءِ سندس اقتدار کان هٽڻ کي امپورٽيڊ سازش قرار ڏنو پيو وڃي عمران خان پاران هن وقت ملڪ ۾ هي جيڪو مهانگائيءَ جو بي قابو جن نذر اچي ٿو سو به ملڪ سياسي استحڪام نه هجڻ ۽ ڪرپشن کان سواءِ هڪ ٻئي جون ڄنگهون ڪڍڻ ئي نظر اچي ٿو، جنهن سبب ملڪ ۾ هڪ نئون سياسي ۽ آئيني بحران پڻ پيدا ٿي پيو آھي، جيڪو ڪنٽرول کان ٻاهر نڪرندو پيو وڃي. ان سياسي بحران هاڻ اچي عدالتن جو در کڙڪايو آھي ۽ عدالتن اليڪشن ڪرايو نه ڪرايو واري مخمصي ۾ آڻي اچي سياسي ڌرين لاءِ امتحان جهڙي صورتحال پيدا ڪئي آھن.

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

 

تعليم جي لحاظ سان سنڌ ئي ڇو پٺتي پيل آهي؟

 

تعليم اھو ھٿيار آھي جنھن جي ذريعي قوم خوشحال زندگي گذاري سگھي ٿي. تعليم جي ذريعي ئي قوم طرقي ڪري سگھي ٿي ۽ دنيا جي نقشي تي ظاھر ٿي سگھي ٿي. قوم جي ترقي، ڪاميابي ۽ خوشحاليءَ جي ضامن فقط تعليم ئي هوندي آھي. تعليم جي ذريعي دنيا کي فتح ڪري سگھجي ٿو. ھن ڊجيٽل زماني ۾ چائينا ۽ آمريڪا جھڙا ملڪ ڪڪرن کي ڪيرائڻ ۽ چنڊ کي چيرڻ جي دعوا ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن سنڌ جي طرف نظر گھمائجي ته ڪجھه اھڙيون سٽون پڙھڻ وٽان ملنديون. يونيسڪو جي 2018ع جي رپورٽ موجب سنڌ ۾ 30 لک ٻار اھڙا آھن جن ڪڏھن اسڪول جو منھن ئي ناھي ڏٺو ۽ پنجين ڪلاس جي ٻارن مان 50 سيڪڙو ٻار اھڙا آھن جيڪي پنھنجي ٻولي کان سواءِ ٻي ٻولي پڙھي به نٿا سگھن. جيڪڏهن سنڌ جي بدتر تعليم جي ڳالھه ڪجي ته اصل ڏوهه ڪنھن جو آهي؟ ٻار جو؟ استاد جو؟ يا حڪومت جو؟ توھان جي نظر ۾ ڏوهه انھن مان ڪنھن ھڪ جو ھوندو پر حقيقت ۾ ٻار، استاد ۽ حڪومت ٽئي جوابدار ۽ ڏوهاري آھن.  سڀ کان پھرين ٻار جنھن جو ڌيان تعليم تي 30 سيڪڙو ھوندو آھي ۽ 70 سيڪڙو موبائل تي ھوندو آھي. موبائل ۾ پبجي، ٽڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام جھڙيون اپليڪيشنز ھلائي پنھنجو وقت برباد ڪن پيا. جيڪڏهن استاد جي ڳالھه ڪجي ته سرڪاري استاد صبح جو پنھنجا ٻار پرائيويٽ اسڪول ۾ ڇڏي پاڻ سرڪاري اسڪول ۾ پڙھائڻ ويندا آھن. ان مان صاف ظاھر ٿئي پيو ته استاد پنھنجي پڙھائيءَ مان مطمئن ناھن. گورنمينٽ جي ڳالھه ڪجي ته اسڪولن تي گورنمينٽ جو ڪو به ڌيان نه آھي. اسڪولن ۾ فرنيچر ، ڪتاب ۽ نه وري پيئڻ لاءِ صاف پاڻي مهيا ڪيو ويندو آھي ۽ ڪٿي وري ڪجھه اھڙا اسڪول به ڏسڻ وٽان ملندا آھن جن اسڪول ۾ پڙھندڙ ٻارن کي اھو خوف ھوندو آھي ته متان اسڪول جو ڀت سندن جي مٿان ڪري نه پوي. گورنمينٽ کي گھرجي ته تعليم جو نظام بھتر بڻائي ته جيئن ايندڙ نسل تعليم جھڙي عظيم نعمت کان محروم نه ٿين.

 

شان سنڌي/ کپرو

 

پکين جا آکيرا ۽ ٻڪرار!‎‎

 

انڊيا جي اليڪشن ڪمشنر “ٽي اين سيشان” پنهنجي فيملي سان اتر پرديش جي دوري دوران رستي تي هڪ باغ ۾ گھمڻ ويو ته باغ جي وڻن ۾ پکين جا آکيرا ڏسي سندس زال فرمائش ڪئي ته هڪ آکيرو لهرائي ڏيو ته گهر ۾ ڊيڪوريشن طور لڳايان. ڪمشنر صاحب سامهون بيٺل ٻڪرار کي چيو ته هڪ آکيرو لاهي ڏي، سئو رپيا ڏيندوسانءِ. نينگر صاف انڪار ڪيو ته هن هزار رپين جي آفر ڪئي پر ٻڪرار چيو ته لک به ڏين پر آئون آکيرو نه لاهيندس. ڪمشنر صاحب پنهنجي گارڊ کي چيو ته ڇوڪري کان زبردستي آکيرو لهرايو. جڏهن نينگر تي زور زبردستي ڪئي وئي ته هن چيو ته هي آکيرا نه پر منهنجي ڏيھه جي معصوم پکين جا گهر آهن، هينئر پکي داڻي پاڻي لاءِ ٻاهر ويل آهن، واپس ورندا ته پنهنجا آکيرا ۽ ٻچا نه ڏسي انهن تي ڇا گذرندي؟ اهو سوچيو اٿو؟ اوهان ماري به ڇڏيو تڏهن به آئون ڪڏهن به توهان کي پکين جو اهو آکيرو نه لاهيندس. ٽي ايچ سيشان واپس اچڻ کان پوءِ اڪثر ان ڳالھه تي اداس رهندو هو ۽ سوچيندو هو ته هڪ آءِ سي ايس آفيسر هوندي به منهنجي اها سوچ، لوچ، پريت، وطن جي اڪير، محبت ۽ مودت ڇو نه پيدا ٿي جيڪا هڪ ٻڪرار جي دل ۽ دماغ ۾ هئي؟ سيشان کي اندر جي اوٻر ايڏو ته تنگ ڪيو جو هن پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏئي انساني ڀلائي جا ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. تعليم، سماجي رتبو ۽ ٺٺ ٺانگر انسانيت جو معيار ڪونهي. محض گهڻي معلومات وٺڻ ۽ رکڻ کي علم ڪونه چوندا آهن، علم اهو آهي جنهن ۾ اوهان کي اوهان جي چوڌاري رهندڙ انسانن، جانورن، پرند چرند، ماحول، وڻن ٽڻن جي موجودگي انهن جي ڏکن ڏوجهرن جو به احساس هجي.

امتياز باز ڦلپوٽو/ڪنگري،خيرپور

ڪاڇي ۾ تيزيءَ سان وڻن جي واڍي جاري آهي!‎‎

 

اهو ڏينهن خالي ناهي جو اوهان کي ڪاڇي جي روڊن رستن تان ڪاٺ سان ڀريل ٽراليون نظر نه اچن، ڪاڇي واسين وس وارن اعليٰ اختيارين کان مطالبو به ڪيو آهي ته ڪاڇي ۾ وڻن جي واڍي بند ڪرائي وڃي، ڪاڇي جي مختلف شهرن ڳوٺن مان روزانون ڪيتريون ٽراليون ڀرجي نڪرن ٿيون، ماحول دشمن مافيا پاران ڪاڇي مان ڪنڊي، لئي، ڄار، ٻٻر، ٻير ۽ ٻين قيمتي وڻن جو خاتمو آڻي ڇڏيو آهي، جنهنجي ڪري هتان جي ماحول کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي، ڪاڇي ۾ وڏو ظلم آهي ته ماحول دشمن مافيا خلاف حد جي پوليس ۽ لاڳاپيل اختياريون ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن.  پوليس ته هن ڪڌي عمل کي پنهنجي لاءِ ڪاروبار جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي جيڪا في ٽرالي تي پئسا ورتا وٺي پنهنجا ڀَڀ ڀري رهي آهي. ڪاڇي ۾ وڻن جي واڍي تيزيءَ سان جاري آهي، پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ وڏي وڻڪاري ڪئي پئي وڃي پر اسان جي سنڌ ۾ ان جي ابتڙ وڻ ڪٽيا وڃن ٿا، جيڪا نهايت افسوس ۽ ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال آهي. ڪاڇي جي هن اهم مسئلي تي اجتمائي آواز اٿارڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ ڪاڇو ڪجهه سالن اندر ڀڙڀانگ ٿي ويندو، هر طرف ويران ۽ خالي پث نظر ايندا، ڌرتي جي سونهن ميسارجي ويندي.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

 

نوڪرين جي اڻاٺ ۽ نوجوان!

 

هن وقت جڏهن چئوڦير نظر ڊوڙايون ٿا ته رڳو بُک، بدحالي، بيروزگاري ئي نظر اچي ٿي. صورتحال اهڙي جوڙي وئي آهي جو غريب طبقي جو شاگرد پنهنجي پسند جو ڪتاب به خريد نٿو ڪري سگهي. هن وقت هاسٽلن ۾ رهندڙ غريب شاگردن وٽ ماني کائڻ جيتري به حيثيت ناهي رهي، مڇي ماني کائڻ وارو طبقو به هن وقت تمام گھڻو پريشان رهي ٿو. معاشي مسئلن جي ڪري نفرتون گهرن ۾ وڌي رهيون آهن. رياست چاهي ٿي ته ڀلي ماڻهو پنهنجين پريشانين ۾ وڪوڙيل رهن. جيئن هو پنهنجن وسيلن تان هٿ کڻي وڃن. جڏهن ويڙهه جي سگهه کسي وٺبي ته اسان پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ ڪهڙو وڙهي سگهنداسون. هاڻ ويجهر ۾ سنڌ حڪومت نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ آءِ بي اي اداري پاران ٽيسٽ ورتي وڃڻ جو طئي ڪيو ويو هو ۽ پوءِ وڏي وٺ سٺ کان پوءِ سال کان پوءِ هُنن گريجوئيشن ڪيٽيگيري جي ٽيسٽ ورتي. اڃا باقي ٻيا اميدوار هن وقت تائين رهيل آهن. نوڪرين ڏيڻ جو ته اڃان آسرو ئي نه ڪرڻ گهرجي، ماسترن کي به اڃا ڪا پگهار به نه ملي سگھي آهي، هُو به يارڙا گهڻو پريشان حال ۾ آهن. سواءِ کين ڏٽا ڏيڻ جي حڪومت وٽ ڪجھه رهيو ئي ڪونهي. اقتصادي مسئلو ئي ماڻهوءَ کان ذهني سڪون ۽ چين کسي وٺي ٿي. زرداري حڪومت وبا جيان سنڌ جي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آهي، جيڪا رڳو ٻچا کائيندي ٿي وڃي. اسان وٽ متبادل هوندي به چڱي ريت پنهنجو اُميدوار چونڊي ڪونه ٿا سگهون. جنهن جي نتيجي ۾ پاڻ کي هيڏيون ساريون ڀوڳنائون ئي جهول ۾ پئجن ٿيون. سياسي حوالي سان ڏسجي ته نوجوان به گهڻا مايوس آهن، ڀلي هُو پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ پنهنجي دل کي دلاسو ڏيندا هجن، جيسين اقتصادي مسئلو حل ڪونه ٿيندو، مڃون ٿا ته هن وقت پاڻ وٽ نوجوان پڙهن ٿا ۽ ميرٽ تي چونڊجي به اچن ٿا پر هيڏي ساري نوڪرين جي اڻاٺ جيسين هوندي ته ميرٽ تي چونڊجي آيل نوجوان پريشانين ۾ ئي ورتل هوندا.

 

ڪاشف گاڏهي/ڪراچي

 

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

 

قيديءَ جي ڊائري، جي عنوان سان دلدار وساڻ جي ڊائريءَ جو حصو پهريون اڄ جي اخبار ۾ لڳو آهي، هُن جي تصوير ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي، اها تصوير اُن جي مون ٺهرائي هئي ۽ قيدي جي ڊائري عنوان به اُن کي مون ڏنو هو ۽ اها ڊائري فيئر ڪرڻ کان سواءِ لکي به مون ئي هئي، آئون اميد ٿو ڪريان ته اڄ هو گھڻو خوش هوندو ۽ مون کي به گھڻو ياد ڪندو هوندو، ان کان سواءِ نثار کوکر جو ڪالم “بغاوت جا مقدما ۽ بچي ويل ففٿ جنريشن” پڙهي به مزو آيو. سائين نثار کوکر صاحب جو آئون وڏو فين آهيان، هو تمام بهتر ڪالم نگار آهي. وارڊ ۾ آيل نئون اردو ڳالهائيندڙ سپاهي ڏاڍو سٺو ٿو ڳالهائي. هُن جي اُچاريل لفظ ڀائي ۾ جيڪو ميٺاڄ، پنهنجائپ، ڏاهپ، رمز، رسم، عزت ۽ احترام، نوڙت، درگذر۽ شفقت سمايل آهي سا ٻئي ڪنهن سپاهيءَ ۾ ناهي. هو بار بار منهنجي کوليءَ تي اچي بيهي ٿو ۽ چوي ٿو ته ٻاهر جو موسم سٺو لڳو پيو آهي، توهان پسار ڪرڻ لاءِ ڇو نٿا اچو؟ جنهن کي آئون مُرڪي اهو ئي جواب ٿو ڏيان ته آئون عابد جي اچڻ کان پوءِ ئي پسار ڪندس. منهنجي مشقتي جي غير موجودگيءَ ۾ مارو بڙدي ۽ پريتم ڀيل به منهنجي گھڻي خدمت ڪندا آهن انهن ۾ تمام گھڻي پنهنجائپ آهي. اڄ مون ٽرائسپس ۽ ڪرائيءَ جي ورزش ڪئي. برسات وقفي وقفي سان ٿي رهي آهي ۽ ڏاهاڻي جو اسد سان ڪو به رابطو ڪو نه ٿي سگھيو آهي. پارڪ ۾ به برسات جو پاڻي بيهي رهيو آهي. ان جي ڪري پارڪ جم ۾ اڄ مزو نه آيو. هينئر سڀ ساٿي ٽي وي جي اڳيان ويٺا آهن، ڏاهاڻيءَ جو چوڻ آهي ته قيدين لاءِ 5 ورهين جي معافي صدر پاڪستان ڏني آهي. ڇو جو صبح جو پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي جو آهي ان جي خوشيءَ ۾ اها خبر پاڻي ڀرڻ ويو هو ته اتان قيدين وٽان ٻڌي آيو آهي.

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (14 آگسٽ 2022 شام جا 06:00 وڳا)