عمران جي گرفتاري ۽ سياسي اخلاقيات جو نڪتل ڏيوالو!

 

اسان جو ملڪ هن وقت به جن حدن ۾ آھي، اھا ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي، ڪو مڃي يا نه اسان ماضيءَ جي تاريخي حوالي کي نٿا وٺون، جيڪو ڪجهھ ٿيو سڀ اسان لاءِ ماضي آھي ۽ ماضي سواءِ سوچڻ ۽ ماتم ڪرڻ جي ٻيو ڪجهه به ناهي هوندو. اوهان تاريخ جا ورق کڻي کوٽي ڏسو، اسان سان سياست جي نالي تي ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آھي ان جو نتيجو اڄ سامهون آھي ته هتي سياسي اخلاقيات جي ڏيوالي کان ويندي نظرياتي کوٽ وڌيڪ ڦوٽھڙو کاڌو آھي. اهو سياسي قيادتن جو ڏوھ هو يا آھي يا ڦودني جو ڦير هو ۽ آھي. اڄ ملڪ ۾ ٻائيتال متل آھي ته وارو ڙي وارو، عمران خان گرفتار کپي؟ عمران خان ۽ سندس هم خيالن پاران جيڪا سياسي اخلاقيات کي تار تار ڪيو ويو آھي ان جو اوهان کي ڪٿي به دنيا ۾ مثال نه ملندو. سياست جي 12 سالن جي ماضيءَ ۾ جيري ڏيوالپڻي جو شڪار سياست ۽ سياسي اخلاقيات زوال پذير ٿي آھي، يا سياسي اخلاقيات جو تيزيءَ سان ترقي ڪئي آھي جو ايئن ۽ ايتري تيزي گندگيءَ جي ڦھلاءَ ۾ به ناهي ٿيندي ته ان ۾ ڪو حرج محسوس نه ٿيندو. اسان اچون ٿا ڪالھ عمران خان جي گرفتاريءَ واري معاملي تي ته بيخبر عمران خان جي يا ٻين پارٽين وٽ سياسي اخلاقيات ڪنهن ذاتي شخصيت جيان ڪري پئي آھي جو سياسي ۽ نظرياتي طور تي به هو پاڻ کي بالغ ناهن ڪري سگهيا جو هنن گذريل 15 سالن اندر اقتداري حوس ۾ اچي ذاتي بنيادن تي سياسي اخلاقيات جي ايڏي لتاڙ ڪئي آھي جو هو هڪ ٻئي جي سامهون ويهڻ لاءِ اخلاقي طور پاڻ کي گهٽ محسوس ڪندي تيار ناهن، جڏهن ته رياستن ۽ قومن جا ذميوار ۽ اهل اڳواڻ گهٽ ۾ گهٽ ايئن ناهن ڪندا. خبرون ته ايتري قدر به آيون آھن ته ڪالهوڪي زمان پارڪ چڙھائي واقعي کان پوءِ عدالت روڊ تي لڳڻ جا سانڀاها ٿيڻ پيا وڃن. هتي سياست جي نالي تي ٺڳي ڪرڻ، نظرياتي ۽ اخلاقي زاوين کان ڪمزور ٿيڻ کان ويندي رياستي ادارن جي رٽ کي محسوس ڪرڻ نٿا ڏين. رياست ماءُ جو درجو رکندي آھي جيڪا سدائين ڏيڻ جي موڊ ۾ هوندي آھي پر افسوس جو هتي رياستي ادارن کي سياسي ڏڍ تي بيهي ڪا به موٽ نه ڏيڻ هتان جي سياسي قيادتن جو کاٻي هٿ جي راند آھي، جنهن سبب اڄ سان کي هي حالتون نذر اچي رهيون آھن.

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

ڪوٽڏيجي جي برسات متاثرن جي واهر نه ٿي

 

ڪوٽڏيجي تعلقي جي برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ۽ چونڊيل نمائندن پاران وڏيرا شاهي کي نوازي ٽنهي ٽائونن سميت تعلقي ڪوٽڏيجي جي 14 يوسين تي وساڻ برادريءَ جا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري بجيٽ ھڙپڻ وراي ڪڌي عمل خلاف ڪنب سٽي پريس ڪلب جي صحافين پاران مظلوم عوام جو آواز بڻجي مختلف مسئلن تي خبرون لکڻ تي تڪ جا چونڊيل نمائندا ڀڙڪي پيا آهن، ايڊمنسٽريٽر ڪنب ٽائون اصغر وساڻ پاران ڪنب سٽي پريس ڪلب جي صدر ھريش ڪمار کي فون ڪري آفيس خالي ڪري ڊاھڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ واري عمل تي صحافين ۾ تاءُ پکڙجي ويو آهي. تعلقي ڪوٽڏيجي سميت خيرپور ضلعي جي صحافين پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، انفارميشن جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ کان پرزور مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته صحافي دشمن ڪارروايون فوري طور بند ڪيون وڃن. رجسٽرڊ ڪنب سٽي پريس ڪلب خلاف سازش بند ڪئي وڃي. ھوڏانھن ڪنب سٽي پريس ڪلب جي صدر هريش ڪمار موجب اسان جو ڏوهه صرف اھو آهي ته اسان جي صحافي دوستن برسات دوران قيامت خيز منظرن تي لکيو ۽ غريب مسڪين عوام جي دانھن، دردن کي منظرعام تي آندو. چونڊيل نمائندن توڙي انتظاميا جي پت کي وائکو ڪيوسين، جنهن تي ڪجھ بااثر ڀوتار ڏمرجي ھڪ ڪمري تي ٻڌل اسان جي ننڍڙي پريس ڪلب کي ڊاھڻ لاءِ ڪنب ٽائون جي ايڊمنسٽريٽر اصغر وساڻ کي موڪليو ويو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. چونڊيل نمائندن توڙي انتظاميا پاران برسات متاثرن صحافين توڙي پريس ڪلب جي صحافين جي سار ته نه لڌي وئي، رھندو اسان جي ننڍڙي گهر کي به ڊاهڻ لاءِ ھيلا ۽ وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن، اھڙي ڪارروائي تي افسوس جو اظهار ڪريون ٿا.

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

مظلوم ممتاز رستماڻي سان انصاف ڪيو!‎‎

 

جوهي جي علائقي ڪاڇو واهي پانڌي ۾ بااثر حڪومتي سرپرستي پوليس جي ملي ڀگت سان صدين کان آباد مقامي ماڻھن جي زمينن ۽ پلاٽن تي قبضن لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن. لڏپلاڻ جي انڪار تي پيرسن بيوهه راجل رستماڻي عورت جو مٿو ڦاڙي ڇڏيو، مردن جي غير موجودگي ۾ سامان اڇلائي ڇڏيو، واهي پانڌي پوليس 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود حملي ۾ ملوث بااثرن خلاف ڪيس داخل نه ٿيڻ ڪارروائي نه ڪرڻ تي زخمي بيوه عورت پٽ سميت پريس ڪلب جوهي پهچي احتجاج ڪيو ته علائقي مان تيل گئس نڪرڻ باوجود مقامي ماڻھن صدين کان آباد ماڻھن جو تر جي وڏيرن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، زبردستي لڏائڻ، قبضا ڪري ڪوڙا کاتا رکرائڻ، سميت حملا روز جا معمول بڻجي ويا آھن. بيوه راڄل جي پٽ ممتاز علي ولد مرحوم محمد شريف موجب ڪالھ مان مزدوري لاءِ گهر کان ٻاھر هئس بااثرن گهر تي حملو ڪري منهنجي والده تي سخت تشدد ڪري رتو رت ڪري مٿو ڦاڙي سامان اڇلائي ڌمڪيون ڏئي ويا آھن ته ٽن ڏينهن ۾ گهر ڇڏي هليا وڃو، ٻي صورت ۾ قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏينداسين، اسان غريب پريشان آھيون، هو بااثر واهي پانڌي جي بااثر وڏيرن جا ساٿاري آھن، جيڪي اسان جي ابن ڏاڏن جي زمين پلاٽ تي قبضو ڪرڻ چاھن ٿا هنن حملي آورن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيف جسٽس پاڪستان ڊسٽرڪٽ سيشن جج دادو انساني حقن جي تنظيمن آءِ جي سنڌ ايس ايس پي دادو کان نوٽس جو مطالبو ڪيو آھي.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

 

سيوهڻ واسين کي زهريلي جي پاڻيءَ جي سپلاءِ!

 

سيوھڻ شريف حضرت لعل شھباز قلندر جو ساليانو 771 هين عرس مبارڪ خيرن سان گذري ويو پر ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو فريدالدين مصطفيٰ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ اقبال جنڊاڻ پيئڻ جي صاف پاڻي جو ڪو به ايڪشن نه ورتو، شھري ته بدبودار زهريلو پيئڻ جو پاڻي ڪيئن مهينن کان پيئڻ لڳا آهن پر افسوس ته قلندر لعل شھباز عرس مبارڪ تي ايندڙ لکن جي تعداد ۾ زائرين کي به زهريلو پاڻي ميسر ٿيو، سيوھڻ منڇر ڍنڍ ۽ سم نالي جو بدبودار ۽ زهريلو پيئڻ جو پاڻي انتظاميا ڪيترن ئي مهينن کان ڏيڻ لڳي آهي، واٽر سپلاءِ جي تلائن ۾ پيئڻ جي پاڻي ۾ ڪيڙا ۽ گٽر جو پاڻي گڏجڻ ڪري شھرين ۾ ڪيترن ئي بيمارين جنم ورتو آهي، انتظاميا غائب آهي، شھرين جي زندگي داءَ تي لڳل آهي، جڏهن ته وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ پنهنجي وڏيرن جا ووٽ ڳڻڻ ۾ مصروف آهي، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪرپشن ۾ ٻڏل آهي پر ڪير به ان جو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته واٽر سپلاءِ ۾ فلٽر پلانٽ به ستن مهينن کان بند آھي، ٻئي طرف خراب پئيڻ جي پاڻي مان چانھ ٺاهجي ٿي ته چانھ ڦٽي وڃي ٿي، يعني خراب ٿي وڃي ٿي ۽ هي زهريلو پيئڻ جو پاڻي سڄو شھر واپرائي رهيو آهي، ان مان ظاهر آهي انسان جي پيٽ سان ڪھڙي حالت ڪندو هوندو. هي زهريلو پاڻي سيوھڻ شھر جي غريب طبقي جي عوام گھڻو استعمال ڪندو آھي. غريب عوام وٽ ڪلو اٽي وٺڻ جا پئسا ناهن، منريل واٽر جو پاڻي پئسن تي ڪٿا خريد ڪندا؟ جتي بيروزگاري گھڻي هوندي ۽ عوام کي اٽي جو ڪلو وٺڻ جا پئسا نه هوندا ڇا اتي غريب عوام پئسن تي پاڻي خريد ڪري سگھندو؟ غريب عوام مجبوريءَ ۾ اهو زهريلو پاڻي پيئندو. سيوھڻ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ پنهنجي تڪ جي عوام کي تباھي کان سواءِ ڪجھ ناهي ڏنو، نه ڪا سيوهڻ ۾ نوجوانن جي لاءِ ڪا روزگار لاءِ ڪا مل يا فڪيٽري آھي نه ڪنهن ٻئي روزگار جي سھولت آھي. هڪ بيروزگاري ٻيو پيئڻ جو پاڻي منڇر ڍنڍ جو زهريلو ملندو ته عوام کي هٿ سان زھر ڏئي مارڻ برابر آهي.

 

صفدر علي هاليپوٽو/ سيوھڻ شريف

موبائيل جي عادٿ مان ڪيئن آزادي ماڻجي؟‎‎

 

آن لائن دنيا جي ماھرن ۽ ايپ ڊيولوپرز موجب ته ماڻھو جيڪڏهن وقت تي قابو ۾ آڻي ته ان جي استعمال کي قابو ۾ آڻڻ تمام سولو آھي. ھن جديد ٽيڪنالجي جي دور ۾ توھان جو سوشل ميڊيا تي آن لائن رھڻ وڏي اھميت جو حامل آھي. سمارٽ فون جي پلي اسٽور ۾ ھر ھڪ ايپليڪيشن جو مالڪ اھو چاھي ۽ سوچي ٿو ته وڌ کان وڌ ماڻھو منھنجي ايپليڪيشن جي پليٽ فارم تان آن لائن رھن. انھيءَ طرف ڌيان ڇڪائڻ لاءِ اھي سافٽ ويئر جا ماھر پنھنجي ايپليڪيشن جي فيچرز کي ڏينھنون ڏينھن ايترو ته اپڊيٽ ڪن ٿا جو اسان سوچي به نٿا سگھون ۽ ھر عمر واري ماڻھن جي حساب سان آپشن کي رکن ٿا. توھان اھا شيءِ نوٽ ڪئي ھوندي ته جڏھن اسان پنھنجي سمارٽ فون ۾ ڪا به ايپليڪيشن شروعات کان اسٽارٽ ڪندا آھيون ته ان ۾ سڀ کان پھريان ذاتي ڄاڻ، عمر، ڄمڻ جي تاريخ، رھڻ جي جاءِ، پڙھائي جي ڄاڻ وغيره جھڙا سوال پڇيا ويندا آھن ۽ ان کي پاڻ وٽ محفوظ ڪندا ويندا آھن. اھا سموري ڄاڻ پاڻ وٽ محفوظ ڪرڻ کان پوءِ هو پنهنجي ايپلي ڪيشن ۾ نواڻ آڻيندا آھن. ھاڻي ھن شخص کي اھڙي ڪھڙي شيءِ ڏيکاري وڃي جنھن سان اسان ھن جو وڌ کان وڌ ٽائيم حاصل ڪري سگھون. ان ايپ کي اسٽارٽ ڪرڻ کان پوءِ توھان ڀلي 15 منٽ ھلائڻ جو سوچي توھان شروعات ڪريو پر گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ڪلاڪ ته ضرور زيان ڪندا هوندا. ھن سوشل ميڊيا جي دور ۾ انھي عادت کان بچڻ ايئن آھي ڄڻ ڪنھن مھاڀاري جنگ جي شروعات ڪرڻ. ڪاروباري ماڻھو، نوڪري ڪندڙ، سوشل ورڪرز، صحافي وغيره جي اها استعمال ڪن ته ڪو وڏو مسئلو ناھي ڇو ته اھا شيءَ انھن جي واندڪائي جي وقت ۾ ضرورت بڻجي چڪي آھي ۽ اھي پنھنجي قيمتي وقت مان نڪري ڪاميابي واري رستي تي آھن. ھتي سوال اھو ٿو اٿي ته انھن نوجوانن جو ڇا ڪجي جيڪي موبائيل ڦون جا عادي بڻجي چڪا آھن، انھي مسئلي جو حل تمام سولو آھي ته ڪنھن به عادت کي ڇڏڻ لاءِ انسان کي ان جي جاءِ تي ڪا ٻي عادت اپنائڻي پوندي آهي تڏھن ئي ان پراڻي عادت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھندو آھي، جيڪو توھان جي اھا چاھت پوري ڪري. اھا شيءِ انسان جي فطرت ۾ ڳڻي ويندي آھي ان چاھت کي پورو ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي آن لائن دنيا ۽ حقيقي دنيا اندر نيون ڪارائتيون عادتون اپنائڻيون پونديون ته جيئن اھي پنھنجي قيمتي ۽ سونھري وقت کي سٺي شين ۾ لڳائي پنھنجي مستقبل کي روشن بڻائي سگھن.

 

عبدالرشيد راھمون/ اسلام ڪوٽ، ٿرپارڪر

 

ٿر ۾ لنڪ روڊ ٺھرايا وڃن!‎‎

 

ٿرپارڪر جي ڳوٺ مٺڙيو ڀٽي جو لنڪ روڊ 2006ع ۾ ٺھيو ھو پر ھن وقت ان روڊ جي حالت اھڙي ٿي وئي آھي جو اتي ننڍڙي گاڏي سان سفر ڪرڻ به خطرناڪ بڻجي چڪو آھي، تڏهن به چنگچي رڪشا، موٽر سائيڪل، بسن ۽ ٻين گاڏين ذريعي ھن روڊ تان سفر ڪيو وڃي ٿو، ھن روڊ تي بسون ھلن ٿيون، جيڪو آھستي آھستي  وڃي ھن روڊ تان گذري مک روڊ تي چڙھي پوءِ وڃي شھر ۾ پھچن ٿيون. چنگچي رڪشن لاءِ به آزار ٿي ويو آھي، ھر ڏينهن اهي خراب ٿي اڌ رستي ۾ بيٺا ھوندا آھن. شھر وڃڻ وارا ماڻهو پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳندا آھن. اھو روڊ ڳوٺ مٺڙيو ڀٽي، پٻي جو تڙ، ڪڪراڙيو مئو ۽ سوري جي تڙ ۾ رھندڙ ماڻھن جي اچ وڃ لاءِ تمام سولو لنگھ آھي، ڇاڪاڻ جو اھو روڊ اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو جي مک رستن سان وڃي ميلاپ ڪري ٿو پر مٺيءَ کان اوڀر طرف ويندي مٺي اسلام ڪوٽ روڊ جي 25 ڪلوميٽر تي جيڪو لنڪ روڊ نڪري ٿو اھو ھنڌان ھنڌان ٽٽي پيو آھي، ان روڊ تي ڪير به اچڻ وڃڻ لاءِ تيار نه آھي. ڊيوٽي وارا ماڻهو مجبورن اچن ٿا جيڪو به ڪڏهن ڪڏهن اھي بيزار ٿي گھر پھچن ٿا. ھن روڊ جي حالت تمام گھڻي خراب آھي، موٽر سائيڪل وارا به وقت تي ڊيوٽين تي نٿا پھچي سگهن، اھو اتي ئي ٽائر پنگچر ٿيو وڃن يا خراب ٿيو وڃن، جنهن سبب هر ٻئي ڏينهن ھڪ ته حادثا ٿين ٿا، ٻيو ته گاڏيون خراب ٿيڻ ڪري مسافر رستن تي خوار ٿيندا رهندا آھن. اسان جو سنڌ سرڪار کان مطالبو آھي ته هن روڊ جي مرمت ڪرائي ٿر جي ٻھراڙي وارن علائقن جي لنگھ کي سڻائو بڻايو وڃي، جيئن ھر ايندڙ ويندڙ مسافر سولائي سان پنهنجي منزل تي پھچي سگھي.

 

مڪيش ڪمار ڏيسراڻي/ٿرپارڪر

 

ماحول دوست بڻجو ۽ ماحول کي آلودہ ٿيڻ کان بچايو!‎‎

 

عالمي تپش (Global Warming) ايڪيهن صديءَ جو تمام وڏو ۽ اهم مسئلو بڻجي چڪو آھي، خطِ استوا جي ويجھو تپش ۽ قطبن تي ٿڌ جي نتيجي ۾ اسان جو گرھ (ڌرتيءَ) انيڪ علائقائي آبھوا جي ڪري مختلف جاندار شين کي بقا مھيا ڪري ٿو. انھن سمورن علائقن جي سراسري ڌرتيءِ جي عالمي آبھوا کي ٺاھي ٿي. عالمي تپش بنيادي طور تي موسمي تبديلي ئي آھي، جيڪڏهن اسان گلوبل وارمنگ جي مکيه ڪارڻ بابت ڳالهائبو ته ان جا مکيه ڪارڻ اسان پاڻ آھيون، مثال جيئن اسان بجلي جي پيداوار کي پوري ڪرڻ لاءِ اسان گئس يا تيل ساڙيندا آھيون ۽ انهن جو استعمال اسان اچ وڃ لاءِ استعمال ٿيندڙ گاڏين ۾ پڻ ڪندا آھيون ته نتيجي ۾ هڪ گئس فضا ۾ خارج ٿيندي آھي، جنهن کي اسان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ (Carbon dioxide) چوندا آھيون، هيءَ گئس سج کان نڪرندڙ ڪرڻن کي واپس خلا ۾ موڪلڻ کان روڪيندي  آھي، جيڪا زمين سان ٽڪرائي يا پاڻي جي بخارن جي صورت ۾ واپس خلا ۾ ويندي آھي، جنهن جي نتيجي ۾ گوبل وارمنگ ۾ اضافو ٿيندو آھي. عالمي تپش جو مکيه سبب ميٿين گئس(Methane Gas)  پڻ آھي، جيڪا زمينن مان خارج ٿيندي آھي. گليشيئر جو پگهرجڻ، پاڻي جا بخارن جو فضا ۾ وڃڻ ۽ وڻن جي ڪٽائي (Deforestation) پڻ آھي. اسان کي گهرجي ته عالمي تپش کي گهٽ ڪرڻ لاءِ آگاهي مهم هلايون، وڌ کان وڌ وڻ پوکيون، ڇاڪاڻ ته وڻ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪندا آھن، جڏهن ته آڪسيجن کي خارج ڪندا آھن، جيڪا اسان کي ساھ کڻڻ ۾ مدد ڏيندي آھي، ماحول کي آلوده ٿيڻ کان بچايون ۽ زمين جي ڦڦڙن کي صاف رکون!

 

احمد علي ڪورائي/ آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج، نوشهروفيروز

 

هڪ چٺي وزيراعليٰ سنڌ ڏانهن!

 

شادي لارج شهر جو بيباڪ صحافي غلام رسول بروهي ڪيتري ئي عرصي کان بيماريءَ جي بستري تي پيل آهي، سندس وڏو پٽ نذير احمد بروهي گذريل 8 مھينن کان لاڳيتو بيماريءَ سبب بيحال ٿي عليل ٿي ويو آهي، جيڪو ھلڻ ڦرڻ کان پڻ لاچار بڻيل آهي. دل جي تڪليف، ڦڦڙن ۾ بار بار پاڻي ڀرجڻ سبب کيس سخت کنگھ ۽ رت جي گھٽتائي ڪري سندس جان کي سخت خطرو پيدا ٿي ويو آھي. اطلاعات کاتي هنن جي علاج جي لاءِ ڪا به مدد نه ڪئي آهي. سينيئر صحافي غلام رسول بروهي ڪيتري عرصي کان وٺي گڙدن جي بيماري ۾ وڪوڙيل آهي، صحافي ڊپٽي ڪمشنر بدين ۽ اطلاعات کاتي سنڌ کي پنهنجي علاج ڪرائڻ لاءِ وڏا وس ڪيا آهن پر اطلاعات کاتي وارن سندس ڪا به واهر نه ڪئي آهي. گڙدن جي بيماريءَ ۾ ورتل صحافي غلام رسول بروهي ۽ سندس وڏو پٽ نذير احمد بروهي وڏين ڏکين حالتن ۽ بيروزگاريءَ سبب علاج جو خرچ نه هئن ڪري سندن زندگي سخت تڪليفن ۾ گذري رهي آهي. صحافي غلام رسول بروهي زندگيءَ جا پورا 35 سال صحافت کي ارپي ڇڏيا آهن پر صحافتي تنظيمن ۽ اطلاعات کاتي سنڌ سندس ڪڏهن به تڏي تي لڙي اچڻ جي زحمت نه ڪئي آهي. بيمار صحافين جي مدد ڪرڻ لاءِ اطلاعات کاتو سگهارو ادارو ته آهي پر هاڻي اهو ادارو صرف اگھور ننڊ ۾ ستل آهي. اسان هن چٺي وسيلي انساني حقوق جي اڳوڻي سينٽر گل محمد لاٽ صاحب ۽ ڊپٽي ڪمشنر بدين اطلاعات و نشريات کاتو سنڌ ۽ سنڌ جي سڀني مخير حضرات کي پر زور اپيل ٿي ڪجي ته شادي لارج شهر جي بيمار صحافي غلام رسول بروهي ۽ سندس وڏي پٽ نذير احمد بروهي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ۽ سندن زندگي بچائي وڃي.

 

صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

 

سموري رات مينهن وَٺو آهي، اسان پنهنجي پنهنجي بسترن مان کوڻيل جا کيل ۽ تجلا ڏسي انهن تي انيڪ تبصرا ڪري رهيا هئاسي. نيرن کان پوءِ ڏاهاڻيءَ جي هٿن جي دودهه پتي پيتي سين. آئون اخبار پڙهي رهيو هئس ته عابد منهنجي ڊائريءَ جا ڪجھه پنا اُٿلائڻ کان پوءِ چيو ته تو رڳو باهه سان راند ئي ڪونه پيو ڪرين پر اُن ۾ تيل به وجھي رهيو آهين. مون مرڪي کيس شيخ اياز جي هيٺين وائي جھونگاري ٻڌائي.

جيئڻ مرڻ مون وَس ميان

تون ڪانڌي ڪونه ٿجانءِ.

ماروئڙن کان منهڙو موڙيان

ڏاهپ ٻي ڪا ڏس ميان.

تون ڪانڌي ڪونه ٿجانءِ.

موت ٿاچي ٿو مهڻو،

اهڙو جيئڻ ڪهڙي جس ميان،

تون ڪانڌي ڪونه ٿجانءِ.

بس ميان او بس ميان،

ويندس گوندر گس ميان،

تون ڪانڌي ڪونه ٿجانءِ.

اڄ ٻيهر ساهيوال جيل جي ڊائري پڙهي پوري ڪيم. اهو سچ آهي ته ادب زندگيءَ جو ڀيٽا ٿيل سچو نقل نه هوندو آهي. ادب جي عظمت اُن جي اچانڪ پڻي ۾ هوندي آهي. دير سان ڇانهه واري عبدالله اچي عابد کي سڏ ڪيو ۽ عابد تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو روانو ٿي ويو. عابد چيو ته وساڻن اسان جي چانهه قبول نه ڪئي، هُن چيو ته عبدالله جو چوڻ آيه ته ڀائو آصف کي خبر نه پوي. مون هُن کي چيو ته ان ۾ به ڀلائي آهي. گرميءَ اڄ ورزش جي اجازت نه ڏني. بس شام جي پسار مون ۽ عابد ڪئي، ان دوران رمضان ڏاهاڻي اسان جي گھڻي خدمت ڪئي. عابد اڄ عار جو تمام گھڻو ڪم ڪيو. هو ڪلاشن ڪوف جو پٽو بيلٽ ٺاهي رهيو آهي. ڏاهاڻي ڄامشور جي عاشق ۽ محبوب جي ڪهاڻي ٻڌائي. هو چهري ۽ جسم ۾ بلڪل ترڪيءَ جي ڊرامي ارطغرل غازي واري عبدالرحمان جھڙو ٿو لڳي.هن وقت عابد عار جو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڏاهاڻي ڪنهن گھري سوچ ۾ وڪوڙيل آهي. سج لٿي جي ٻانگن سان گڏ ٽيٽهر پکيءَ جون رڙيون به ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن.

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد 08 آگسٽ 2022 (شام جا 7:16 وڳا)