ڪراچيءَ جي سنڌي ڳوٺن کي جيئدان ڏنو وڃي!

0
180
اربنائيزيشن جو اجگر ۽ وجود وڃائيندڙ ڪراچيءَ جا قديم ڳوٺ

هونئن ته ڪراچي، سنڌ جي گاديءَ وارو شهر آهي، پر سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جو وجود ان ميگا سٽي ۾، جي ملندو ته صرف ڪراچيءَ جي ڳوٺن ۾ ملندو، جيڪي ٻولي ۽ ثقافت تي ٿيندڙ يلغار جي مزاحمت ڪندا آيا آهن، نه ته ڪراچيءَ ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين جو ايترو ته گهڻو تعداد آهي، جن جي غيرقانوني وسندين نه صرف شهر جي ڊيموگرافي تبديل ڪري ڇڏي آهي پر سنڌي قوم جي وجود لاءِ خطرا پڻ پيدا ڪري ڇڏيا آهن. غيرقانوني طور تي ڪراچيءَ ۾ رهندڙن جو تعداد سرڪاري ادارن طرفان اڳ ۾ 40 لک رپورٽ ٿي چڪو آهي، پر اصل تعداد ته ان کان به گهڻو آهي. زلزلن ۽ قدرتي آفتن سبب سنڌ ڏانهن (خاص طور تي ڪراچيِ ڏانهن) ايندڙن (آءِ ڊي پيز) جو انگ اڃان ڌار آهي، جنهن سنڌي قوم جي وجود ۽ تشخص لاءِ سنگين خطرا پيدا ڪري ڇڏيا آهن، پر سنڌ ۾ شهري آباديءَ جي نمائندگيءَ جي دعويدار متحده قومي موومينٽ کي ان تي تِرَ جيترو به اعتراض ناهي ۽ جي ان جي ڪاوڙ آهي ته رڳو ان تي ته ڪراچيءَ ۾ سنڌين جا ڳوٺ پڪا ڪرڻ جو نالو ئي نه ورتو وڃي، جنهن ڪاوڙ جو اظهار ايم ڪيو ايم جي قيادت وقت به وقت ڪندي رهي آهي ۽ ان ڪاوڙ جو نئون ايڊيشن متحده قومي جي يومِ تاسيس واري جلسي ۾ سامهون آيو آهي، جتي ڪراچيءَ جي ڳوٺن کي پڪي ڪرڻ واري حڪومتي اعلان جي مخالفت ۽ مزاحمت جو اعلان ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته، ڳوٺ پڪا ڪرڻ جي نالي ۾ اربين رپيا ڪمائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، انهيءَ منصوبي کي ايم ڪيو ايم رد ڪري ٿي.

هڪ ته ڪراچيءَ ۾ قديم سنڌي وسندين کي پوليس ۽ روينيو عملدارن جي مدد سان بلڊر مافيا ڳڙڪائيندي وڃي. ڪئين صديون پراڻين وسندين کي به غير قانوني قبضا ۽ حد دخليون قرار ڏئي ڊاٺو پيو وڃي، جنهن قبضاگيريءَ کان تحفظ جو اهوئي طريقو آهي ته انهن قديم وسندين کي جيئدان ڏيئي ريگيولر ڪيو وڃي، پر پ پ پ پنهنجي لڳاتار ڏيڍ ڏهاڪي واري حڪمرانيءَ ۾ به سنڌي ماڻهن جي انهيءَ حق جو تحفظ نه ڪري سگهي آهي. اڪثر موقعن تي انتظاميا کي قبضا مافيا سان گڏ بيٺل ڏٺو ويو آهي ۽ جڏهن عوامي دٻاءَ تي حڪومت ڳوٺن کي پڪو ڪرڻ جو اعلان ڪري ٿي ته متحده ۽ ٻين ڌرين جي مخالفت کان پوءِ پويان پير ڪندي قديم سنڌي وسندين کي بلڊرز ۽ قبضا مافيا جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ڏئي. رڳو سنڌ جي چونڊيل ايوان ۾ نمائندگيءَ جو تناسب ڏسڻ کان پوءِ اهو سمجهڻ ايترو مشڪل نه آهي ته، سنڌ ڪهڙي المناڪ صورتحال ۾ وڪوڙيل آهي. ايتري قدر جو سنڌ صوبي جي بجيٽ سنڌيءَ ۾ پيش ڪرڻ تي به اعتراض ڪيا وڃن ٿا. جڏهن به ڪا سياسي ڌر سنڌي ماڻهن کي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيڻ ۽ پنهنجن وسيلن جي وارثي ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿي ته، متحده سميت ٻيون ڌريون روڄ راڙو شروع ڪن ٿيون ته، “ڌاڙيل پيا گهرايا وڃن” پر انهن ڌرين کي بنگالين، برمين، افغانين سميت سنڌ ۾ غير قانوني طور تي رهندڙن تي ڪو به اعتراض ناهي، جن بابت سرڪاري ادارا انهن جي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جي وقت به وقت تصديق ڪندا رهيا آهن.

اسان ان راءِ جا آهيون ته غير قانوني طور تي ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ ۾ رهندڙ پرڏيهي، سنڌ جي نه صرف معاشي وسيلن تي بار آهن، گڏوگڏ سنڌي قوم جي تشخص ۽ وجود لاءِ پڻ سنگين خطرو آهن، انهن کي بنان دير تڙيو وڃي يا ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو وڃي. متحده کي به ان حقيقت کي محسوس ڪرڻ گهرجي ته شهري سنڌين جي مفادن لاءِ خطرو قديم سنڌي وسنديون نه پر اهي غير قانوني طور تي رهندڙ ڌاريا آهن، جن جي غير قانوني وسندين شهر جي ڊيموگرافي تبديل ڪري ڇڏي آهي. اسان سنڌ جي منتظمين کي اهو چوڻ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريون ته بنان ڪنهن دٻاءَ کي قبول ڪرڻ جي، سنڌي ڳوٺن کي پڪو ڪيو وڃي، ڇو ته سنڌ جا مفاد سڀ کان مقدم هجڻ گهرجن. اهي ڌريون، جيڪي ڪراچيءَ جي ڳوٺن کي پڪي ڪرڻ جي مخالفت ڪري رهيون آهن، انهن کي به پنهنجي روش بدلائڻ جي ضرورت آهي.