عمران، عوام ۽ عدليا

0
161
عمران، عوام ۽ عدليا

عمران خان جي سياست اهڙي پنجابي فلم بڻجي چڪي آهي، جنهن تي هر ڏينهن رش وڌي رهي آهي. ڪو وقت هو، جڏهن سلطان راهي ۽ مصطفيٰ قريشيءَ جي جوڙي پاڪستاني فلم انڊسٽري جي باڪس آفيس تي هِٽ (Hit) هوندي هئي. لالي ووڊ جي اوج جو اهو وقت گذري ويو، پر ملڪي سياست ۾ اهو وقت موٽي آيو آهي. جڏهن سڌن لفظن ۾ نه پر سياسي لفظن ۾ اسان جي سماعت مٿان ڪجهه اهڙائي پڙلاءَ پون ٿا ته “ڇڊ ديان گا لاهور سوهڻيي“.

                 رياست کي سندس سياست جو هي عظيم شهڪار مبارڪ هجي. عمران خان کي ان حد تائين پهچائڻ جو سهرو آخر ڪنهن جي ته سر ويندو؟ آخر اهو ٻِلو ڪنهن جي سيني تي ته سجايو وڃڻ گهرجي؟ هن جي ايجاد تي هن جا موجد پريشان به آهن ۽ پشيمان به آهن، ڇو ته انهن هڪ اهڙو سياستدان وجود ۾ آندو، جيڪو اقتدار کان سواءِ ڪنهن به قيمت تي خاموش ٿي ويهڻ وارو ناهي. هن کي هر صورت ۾ حڪومت گهرجي. هو جڏهن پوئين چونڊ ۾ ڪامياب نه ٿيو هو، تڏهن به پنهنجو تعارف “جلد وزير اعظم ٿيندڙ” جي حيثيت ۾ ڪرائيندو هو. ان وقت ائين لڳندو هو ته جيڪڏهن هن کي اقتدار نه مليو ته هو جيئرو رهي نه سگهندو. هن وقت به هن جي حالت اهڙي آهي. هن کي هر قيمت ۾ اهو پروٽوڪول ۽ اهو اقتدار گهرجي، جنهن ۾ دنيا هن جي آڏو هيچ هجي.

پاڪستان جي ڳجهي سياسي ليبارٽريءَ ۾ هڪ ليڊر نه پر هڪ اهڙي اقتداري مڇي ايجاد ڪئي وئي، جيڪا اقتدار جي پاڻيءَ کان سواءِ ايئن تڙپندي رهندي، جيئن هن وقت هو تڙپي رهيو آهي ۽ تڙپائي رهيو آهي. هو اقتدار ۾ اچڻ لاءِ ٺاهيو ويو ۽ جيڪڏهن هن کي اقتدار نه مليو ته نه معلوم هو ڇا ڇا ڊاهيندو؟ هو هن وقت به انهن سياسي ۽ قانوني روايتن کي ميساري رهيو آهي، جن تي اڳ ڪنهن به پير رکڻ جي جرئت نه ڪئي. عمران خان پاڪستان ۾ نيون روايتون ۽ نهايت عجيب روايتون قائم ڪرڻ جي مشن تي مستقل طور هلي رهيو آهي. ڇا پاڪستان ڪڏهن به اهڙو ڪوئي ليڊر ڏٺو، جنهن جي گهر جي چوڌاريءَ هزارين وردين وارا سندس ڪارڪنن سان جنگ ۾ مصروف هجن! اهڙا ليڊر ته ڀارت ۾ به پيدا ٿي نه سگهيا آهن. بندوق جي ناليءَ مان پنهنجي خواهش جو اظهار ڪندڙ ڪنهن افغان اڳواڻ به اهڙو ڪردار ادا نه ڪيو آهي، جهڙو اسان جي ملڪ ۾ عمران خان ڪري رهيو آهي.

عمران خان جي اهڙي سياست جو آخري انجام ڪهڙو هوندو؟ اهو تمام خطرناڪ ۽ انتهائي حساس سوال آهي. ڇو ته هو هن وقت ملڪ کي سياسي طور تي اهڙي موڙ تي وٺي آيو آهي، جتي ڪنهن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيندو؟ هڪ دور هو ۽ ان دور کي دور ٿئي ايترو گهڻو وقت نه گذريو آهي، جو اهو اسان کان وسري وڃي! ان دور ۾ لنڊن کان خطاب ڪندڙ اڳواڻ جي ايتري ته دهشت هوندي هئي، جو هن جي اسڪرين تي اچڻ کان اڳ ۾ چينلن جو ڪيمرائون اسٽينڊباءِ واري پوزيشن اختيار ڪري بيهنديون هيون پر هاڻي عمران خان جي سياست اهڙو رنگ اختيار ڪري چڪي آهي، جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ هن جي آهستي آهستي رڙهندڙ قافلي کي “لائيو” پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ جنهن وقت هو عدالت جي ڀرسان پهچي ٿو ته هن انصاف جي سرزمين جنگ جو ميدان بڻجي وڃي ٿي.

پارليامينٽ ۽ عدليا ڪنهن به رياست جا ٻه اهڙا ادارا هوندا آهن، جتي هر ترم خان کي پنهنجي ٽوپي لاهي پيش ٿيڻو پوندو آهي. هو جڏهن پرائيم منسٽر هو، تڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ اچڻ کي وقت جو زيان سمجهندو هو. هن کي ٻين ميمبرن سان گڏجي ويهڻ ۾ هڪ طرح جو شرم محسوس ٿيندو هو. ان پارليامينٽ سان هن جيڪو حشر ڪيو، اهو تاريخ جو حصو آهي. پر هاڻي هڪ نئون اتهاس جنم وٺي رهيو آهي. هو عدليا جي حوالي سان جيڪا تاريخ رقم ڪري رهيو آهي، اها اڄ ڏينهن تائين ڪنهن جوڙي ته ڇا پر ڪنهن جوڙڻ جو تصور به نه ڪيو آهي. هن ملڪ جي هر شخصيت ڪنهن نه ڪنهن وقت ۽ ڪنهن نه ڪنهن ڪيس ۾ عدليا جي آڏو پيش ٿي آهي پر اهو صرف ۽ صرف عمران خان ئي آهي، جنهن جي آڏو گذريل ڏينهن عدليا پاڻ پيش ٿي.

هن ملڪ جي سياست به عجيب آهي. هتي سياستدان يا ته اقتداري ريل ۾ هوندا آهن يا احتسابي جيل ۾ هوندا آهن، جڏهن ته عمران خان جيل ۾ وڃڻ جي لاءِ ڪنهن به طور تي تيار نظر نه ٿو اچي. هو مسلسل اهو موقف ورجائي رهيو آهي ته جيل ۾ هن کي قتل ڪيو ويندو. عمران خان جي مٿان هڪ حملو ٿي چڪو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عمران خان سان سڪيورٽيءَ جا اشوز آهن پر هو جهڙي طرح بار بار پنهنجي قتل جو خدشو بيان ڪري رهيو آهي، ان سان خود هن جي لاءِ خطرا وڌي ويا آهن.

عمران خان جي زندگيءَ کي ايترا ته خطرناڪ امڪان ويڙهي ويا آهن، جو جيڪڏهن هو اقتدار ۾ به آيو ته هن جي حفاظت جي لاءِ هڪ الڳ وزارت جو قيام عمل ۾ آڻڻ جي ضرورت تي گهٽ ۾ گهٽ سنجيدگيءَ سان غور ضرور ڪيو ويندو. هن ايترا ته معاملا ۽ ايترا ته محاذ کولي ڇڏيا آهن، جو انهن کي سنڀالڻ ۽ سميٽڻ سولو ناهي. هن جي حوالي سان هاڻي ملڪ جي اهم ترين ادارن جي پيشانين تي جيڪڏهن پگهر نه ته غور وارا گهنج ضرور پئجي ويا آهن.

عمران خان ملڪ جي لاءِ هڪ اهڙو مسئلو بڻجي ويو آهي، جنهن جو حل هن وٽ صرف هڪڙو آهي ۽ اهو آهي اقتدار! هو نالي ۾ ته اليڪشن جي ڳالهه ڪري ٿو پر هو ان اليڪشن کي به ڪنهن طرح سان تسليم نه ڪندو، جيڪا اليڪشن هن کي اقتدار تائين پهچائڻ واري ڏاڪڻ نه ٿي بڻجي. هن کي سرڪاري هيلي ڪاپٽر جي ايتري ته هير پئجي وئي آهي، جو هو هاڻي هو بلٽ پروف پراڊو ۾ هلڻ کي پنهنجي مزاج جي مخالف سمجهي رهيو آهي. فرينچ شاعر مورلي لکيو هو ته، “جنهن کي آسمان تي اڏامڻ جي عادت پئجي وڃي، اهو زمين تي هلڻ ۾ تمام گهڻي اذيت محسوس ڪندو آهي”. عمران خان سان به ڪجهه اهڙو معاملو درپيش آهي.

عمران خان جهڙي ريت پنهنجو سياسي سفر شروع ڪيو هو، ان وقت کان وٺي هن وقت تائين هن کي پاڻ به معلوم نه رهيو آهي ته هن جو ايندڙ قدم ڪهڙي هنڌ پوندو. هو ته پنهنجي مخصوص معتبر ۽ متڪبر چال سان هر ڏينهن شهرت جو هڪ ٻيو ڏاڪو چڙهي رهيو آهي. هن کي ڪهڙي پرواهه ته هن جو ايندڙ قدم ڪٿي پوندو پر هڪ ڳالهه طئه آهي ۽ اها هيءَ ته عمران خان پنهنجي موقف جي حوالي سان “يوٽرن” وٺڻ کي ته پنهنجي خوبي سمجهي ٿو پر هو پنهنجي ضد ۽ پنهنجي انا جي حوالي سان هڪ به قدم پوئتي هٽائڻ جي لاءِ تيار نه آهي ۽ نه ٿيندو.

عمران خان ملڪ جو سمورو سياسي نظام ڊانواڊول ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن ان خاص سياسي سيٽ اپ کي ڊاهي ڇڏيو آهي، جنهن سيٽ اپ سبب ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي مرضيءَ سان فيصلا مڃرائڻ جي لاءِ گهڻي ڪوشش جي ضرورت درپيش نه ايندي هئي. هن سياست کي ايترو ته مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي، جو ان مان اها آساني الوداع ڪري چڪي آهي، جيڪا ڪڏهن پاڪستان جي اقتداري سياست جي سڃاڻ هئي. هن جو ڏوهه اهو به آهي ته هن پاڪستان جي اصل سياسي اداري جا قيمتي راز فاش ڪيا آهن. هن کي اهڙي ڪردار ادا ڪرڻ تي اها تڪليف نه ملي آهي، جيڪا هن جي مخالفن جي حسرت رهي آهي. جيتوڻيڪ هن جي مٿان حملو به ٿيو پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هن مٿان جڏهن به ڪا مشڪل ڪڙڪائي وڃي ٿي ته اها هن جي شهرت جي چنڊ کي وڌيڪ چلڪائي ۽ چمڪائي ٿي.

مسلم ليگ (ن) هن مهل ڀرپور ڪوشش ۾ آهي ته اها ڪنهن طرح سان عمران خان جي اهڙن عملن سبب جيڪڏهن هن جي پارٽيءَ کي ڪلعدم نه ٿي ڪرائي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ هن کي ڊس ڪوائليفاءِ (Disqualify) ضرور ڪرائي. هن وقت مريم نواز نه صرف پنهنجي ٽوئٽر پر پنهنجي پريس ڪانفرنسن ۾ به ان ڳالهه تي زور ڏئي رهي آهي ته هن کي هڪ عسڪريت پسند ۽ دهشتگرد قرار ڏئي، هن سان اهو سلوڪ اختيار ڪيو وڃي، جيڪو ان قسم جي ڪردارن سان عام طور تي ڪيو ويندو آهي. پاڪستان ۾ ته اهڙن ڪردارن کي به ڇپر ڇانوَ ملندي ڏٺو ويو آهي پر عمران خان جي لاءِ جيڪي مسلم ليگ (ن) جا مطالبا آهن، انهن سان اسٽيبلشمينٽ جي همدردي هجي به ته اهو ڪم ايترو آسان نه آهي، ڇو ته عمران خان هن وقت جن قوتن جي سهاري سان سياست ڪري رهيو آهي، اهي قوتون تمام گهڻيون طاقتور آهن.

عمران خان جي اصل قوت هن جي پويان ديوانن ۽ پروانن وانگر هلندڙ اهي ڪارڪن آهن، جيڪي هن کي ملڪ جو آخري مسيحا سمجهي رهيا آهن. هو هن جي پاڇي کان به پاڻ کي پري رکڻ لاءِ تيار نظر نه ٿا اچن. عمران خان جي ٻي قوت اها عدليا آهي، جيڪا عوام جي امنگن کي نظرانداز ڪري نه ٿي سگهي. هونءَ به حڪومت عمران خان جي حوالي سان جنهن قسم جا ڪيس جوڙيا آهن، اهي پنهنجي پهرين جهلڪ ۾ ئي جڙتو نظر اچن ٿا. انهن ڪيسن ۾ ڪو به دم خم ناهي. اهي ڪيس مڪمل طور تي سياسي نوعيت وارا نظر اچن ٿا. انهن ڪيسن جي حوالي سان عدالت عمران خان سان اهو سلوڪ نه ٿي ڪري سگهي، جيڪو هن جا مخالف ٿيندو ڏسڻ چاهين ٿا.

عمران خان هن وقت پاڪستان جي سياست جو اهو گرڙ پکي بڻجي ويو آهي، جنهن جو هڪ پر عوام ۽ ٻيو پر عدليا آهي. جڏهن ته هن جي مخالفن وٽ اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. عمران خان پنهنجي مخصوص انداز سان هڪ اهڙو ماحول جوڙي ورتو آهي، جنهن ماحول ۾ اسٽيبلشمينٽ به نهايت احتياط جو مظاهرو ڪري رهي آهي. ملڪ جي اقتداري سياست جا اصل مالڪ اهو سمجهن ٿا ته هر شيءَ کي ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا پر هو عوام کي قابو ڪري نه ٿا سگهن. عمران خان جو کاٻو پر ڀلي عدليا هجي پر هن جو ساڄو ۽ سگهارو پر عوام آهي.