موسمياتي تبديليءَ سبب بيمارين جي ڦهلاءَ ۾ واڌ

0
185
موسمياتي تبديليءَ سبب بيمارين جي ڦهلاءَ ۾ واڌ

 موسمياتي تبديلي اڄ اسان جي گرهه لاءِ تمام هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهي. ان جو اثر سڄي دنيا تي پيو آهي، پر  پاڪستان ۾ صورتحال گهڻي خراب آهي. تيزي سان وڌندڙ آبادي ۽ ڪمزور معيشت سان، ملڪ کي درپيش چئلينج کي منهن ڏيڻ ڪافي مشڪل بڻجي ويو آهي. ملڪي معيشت جو دارومدار قدرتي وسيلن ۽ زراعت تي آهي، ٻنهي تي ٿيندڙ اثر آبهوا جي تبديلين جي ڪري آهي. وڌندڙ گرمي پد، برساتن ۾ گهٽتائي ۽ اوچتو گهڻي برسات ۽ قدرتي آفتن جي وڌندڙ تعداد سبب قدرتي وسيلن، زراعت ۽ انفراسٽرڪچر تي اثر پئجي رهيو آهي. موسمياتي تبديليءَ جو سڀ کان وڏو اثر ملڪ جي آبي وسيلن تي پيو آهي. پاڪستان کي اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ وارو ملڪ سمجهيو ويندو آهي، ۽ موسمياتي تبديلي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري رهي آهي. اهي تبديليون سخت ٻوڏ ۽ سوڪهڙي جو سبب بڻجي رهيون آهن، جڏهن ته وڌندڙ گرمي پد زراعت ۽ گهريلو استعمال لاءِ پاڻي جي گهرج ۾ اضافو ڪري رهيو آهي. نتيجي طور، ملڪ پاڻي جي بحران کي منهن ڏئي رهيو هوندو آهي.

موسمياتي تبديليءَ جو ٻيو اهم اثر ملڪ جي زراعت تي پيو آهي. زراعت پاڪستاني معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، جيڪا لکين ماڻهن کي روزگار فراهم ڪري ٿي ۽ ملڪ جي جي ڊي پي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. بدلجندڙ موسمي انهن تبديلين جا ناڪاري اثر فصلن جي پيداوار کي متاثر ڪري رهيا آهن ۽ فصلن جي پيداوار جي معيار کي پڻ گهٽائي رهيا آهن. ان جو سڌو سنئون اثر فوڊ سيڪيورٽي ۽ ملڪ جي معيشت تي پئجي رهيو آهي. عالمي برادريءَ کي موسمياتي تبديليءَ جي اثرن کي گھٽائڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي مالي ۽ فني مدد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ملڪ جي بدلجندڙ آبهوا سان مطابقت، گڏوگڏ قابل تجديد توانائي ۽ گھٽ ڪاربن ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ عالمي برادري کي پڻ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن موسمي تبديلي جي بنيادي سببن کي حل ڪيو وڃي.

رڳو پاڪستان ئي نه، جنهن 2022ع جي مها ٻوڏ کي منهن ڏنو پر موسمي تبديليءَ جا اثر سڄي دنيا جي ملڪن ۾ تباهي آڻيندڙ ثابت  ٿي رهيا آهن. مثال طور، مالديپ ۾، سمنڊ جي سطح وڌڻ سبب ٻيٽ تباهه ٿي رهيا آهن، جنهن سبب سڄي ملڪ جي ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. شايد ايندڙ  وقت ۾ ڪٿي دنيا جي نقشي تان مالديپ ميسارجي نه وڃي. بنگلاديش ۾ سخت ٻوڏ سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ بنيادي ڍانچي ۽ فصلن کي وڏو نقصان پهتو آهي. ڪجهه سال پهرين آسٽريليا ۾ جهنگ ۾ لڳل باهه سبب جاني ۽ وڏو نقصان ٿيو. اتي نه صرف انساني آبادي متاثر ٿي پر جانورن جو وڏو تعداد باهه ۾  سڙي خاڪ ٿي ويو. آمريڪا ۾، طوفان، ٻيلن جي باهه ۽ گرمي جي لهر موسمي تبديليءَ ڪري آهي.

موسمياتي تبديلي جي ڪري ڦهلجندڙ بيماريون

ويڪٽر، جيڪو بيماريءَ جو جراثيم ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو، جنهن جو مثال مڇر جي مادي نسل اينافليز (مادي مڇر جو نالو) پلازموڊيم (اهو جراثيم جيڪو مليريا پيدا ڪري ٿو ۽ هي صرف مادي مڇر جي پيٽ ۾ ئي رهي ٿو يا انسان جي رت ۾) جيڪو موسمي تبديليءَ کان متاثر ٿئي ٿو ۽ مليريا جي ڦهلاءَ جو سبب بڻجي ٿو. مليريا دنيا جي ڪيترن ئي Tropical regions وارن  علائقن ۾ پکڙيل آهي، ۽ خاص طور تي پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن ۾ بيماري کي موت جو ذميوار پڻ سمجهو وڃي ٿو. مختلف ملڪن ۾ ٿيل تحقيق ٻڌائي ٿي ته موسمياتي تبديلي جي ڪري دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مليريا جي بيماري ڪر کنيو آهي. وڌندڙ گرمي پد سان مڇرن جي نسل جي واڌ لاءِ وڌيڪ سازگار حالتون پيدا ٿينديون. مثال طور، وڌندڙ گرمي پد ۽ برسات جي نمونن ۾ تبديلي مڇرن جي نسل جي رهائش جي توسيع جو سبب بڻجي سگهي ٿي، جڏهن ته مڇرن جي پيدائش واري سائيڪل کي پڻ مختصر ڪري ٿي، جيڪا وڌيڪ تيز بيماري جي منتقلي جي اجازت ڏئي ٿي. ان کان علاوه، برسات جي موسم جي وقت ۽ مدي ۾ تبديلي پڻ مليريا جي متنقلي تي اثرانداز ٿئي ٿي. وري ٻيون “ويڪٽر بارن ڊزيزز” جيڪي موسمي تبديليءَ جي ڪري وڌن ٿيون، انهن ۾ ڊينگي بخار آهي، جيڪو AEDS مڇر ذريعي انسانن ۾ منتقل ٿيندڙ وائرس جي ڪري ٿئي ٿو. ڊينگي بخار دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ پکڙيل آهي ۽ علامتن جي وسيع رينج جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هلڪي بخار کان ويندي تيز بخار سميت نڪ مان رت وهي اچڻ هن بيماريءَ جون خاص نشانيون آهن. هي موسم ۾ گرمي پد جي گهٽ وڌ ٿيڻ سميت هوا ۾ نمي ۾ تبديلي هن جي واڌ ويجهه ۾ مدد ڪن ٿيون.

مليريا ۽ ڊينگي بخار کان علاوه، ڪيتريون ئي ٻيون پيدا ٿيندڙ بيماريون پڻ موسمياتي تبديليءَ کان متاثر ٿين ٿيون، جن ۾ زيڪا وائرس، چڪن گونيا وائرس ۽ ويسٽ نيل وائرس شامل آهن. انهن اثرن جي صحيح نوعيت ۽ حد مختلف ٿي سگهي ٿي.

موسمي تبديليءَ جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ويڪٽر مان پيدا ٿيندڙ بيمارين کي، هڪ جامع طريقي سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ ماحولياتي ۽ سماجي عنصر ٻنهي کي نظر ۾ رکيو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ ڪميونٽي ۾ هڪ منظم رٿا پڻ قائم ڪري سگهجي ٿي. آس پاس گند ڪچرو ساڙڻ، صفائي سٿرائي رکڻ شامل آهن. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهڙي قسم جا ڪميونٽي بيسڊ پروگرام ترتيب ڏنا پيا وڃن. مثال طور، سري لنڪا ۽ برازيل جهڙن ملڪن ۾، ڪميونٽي تي ٻڌل پروگرام لاڳو ڪيا ويا آهن ته جيئن مڇردانيون، مڇرن کي ڀڄائڻ، ۽ ٻين حفاظتي قدمن جي استعمال کي فروغ ڏيئي سگهجي. اهڙي طرح، آمريڪا جي ڪجهه علائقن ۾، مڇر ڪنٽرول پروگرامن کي وڌايو ويو آهي ان ۾ فضائي اسپري ڪرڻ، ۽ بايولوجيڪل ڪنٽرول ايجنٽ جو استعمال جهڙوڪ Bacillus thuringiensis israelensis (Bti)، بيڪٽيريا جو هڪ قسم جيڪو مڇر جي لاروا کي ماريندو آهي. موسمي تبديليءَ جا اثر ويڪٽر مان پيدا ٿيندڙ بيمارين تي پيچيده ۽ گھڻ رخا ٿي سگهن ٿا، انهن اثرن کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ حڪمت عمليون ۽ علاج موجود آهن، ۽ سڄي عالمي برادري جيڪڏهن چاهي ته انهن بيمارين مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي ٿي.