استادن جي حاضري واري ايپ بهتر قدم!

ڏٺو وڃي ته دنيا ٽيڪنالاجي سان سلهاڙجي وئي آهي، ان ڪري سنڌ جي تعليم کاتي جي وزير جو اهو بهترين فيصلو آهي جو استادن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ايپ متعارف ڪرائي وئي آهي، جنهن جو ڪنهن حد تائين بهترين نتيجو اچي رهيو آهي، جو ڪيترائي استاد وقت جي پابنديءَ سان اسڪول وڃي رهيا آهن پر هن ايپ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ گهرجي جيئن هن ايپ ذريعي وڌيڪ استاد پابند ٿي سگهن ۽ استادن کي حاضري ڏيڻ جي لاءِ ڪجهه سولائي ٿي سگهي. ان لاءِ هن ايپ کي آف لائين ڪرڻ گهرجي ۽ جتي انٽرنيٽ جي سهولت مليل آهي اتي استاد وڃي پنهنجي حاضري اسڪول جي وقت کان پوءِ Upload ڪري موڪلي سگهن، ڇو ته گهڻي ڀاڱي سروس نه ھجڻ ڪري هن ايپ جي ڪري ٻارن جي تعليم تي تمام گھڻو اثر پئجي رهيو آهي، ڪيترن ئي اسڪولن ۾ استاد محترم حاضري ڏيڻ جي چڪر ۾ ٻارن کي صحيح نموني تعليم نه ڏئي رهيا آهن، خاص ڪري اهڙيون اسڪولون جتي پيرڊ هلندا هجن انهن اسڪولن ۾ شروعاتي ۽ آخري پيرڊ حاضري ڏيڻ جي چڪر ۾ نڪري ٿا وڃن، ان جو گهڻي ڀاڱي شاگردن جي تعليم تي اثر پيو پوي. هن ايپ ۾ ڪجهه اهڙا اسڪول آهن جيڪي اڃا تائين ان لوڪيشن ۾ نٿيون اچن، ان ڪري انهن اسڪولن جي لوڪيشن کي ٻيهر سيٽ ڪيو وڃي جيئن استاد حاضري ڏيڻ جي چڪر ۾ موبائيل کي کڻي اسڪول جي هڪڙي ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ڊوڙون نه پائين. هن ايپ ۾ Punch In ۽ Punch Out سان گڏوگڏ Face Detection  يا Selfie جو به آپشن هجڻ گهرجي، جيئن استادن جي حاضري ۾ اڃا وڌيڪ سڌارو اچڻ گهرجي ڇو ته Punch In ۽ Punch Out ته ٻيو به ڪو فرد ڪري سگهي ٿو، جڏھن ته اها ايپ استادن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ لاءِ متعارف ڪرائي وئي آهي ان ڪري Face Detection يا Selfie جو آپشن گڏ هوندو ته پوءِ حقيقي حاضري ملي سگهندي، ان ڪري اسان تعليم جي وزير ۽ سيڪريٽري صاحب کي عرض ٿا ڪيون ته هن ايپ تي اڃان وڌيڪ ڪم ڪيو وڃي، جيئن استادن جي حاضري ۾ اڃا وڌيڪ واڌارو ٿي سگهي.

خالق رحمان سميجو/مينڌري جو پار، عمرڪوٽ

نوجوانن جو CSS ڏانهن لاڙو آخر ڪڏهن ٿيندو!

جيڪڏهن اسين هر ٻئي عام ماڻهوءَ کان اسين علم جو پڇنداسين ته يقينن هو ڪڏهن به علم حاصل ڪرڻ واري ڳالھ کي رد نه ڪندو، ڇو ته علم ئي انسان جو واحد هٿيار آهي پر ان علم جي مڪمل حاصلات لاءِ ڇا اسان جا نوجوان پاڻ پتوڙي رهيا آهن يا بس اسڪول ۽ ڪاليج واري تعليم تائين محدود آهن! جنهن ۾ اسان وٽ لڳ ڀڳ هٿ سان ڪاپي ڪلچر جو رواج وڌو ويو آهي پوءِ نوڪرين لاءِ پريشان يا آخر اوطاقون وسائيندا آهن پر هر سال ڪيتريون ئي نوڪريون جيڪي سي ايس ايس جي امتحان تي ڏنيون وينديون آهن ان جي تياري ڇو نٿا ڪن؟ يا اسان جي نوجوانن کي هيسايو ويندو آهي ته سي ايس ايس جو  امتحان ڏکيو آهي پر انهن کي اهو ضرور سوچڻ ۽ سمجھڻ گهرجي ته هن امتحان ۾ لازمي مضمونن تي 40 ۽ آپشنل مضمونن تي صرف 33 مارڪن تي پاسنگ مارڪس رکيل آهن، سنڌ جا نوجوانو سندرا ٻڌي همت ڪري ميدان ۾ لهو توهان ڪامياب ٿيندئو، اسان جي نوجوانن کي وڌ کان وڌ سي ايس ايس جي امتحان  ڏانهن لاڙو ڪرڻ کپي، بجاءِ ڪنهن اوطاق ۾ غلام ٿيڻ کان توهان آفيسر بڻجي اچو ۽ سنڌ جي اعليٰ سيٽن تي پاڻ ملهايو ۽ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ جا حقدار نوجوان انهن سيٽن تي نٿا اچن جو جيڪي سيٽون ٻيا کنيون ٿا وڃن.

ايڊووڪيٽ بابرستار هاليپوٽو/سيوھڻ

عورت کي تعليم کان محروم نه ڪيو !

سماج ۾ جڏھن مختلف رنگن جا ماڻھو يا مختلف ذھنن جا ماڻھو ھڪ ھنڌ گڏجي رھن ته اھو سماج سڏرائيندو آھي، سماج ۾ مختلف ذاتيون پڻ اچي وڃن ٿيون، سماج ھڪ خاندان جيان ھوندو آھي، جي گھر ۾ ڪنھن کي تڪليف پهچندي آھي ته پورو گھر بي چين ٿي ويندو آھي، ايئن ئي سماج جي تڪليف ۾ ھجي يا پوئتي پئجي وڃي ته ان جو اثر ٻين سماجن ۽ انھن جي ماڻھن تي پڻ پوندو. ڏٺو وڃي ته سماج گڏجي ھڪ ڪالوني ٺاھي ٿو، ڪالوني جڙي ھڪ ٽائون ٺاھي ٿو، ٽائون ملي ھڪ شھر ٺاھي ٿو، شھر ٺهي هڪ ڊويزن ٺھي ٿي، ڊويزن ٺهي صوبو ٺاھي ٿو ۽ صوبا ملي جڙي ملڪ ٺھي ٿو. مطلب ته سماج جو اثر پڻ ملڪ تي پوي ٿو، جي سماج ترقي نٿو ڪري ته ملڪ تي اثر پوي ٿو، سماج جو ترقي نه ڪرڻ پاڻ کان شروع ٿئي ٿو، جيئن چوندا آهن ته جي توهان ڪجهه بدلائڻ چاهيوٿا ته توهان پهريان پاڻ کي بدلايوم جيڪڏهن گهر جو هڪ فرد سڌريل ناهي ته اهو پوري گهر يا خاندان تي اثر وجھي ٿو ۽ ھڪ خاندان جيڪڏھن سڌريل ناھي ته پوري معاشري تي اثر وجھي ٿو، ايئن ئي جي ھڪ فرد تعليم نٿو پرائي ته ان جي جهالت ھڪ خاندان کان ٻئي خاندان تائين ڦھيلجي ھڪ سماج تي اثر وجھي ٿي. چوڻ جو مقصد ته سماج جو ترقي نه ڪرڻ  تعليم جي گھٽتائي ۽ تعليم جو نه پرائڻ آھي. “اسان جي سماج ۾  اھو مشھور آھي ته عورت پڙھي ڇا ڪندي؟!” جڏھن ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته: “تعليم سڀني لاءِ ضروري آھي، چاهي اهو مرد هجي يا عورت.” اسان جو سماج عورت کي صرف ٻار ڄمڻ واري مشين ٿو سمجهي، جڏھن ته عورت مرد جيان ھر ميدان ۾ پنھنجو پاڻ کي ثابت ڪري سگھي ٿي يا ڪيو آھي، جنھن جو مثال آرفا ڪريم آھي، جنھن 9 سالن جي عمر ۾ ڪمپيوٽر جي ماهر ٿيڻ جو اعزاز پنھنجي نالي ڪيو ھو.، اھڙا ڪيترائي مثال موجود آھن ھڪ مشھور قعول آھي ته “توھان مون کي پڙھي لکيل عورت ڏيو مان توھان کي پڙھيل لکيل معاشرو ڏيندس.” ڇو جو ٻار جو پھريو استاد ان جي ماءُ ھوندي آھي جي ماءُ پڙھيل ھوندي ته ٻار به شعوري هوندو ۽ اھو ٻار ھڪ سماج جي ترقيءَ جو سبب بڻجندو جي توھان سماج کي ترقي يافتا ڏسڻ چاھيو ٿا ته تعليم ھر ھڪ لاءِ برابر ڪيو، چاھي عورت ھجي يا مرد.

عبدالله ڀٽي/ نوشوروفيروز

زندگي زندهه

ھوندي جو انت آھي!‎‎

ڪنھن چيو ته زندگي بيقراري، ڪنھن چيو زندگي سکاري آھي، ڪنھن چيو زندگي ڏکاري آھي، ھا! پر زندگي پنڻ آھي، ڪنھن پينو فقير جي لڳندڙ صدا کان پوءِ پينوءَ لاءِ زندگي ڪنهن جي  انتظاري آھي، سچ ۾ اھا ئي معياري آھي! زندگي فقط انڪاري جو نالو ناھي پر زندگي ته وڏي فنڪاري به آھي، جو قرب جي ڪٺل ماڻھن کي لوھار جي تازي ٺپيل ڪاتيءَ جو به اثر نٿو ٿئي! زندگي زندهه ھوندي جو ٻيو سمورو انت آھي، زندگي اڻبڻت آھي، زندگي ئي زندگيءَ جي وڏي کڻت آھي ھا! جتي ٿڪل، ٽٽل جسم خوشين کي جز سمجھن ٿا! ان ڪري جو زندگي ذلتن جي منجھائيندڙ منعيٰ آھي! زندگي تنھن وڻ جي ٽٽل ٽاري آھي پر پوءِ به ھر ھر ڳري آھي، زندگي دل جو درد، چپن جي مرڪ به آھي، زندگي گلن جو گس به آھي، زندگي گولين جو گھمسان به! جيڪا غمن جي گوندر ۾ ٽٽي ويل سڳو آھي پر ڇا ڪجي ھيل تائين ته پٿرن جو پنڌ اڃا تائين کٽي ئي نٿو! دلاسن جي ديس ۾ ڪي ئي دور گذري ويا، ھتي ته سي پکي به اڏري ويا، جيڪي سانجھي ٽاڻي وڻن تان سرن جو واس ونڊي ساري جڳ کي مھڪائي ڇڏيندا ھئا! اڄ بزم خالي آھي ۽ مئخانو مرڪي پيو! ترنم جي ترانن تي ساقيءَ جي ھٿ ۾ رکيل بوتل باندرن جيان نچي پئي! باندر نچندو آھي؟ ھا نچي ڏيکاريندو آھي! ننڍ نيڻن کان ڪونھين ڏور ھلي وئي، ڪنھن دلربا جي ديد اک کان اوجھيل آھي، ساھ منجھيل آھي، جاڳندڙ اکيون سيرانڌيءَ کان رکيل وھاڻي ۾ ويڙھيل آھن، ستارا سي جاڳن پيا ۽ ڏسن پيا ڪائنات جي منظر کي! چنڊ جي چانڊوڪي چاھت جي چمڪاٽ بڻجي ديس کي روشن ڪري ٿي، صبح جي پھر ۾ به نازڪ ۽ نرم احساس  اڌمن جو شڪار ٿين ٿا.

رياض امر ٻجورو/سجاول

خدارا مھانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪريو!

سنڌ ۾ مھانگائي واري صورتحال ڏينھون ڏينھن وڌندي پئي وڃي، ڊيزل پيٽرول جا اگھ وفاقي حڪومت عروج تي وڌائي ڇڏيا آهن، جنھن سبب روزمره واريون شيون پڻ ٻيڻين اگھ تي وڪرو ٿيڻ ڪري عام ماڻهو مھانگائي جي ڪري زندگي کان تنگ اچي چڪو آھي. ھڪ طرف مھانگائيءَ جو طوفان اچي ويو آھي ته ٻئي طرف يوٽيلٽي اسٽورن تان اٽو، گيهه، داليون ۽ کنڊ اڻلڀ ٿي ويون آهن ته انساني زندگي جي بچاءَ جا ذريعا دوائون به اڻلڀ ٿي ويون آھن پر سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت وڌندڙ مھانگائي تي ڪنٽرول نه ڪري سگھي آھي، حڪومت ويتر عوام مٿان روزانون مهانگائءَي جا نوان نوان بم ڪيرائي رھي آھي. سنڌ سرڪار عوام کي سستو اٽو فراھم ڪرڻ جون وڏيون وڏيون دعوائون ته ڪيون هيون پر اها عوام کي سستو اٽو مھيا نه ڪري سگھي آهي، نتيجي طور روز مزدوري ڪندڙ طبقو سخت پريشان آهي. ڊالر جي قيمت پڻ آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳي آهي، ڊالر جي قيمتن جي واڌ سبب سون چانديءَ جون قيمتون پڻ عروج تي پھتل آھن. مھانگائيءَ سبب مسڪين ماڻهو ھن وقت فاڪاڪشي واري حالتن مان گذري رھيا آھن پر حڪمران طبقي کي عوام جو ڪو به احساس نه آھي، جيڪو به حڪمران اقتدار ۾ اچي ٿو سو ڪرسي کي چنبڙي ٿو پوي ۽ عوامي مسئلن کان لاتعلق بڻجي ٿو وڃي، سمجھ ۾ نٿو اچي ته آخر اسان جي ملڪ مان ظلم وارو نظام ڪڏھن ختم ٿيندو؟

مختيار بلوچ/تنگواڻي، ڪشمور

غربت ٽيلينٽ کي کائي ٿي!

شروع ان خالق جي نانءَ سان جنھن پرکڻ ۽ لکڻ جي سگھ ڏني، ھن ننڍڙي لکت جي عنوان موجب غربت جا صرف ٻه قسم بيان ڪندس، پھريون مايا، ھي قسم تعليم جي ميدان ۾ ايترو ته ضروري ھوندو آھي جيئن اسان کي وڌڻ لاءِ غذا جي ضرورت ھوندي آھي ۽ ان جي ضرورت يونيورسٽيءَ جي ميدان ۾ سخت پوندي آھي، مون پھنجي اکين سان ڏٺو آهي ته ان ضرورت مستقبل جي پروفيسرن، ڊاڪٽرن، انجئنئرن جي ٽيلينٽ کي ايئن کاڌو آھي جيئن سڪل ڪاٺي کي باھ کائيندي آھي (ڪنھن سوال ڪيو ته يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپ به ھوندي آھي؟ جواب غريب شاگردن جو وڏو واسطو نه ھوندو آ يا وري ٢ سال انھن کي پنڻو پوندو آ، ٣ سال وڃي ڪجھ جھان ٿيندو آ) مون کي کل ايندي آھي، جڏھن داخلا دوران اسان جي زھين ترين محترم مينيجمينٽ کي قسم نامان ته ياد ھوندا آھن پر ھڪ به ڪاغذ اھو نه وٺندا آھن جنھن ۾ ٻار جي فيملي بيڪ گراؤنڊ جي سڌ پئي ۽ ان جو نتيجو مان ھن طرح ڏسندو آھيان جو ڪيترن ئي ٽيلينڊ ماڻھن کي ٽيلينٽ کپائيندي يا ڪمري ۽ جھوپڙي تائين محدود ٿيندي ڏٺو آھي، مان ھارين، مزدورن جي گھرن ۾ سائنٽسٽ ۽ ٻيان وڏا وڏا خواب ڏسندي معصوم ٻارن کي پرکيو ۽ روئيندي ڏٺو آھي، سبب مايا، جي اسان ٢ قسم يعني ذھني غربت کي بيان ڪريون ته ان جو شڪار ٨٠ سيڪڙو اسان جون معصوم نياڻيون ٿين ٿيون، جنھن جو سبب ھي انسانن جي ويس ۾ حيوانن جون ريتون رسمون ۽ انھن جو ھي اڏيل معاشرو آھي، انھن شھزادين جي تربيت رڳو اھا ڪئي ويندي آھي ته شادي ڪرڻي آ ۽ ٻار پيدا ڪرڻا آھن. ذھني غربت جي ڪري ڪيئترين ئي معصوم نياڻين جو ٽيلينٽ ضايع ٿئي ٿو ۽ تعليم واري زيور کان محروم رھن ٿيون، ھن تحرير کان پوءِ مان سمجھان ٿو ته ھن شاگرد سان اوھان جا نظرياتي اختلاف ٿي سگھن ٿا اوھان جي سوالن ۽ اختلافن کي مان ڀليڪار ٿو چوان مھربانيون .

صادق علي سنجراڻي/ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، نواب شاھ .

درگاهھ بودلا حاجنا شاھه بخاري جو عرس مبارڪ!

درگاھ بودلا حاجنا شاھ بخاري جو عرس (تل) مبارڪ  شروع ٿي ويو آهي، جيڪو ٽي ڏينهن جاري رهندو، درگاھ بودلا سرڪار جي خاص ڳالھ اها آهي ته جڏهن بهار جي موسم ۾ پيلا گل تيار ٿيندا آهن  تڏهن تل ملهايو ويندو آهي، درگاھ بودلا بخاري راڻيپور تي درگاھ بودلا سڪندر سيوهڻ جي گادي نشين ميان اختر حسين پيرزاده، ميان منظور حسين پيرزاده، درگاھ بودلا حاجنا شاھ بخاري راڻيپور جي گادي نشين ميان فدا حسين پيرزداه، ميان بهاوالدين پيرزاده، ميان بخش علي پيرزاده، مريدن عقيدتنمدن سان گڏجي ڌمال هڻندا، ميندي جي رسم ادا ڪندا آهن، ميندي گادي نشين جي حويلي تان برآمد ڪئي ويندي آهي، جنهن بعد سوين عقيدتمدن مريدن ۽ شھرين سان گڏجي ڌمال لڳندي آهي، ڌمالين کي خاص لباس ڳاڙهو پاتل هوندو آهي جنهن کي قلندري ڌمال پڻ چيو ويندو آهي، ميندي کڻي درگاھ بودلا بخاري پهچندا آهن جتي چادر جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي، جنهن بعد ميندي مريدن عقيدتمندن ۾ ورهائي ويندي آهي، هيءَ رسم تمام پراڻي آهي، جيڪا اڄ به جاري آھي، خاص ڪري هي تل بهار جي موسم ۾ جڏھن پيلا گل رسي تيار ٿيندا آھن ته عرس مبارڪ جنهن کي تل پڻ سڏيو ويندو آھي. بودلا حاجنا شاھ 7سو سال اڳ راڻيپور جي نگري ۾ آيو پنهنجي بزرگي الله جي عبادت گذارڻ سبب علائقي جي ماڻھن جي دلين ري راج ڪيو ۽ رب جي واٽ تي هليو، سخي بودلا جي درگاھ تي ڪافي ماڻھو پنهنجيون باسون رکي ويندا آھن، جن جون مرادون پوريون ٿيڻ کان پوءِ ھتي اچي ميندي ۾ شريڪ ٿي ويندا آھن، عرس مبارڪ جي سلسلي ۾ نگر نياز ڪيو ويندو آهي، هن ننگر جي خاص ڳالھ اها آهي ته هتي جيڪو نياز ٿيندو آهي اهو پٽڙو ڀت هوندو آهي، جيڪو خاص ڪڻڪ جو هوندو آهي، جيڪو مريدن عقيدتمندن ۾ ورهايو ويندو آھي.

رضا راڄپر/ راڻيپور

سنڌ جي هر اداري ۾ ڪرپشن عروج تي آهي!

سنڌ ۾ تعليم کاتي بابت ڪجھ مهينا اڳ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاران هڪ رپورٽ پڌري ڪئي وئي هئي ته سنڌ جي مڙني کاتن مان تعليم کاتي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن آهي مطلب ته سنڌ جو تعليم کاتو سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ آهي، شايع ٿيل رپورٽ تي ڪيترن ئي ماهرن، دانشورن اها ڳالھ تسليم ڪئي ته سنڌ جي تعليم کاتي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن آهي. اها ڪا نئين ڳالھ ناهي، جنهن تي عجب ٿيڻ گهرجي، بهرحال اها هڪ حقيقت به آهي. مان هتي پنهنجي ڳالھ ٻڌائيندو هلان ته منهنجو تعلق ضلعي قمبر شهداڪوٽ ۽ تعلقي ميروخان مان آهي. جڏهن فوتيءَ ڪوٽا تي اپلاءِ ڪرڻ جي لاءِ تعلقي جي ايجوڪيشن آفيس ۾ وڃڻ ٿيو ته اتي هڪ ڪلرڪ وراڻيو ته سائين ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟ مان ته ڪلرڪ کي سڄي حقيقت ٻڌائي ۽ ڪلرڪ به پنهنجو سڄو حال احوال ٻڌايو، ٿيو ايئن جو ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود منهنجو فائيل اتي جو اتي پيل هو، جڏهن پئسن جي آڇ ڪئي ته هن دير ئي نه ڪئي، چيائين ته پئسا ڏيو ۽ ڪم پنجن منٽن ۾ مڪمل ٿي ويندو. افسوس ان ڳالھ جو آهي ته سنڌ جي سڀني تعليم کاتي ۾ نظام اهو لڳو پيو آهي جيڪو به آفيسر اچي ٿو اهو پئسا ڏئي اچي ٿو ۽ هو پنهنجا ڀريل پئسا وري عوام مان ڪڍي ٿو ۽ وچ ۾ ماڻهن جا ڪم لهي ٿا وڃن. منهنجي سنڌ جي تعليم جي وزير کي گذارش آهي ته ڪرپٽ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سنڌ جي تعليم کاتي جي آفيسن ۾ سڌارو آندو وڃي ۽ آگاهي واري ايپليڪشن تيار ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهو ان تي سولائيءَ سان شڪايت داخل ڪري سگهن ۽ ترت ئي سولائيءَ سان ڪم ٿي سگهي.

مدثر بيدار چانڊيو/ميروخان

مظلوم سنڌ جو درد !

افسوس جي بگلي اسان وٽ هميشه ساڻ هوندي آهي، جنهن ۾ قياس جا ڪرندڙ ڳوڙها، ايئن ئي لاوارث ٿي غائب ٿيندا ويندا آهن جيئن سنڌ جا ڳڀرو جوان ڌرتيءَ تان غائب ٿي رهيا آهن،  اسان بيوس، لاچار ۽ عقيدن جي ڌٻڻ ۾ اهڙو ڦاسي پيا آهيون، جتي رڳو زنده رهڻ به معجزو بڻيل آهي، هر طرف ماحول ۾ وحشت ۽ دهشت آهي، جن گهرن جي چوديواري ۾ عورتن سان گڏ مرد، ٻار ۽ پوڙها محفوظ هوندا هئا، هن وقت اهي چوديواريون به تحفظ ڏيڻ کان انڪاري آهن، جن جي جاءِ تي اهڙا ڪوٽ اڏيل هجن جن جي پويان رڳو آزاديءَ سان “ساهه” کڻي سگهجي. هن گهڻ قومي رياست ۾ محبت اهڙوئي گناهه آهي، جهڙو ابليس آدم کي سجدو نه ڪرڻ وقت ڪيو هو. هن رياست جو پاڙون ظلم، ڏاڍ، جبر ۽ بربريت تي کُتل آهن، هيٺين طبقي سان ساڳي صورتحال آهي، جيڪا فرانس جي انقلاب کان اڳ اتان جي ماڻهن سان هئي، دُنيا پنجين جنريشن کان به اڳيان پئي وڃي، پاڻ اڃا ڪلاسيڪل دور مان ئي ناهيون نڪري سگهيا، سائنسي دور جا صرف پاڻ اڃا پاڇولا ڏٺا آهن، سائنس ته يورپ، آمريڪا ۽ جاپان وٽ آهي، بهرحال اسان جي نام نهاد جمهوريت پسند حڪمران روز نوان طريقا ڳولين پيا ته ٻاهران فنڊنگ ڪيئن حاصل ڪري ذاتي استعمال هيٺ آڻجي، ڇو ته جانچ پڙتال ڪندڙ ادارا توڙي عدالتي نظام پڻ سياسي ڌڙن جي اشارن ۾ آهي، وحشت جي بوءِ آخر سنڌ ۾ ئي ڇو آهي؟ ڇا هر زوريءَ اغوا ٿيندڙ سنڌي ۽ ان جو ٻورين ۾ ملندڙ بند پيل لاش ڳجھن ادارن جو ڪم آهن يا وچ تي راند ئي ڪا ٻي کيڏي پئي وڃي؟ اسان لاءِ اهو سوال ئي رهندو آهي؟ اقليت ۾ ته اسان اڳ ئي اچي چڪا آهيون پر ڇا جيڪو ڪجهه رهيو آهي ڇا ان کي سنڀالڻ جا به اهل آهيون اسان؟ پير، مير، ڪامورا ۽ ڀوتار ابد کان وٺي ضمير فروش ۽ ڌارين جا واٺا  ڌرتيءَ جا غدار رهيا آهن، ڇا قاعداعظم کي ايتري سگهه هئي ته هن ايڏي وڏي ملڪ ۽ قوم کي ڪيتري سولائيءَ سان ڪالوني بنائي ڇڏيو، هن وٽ ملڪ کي جوڙي سڃن جي کڏ ۾ اُڇلائي ڇڏيو، هن کي شروع ۾ ئي احساس ٿي ويو هو ته قرض هن ملڪ لاءِ تمام ضروري آهي، جنهن سبب ڪري هن آمريڪا کان قرض گهريو پر کيس موٽ ۾ ناڪاري جواب مليو. هن وٽ به منصوبابنديءَ جي کوٽ هئي.

جاويد پنهور، ڳوٺ دٻي نبن شاهه/دادو

اڄ جو وڏو ڏوھه به سچ ڳالهائڻ آھي!‎‎

صرف ماضيءَ ۾ ئي نه پر اڄ جو وڏو ڏوھ به سچ ڳالهائڻ آھي، اوھان تجربي لاءِ ڪنھن ڪاموري، ڀوتار، بلڊر، ڊاڪٽر وغيره کي آزمائي ته ڏسو، اھي بجاءِ ان جي جو ھو اوھان جي ڳالهه تسليم ڪن ۽ مڃڻ لاءِ تيار ٿين ۽ غريب عوام جا غلط فيصلا نه ڪن، انھن جي حق کائڻ کان پاسو ڪن، انھن کي سٺيون دوائون ڏين، فيس گھٽائن ۽ معاشري ۾ سٺو ڪردار ادا ڪن ۽ حق سچ جو ساٿ ڏين، اھي ايئن ته نه ڪندا ابتو اوھان جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندا ۽ اوھان کي مختلف طريقن سان ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ جي ڪوشش ڪندا، ڄڻ ڪي اسين غلام هجون، اھڙين اھڙين سٺين پاڪ اخبارن جي ڌمڪي ڏيندا، مان پريس تائين پھچ رکندو آھيان، مان ڦلاڻي، ٽيري، مٽيري، ڍينگڙي اخبار جي ذريعي ذليل و خوار ڪندو سانءِ، اشتھاري ڏوهاري ڄاڻي ڇڏيندو سانءِ وغيره وغيره. واھ ادا واھ، اھو آھي سچ ڳالهائڻ جو انعام، تنقيد براءِ اصلاح ڪرڻ جو انجام؟ حقيقت ته اھا آھي ته ھي تنقيد براءِ اصلاح ٿيڻ تي پنهنجي شخصيت، اداري، پروفيشن کي بهتر طور مڃرائي سگهن ٿا، جنهن ۾ عوام جي ڀلائي سان گڏوگڏ انھن يارن جي دنيا ۽ آخرت به ٺھندي اميد آهي ته سڀ دوست پنھنجي پنھنجي شخصيت ۽ اداري، پروفيشن ۾ ڌيان ڏيندا ته ڪٿي ڪنهن غريب مسڪين سان ڪا ناانصافي ته نه ٿي رھي آھي ۽ انھن مسڪينن جي آواز بڻبا ۽ حق سچ ڳالهائڻ وارن جي حوصلا افزائي ڪرڻ نه وساريندا.

ايم فل اسڪالر عبدالقدير جانوري/خيرپوڳر

اڄ جو نوجوان باغي ڇو؟

جواني زندگيءَ جو اهو دور آهي، جنهن ۾ انسان مضبوط، حوصلو، جوان ۽ روح بلند هوندو آهي، رت رڳن ۾ بجليءَ جيان ڊوڙندو آهي. هو جبلن سان ٽڪرائڻ لاءِ پرعزم هوندو آهي پر جڏهن سندس رستا روڪ ٿي ويندي آهي ته هو گھُٽ محسوس ڪندو آهي ۽ پوءِ رد عمل ظاهر ڪندو آهي، هر صورت ۾ شعوري ڪوشش ان کي معنيٰ ڏئي ٿي. اڄ جيڪي نوجوان باغي آهن، اهي سماج جي ڏاڍ جو نتيجو آهن. اها بغاوت انهيءَ غداري خلاف ناراضگيءَ جو اظهار آهي، جنهن کي رياست ۽ سماج برقرار رکيو آهي. هڪ طرف نوجوانن کي مستقبل جو معمار سڏيو وڃي ٿو پر عملي طور تي نه ته انهن کي ڪنهن به مشاورت ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو ۽ نه ئي انهن جي راءِ ورتي وڃي ٿي. اسان جي سماج ۾ نوجوان ٻن طبقن ۾ ورهايل آهن. هڪڙا اُهي جيڪي مالدار ۽ پنهنجي مستيءَ ۾ مست هوندا آهن، ٻيو وچولو طبقو ۽ غريب نوجوان، جيڪي محنت سان پڙهن ٿا پر جڏهن سٺا نتيجا نٿا ڏين ته انهن ۾ باغياڻو رويو اڀرڻ شروع ٿئي ٿو. جڏهن نوجوان پنهنجون گهربل خواهشون پوريون نه ڪندا آهن ته پهريان ناراض ٿيندا آهن، پوءِ سخت پريشانيءَ واري حالت ۾ وٺجي ويندا آهن ۽ اتان ئي اهو سلسلو شروع ٿيندو آهي، جنهن کي عام طور بغاوت چئبو آهي.

عبدالرئوف بجير/ٿرپارڪر