اشو آف دي ڊي … سنڌي ٻولي_قومي ٻولي جو مطالبو: ڀلا ڪا عورت گونگي هجي ته ڇا سندس ٻارن جي ڪا مادري ٻولي ڪانه هوندي ؟

0
215

 مادري ٻولي جي عالمي ڏينهن تي سوشل ميڊيا تي مطالبو ڪيو ويو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي ٽرينڊ هلايو ويو، ان حوالي سان فرحان خان تنيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪا ٻولي ٿڃ سان تنهنجي پيٽ پئي، سا تو ڪيئن ڪئي، اڄڪلهه آھي اوپري. (شيخ اياز) سنڌ ۾ سنڌين طرفان سنڌي ٻولي سان اوپرائپ وارو عمل ڏاڍو ڏکائيندڙ ۽ آئيندي لاءِ ھاڃيڪار ثابت ٿيندو، مادري ٻولي کي اوليت ڏئي ماءُ جي ٿڃ ملهائڻ گهرجي. جنهن تي آصف لکائي لکيو ته “ابتدائي” طور تي سمورا علم پنهنجي “مادري ٻولي” ۾ پڙهڻ سان ٻارن ۾ “تخليقي صلاحيت” پيدا ٿيندي آهي ۽ اھي “ڏاھا” ٿيندا آهن! سنڌي ٻولي_قومي ٻولي، نصرالله جمالي لکيو ته ڏسو عام ماڻهو ته پنھنجي گهرن ۾ سنڌي ٻولي ئي ڳالھائي ٿو پر سنڌ جي پڙھيل لکيل ۽ سنڌي ٻولي جا جيڪي ماھر آهن انهن کي گهرجي ته پنهنجي ٻارن سان سنڌي ڳالھائين ڪيترائي اسٽيج تي ويٺل سنڌي ٻولي کي خطري واري ڳالھه ڪندڙ پاڻ خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري رھيا آھن توهان چوندا ته ثبوت به فراهم ڪري سگهجي ٿو، ڪشور ڪمار لکيو ته سنڌي ٻوليءَ قومي، ارباب علي تنيو، مهراڻ گهمرو، عرفان علي چنا به ردعمل ڏنو، آفاق احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نَئِين آھي نِت ناز وارَن جِي ٻولِي، نِگاهُن  اَدائُن  اِشارَن  جِي  ٻولِي، ٢١هِين فيبرورِي مادرِي ٻولين جو عالمِي ڏينهُن آھي. اسان هِن تاريخي ڏِينهُن تي دُنيا جي سَڀنيءَ ننڍين وَڏين ٻولين جو اِحترام ڪندي پنهنجي سِنڌِي ٻوليءَ کي سلام پيش ڪريُون ٿا ۽ حُڪومَت کان اِها گھُر ٿا ڪريُون ته سِنڌِي ٻولِيءَ کي مُلڪِي سَطح تي قومِي ٻولِيءَ جو دَرجو ڏئي نِصابُ ۾ پڙهائِي وڃي ته جيئن سِنڌِي ٻولِيءَ جي پنهنجِي تاريخِي حيثيَت ۽ سُڃاڻَپ بَرقَرار رهي. محمد اسلم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٻولين جي عالمي ڏينهن تي سڀ محبتون مٺڙي، سٻاجهڙي، محبوب ٻولي سنڌي ٻوليءَ جي نانءُ …سنڌي ٻولي قومي ٻولي، آڪاش ملاح پوسٽ شيئر ڪئي ته سنڌي ٻولي قومي ٻولي، جنهن اسد تي نبي بلوچ، امجد خان، حذب لغاري، ڏهيسر آريسر، پپن سنڌي، زين ميمڻ، زاهد لغاري، ڪامريڊ راجا چنڙ، شهزاد شر، منور ابڙو، نواب سنڌي به سنڌي ٻولي قومي ٻولي جو مطالبو ڪيو. گل ميتلو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نوبل انعام يافتا ڏاهي رابندرناٿ ٽئگور جو چوڻ آهي ته: ‎تون ڀلي سڄي زندگي ٻيءَ ڪنھن اڌاريءَ ورتل ٻوليءَ ۾ لکين، پر توکي نڪو تنھنجا ماڻھو، نڪو ان اڌاريءَ ورتل ٻوليءَ جا ماڻھو پنھنجو سمجهندا. تون ٻئي ڪنھن جو بڻجين، تنھن کان اڳ تو کي پھرين پنھنجن ماڻهن جو بڻجڻو پوندو.جنهن تي زبير ميمڻ لکيو ته سنڌي ٻولي اباڻي ٻولي، شهداد ڪلمتي بلوچ لکيو ته ان ڪري اسان به چئون ٿا ته بلوچي کي قومي ٻولي ڪيو وڃي، ايم هاشم سهتو لکيو ته سنڌي ٻولي قومي ٻولي، عرفان علي چانگ وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته سنڌي ٻوليءَ کي سيني سان لڳائي، پنهنجي عظيم تھذيب ۽ ٻوليءَ سان جڙي وڃو، جيئن دنيا ۾ قوميت جو نالو زنده رھي. سنڌي ٻولي قومي ٻولي، رحمت الله ماڃوٺي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مادري ٻوليءَ جي وصف ئي غلط ٻڌائي ۽ سمجھائي پئي وڃي، ڀلا ڪا عورت گونگي ھجي ته ڇا سندس ٻارن جي ڪا مادري ٻولي ڪانه ھوندي ؟ جنهن تي عرفان شيخ لکيو ته ماءُ گونگي ھجڻ سان ٻولي ته گونگي نه ٿيندي ضرور ان ٻار جو پيءُ به ھوندو ڪا ماسي چاچي ڀيڻ ڀاڄائي جن جي اگر ساڳئي ٻولي آھي ته ٻار فطرت ۽ ماحول مان به سکي ٿو ته منھجي مادري ٻولي اھائي آھي اگر امان کي ڪا زبان هوندي ته اها ئي ٻولي ڳالهائيندي جيڪا منهنجي ڏاڏي ڳالهائي ٿي لکن ۾ ڪا عورت گونگي ھجي ته ان نقص جو مادري ٻولي تي اثر ڇو ؟ اصغر برفت لکيو ته  سڄي دنيا ۾ وطن کي مادر وطن سڏيو ويندو آھي ۽ روس وارا فادرلينڊ سڏيندا آھن، سندن. خيال آھي وطن پي جو ورثو آھي ماءُ ته ڪير به ٿي سگھي ٿي. مون ان روسي کي چيو ته مادر وطن جو مطلب وطن ماءُ جيئن ھجي ٿو ان ۾ممتا ھوندي آھي. ھن مون کي چيو ته جنھن رياست ۾ توھان رھو ٿا اھو ته ان خيال تي به فٽ نه ٿي اچي اھا ماءُ وانگر ناھي. شوال ڏيٿو لکيو ته لفظ مادري،  ڌرتي سان منسوب آھي مادري ٻولي معني ڌرتي ماءُ جي ٻولي ۽ ڌرتي گونگي ناهي ٿيندي، فيض گل ڇلگري لکيو ته مادري ٻوليءَ جي اصطلاح مان مراد ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ اھا پھرين ٻولي جيڪا ٻار پنهنجي والدين/پرورش ڪندڙن کان سکي. گل سيوهاڻي لکيو ته دوستن کي خبر ھجڻ گھرجي ته انسان جون 3 مائرون آھن انھن ۾ ھڪڙي اھا ماءُ جيڪا پنھنجي ڪک مان جنم ڏئي ٿي، ٻي اھا ماءُ جيڪا سندس زبان ۾ ڳالھائڻ سيکاري ٿي ٽين اھا ماءُ جيڪا مرڻ کان پوءِ ھنج وٺي ٿي جنھن کي پاڻ ڌرتي ماءُ چئون ٿا جيڪڏھن ڪنھن جي امڙ گونگي آھي ته ان جي اھائي ماءُ آھي جنھن ھن کي پنھنجي ڪک مان جنم ڏنو آھي ان جي مادري زبان ڪھڙي آھي جيڪا ان جي مادري زبان اھائي ان گونگي عورت جي اولاد جي مادري زبان ھوندي آھي، مسعود ڏيپلائي لکيو ته مادر صرف ماءُ جي ٻولي کي نٿو چئجي مادري ٻولي جي وسيع وصف موجب وطن ۽ ماحول جي ٻولي آهي، امر اياز مهر لکيو ته اهڙي ٻوليءَ کي اشارن جي ٻولي چئبو.. بنيادي يا مادري ٻولي ماءُ جي ٻوليءَ سان ئي لاڳاپيل آهي.. جيڪڏهن ماءُ ناهي ته ان ٻار جي پالنا ڪندڙ جي ٻولي ان ٻار جي مادري ٻولي چئبي.. ٻولي جيڪا به هجي اها اُن ڳالهائيندڙ جي لاءِ وڏي اهميت واري ٿئي ٿي.. برفت اصغر لکيو ته ماءُ روسڻ، ڪينڊين يا بنگال ھجي ته پوءِ اھو سنڌي نه ھوندو ۽ ان جي مادري زبان ڪھڙي ھوندي. محمد امين جمالي لکيو ته سنڌي اباڻي ٻولي، محرم چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مون کي ڪنهن به ٻولي کان نفرت ناهي، بس مون کي پنهنجي ٻولي سان بي انتها محبت آهي. اشفاق چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٻولين جي عالمي ڏهاڙي تي ڳوٺ ڄام خان نورياڻي چانڊيو ۾گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول نورياڻي ۾سنڌي ٻولي قومي ٻولي جو ڏينھن ملھايو ويو. سمن راهي استاد بخاري جي سنڌي ٻولي بابت شاعري شيئر ڪئي، اسد ممتاز رڏ موسيٰ انٽر جي چوڻي شيئر ڪئي ته جيڪڏهن منهنجي مادري ٻولي توهان جي رياست جا بنياد لوڏي رهي آهي ته ان جو مطلب آهي ته توهان پنهنجي رياست منهنجي ڌرتي تي ٺاهي آهي، شڪيل ڇڄڙو به سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي پوسٽ شيئر ڪئي، استاد راهي سومرو پوسٽ شيئر ڪئي ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، خالد ڪوري لکيو ته سنڌي ٻولي تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي پس منظر رکي ٿي. مولانا عبيدالله سنڌي لکيو آهي ته دنيا ۾ ست آسماني زبانون آهن جن مان سنڌي به هڪ آهي.سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد تي مختلف رايا ملن ٿا. پر ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته عيسوي سن کان اڳ به سنڌي ٻوليءَ جا آثار ملن ٿا، هني لکيو ته آئون دراوڙ آهيان آئون مطالبو نه آئون حڪم ٿو ڪريان ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي.(عطا محمد ڀنڀرو) ارڏو سنڌي لکيو ته قوم جي شناخت جي بقا لاءِ ٻولي جي سڃاڻ برقرار رهڻ بنيادي شرط آهي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي،  جميلا تبسم لکيو ته ٻوليءَ جي عالمي ڏهاڙي تي ڀانگريا ڳوٺ عزيز آباد ڪراچي جي ان سنڌي ميڊيم اسڪول جو ذڪر ضرور ڪرڻ چاهيندس جيڪو انگريزن جي دور ۾ قائم ٿيو ۽ اڄ به موجود آهي  اسڪول جي پراڻي داخلا رجسٽر مان خبر پوي ٿي ته پاڪستان ٺھڻ کان اڳ به ڪراچيءَ ۾سنڌي ميڊيم اسڪول فعال هئا، سرتاج احمد، مٺل بلوچ، سعيد سانگري، واجد سنڌي، غلام رحيم، جي ايم ڪيريو، مهوش عباسي، وفا يامين لغاري، عاجز جمالي، دريا خان، رابيل سيال، فرياد ڄامڙو، امر فياض، ڊاڪٽر عاصمه جوڻيجو، آزاد علي، اختر ٻانڀڻ، ياسين رند، عروسه لاشاري، خالد صوفي، علي ساند، سلمان شيرازي، ڪائنات هاليپوٽو، حيدربخش کوسو، ثنا بڪڪ، هالار آريجو، راهمون صوبدار، سعيد احمد ڪوري ۽ ٻين به سنڌي ٻولي قومي ٻولي ٽرينڊ ۾ حصو ورتو.