ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ چيف سليڪٽر شاهد آفريدي شاهين آفريدي کي مشورو ڏيندي چيو آهي ته اهو اسٽمپ کان تمام پري بالنگ ڪري رهيو آهي جنهن سبب هن تي وڌيڪ رنز ٺهي رهيون آهن. مقامي ٽي وي سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو ته لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين کي بالنگ دوران لائن ۽ لينٿ ٺيڪ ڪرڻي پوندي، اهو اسٽمپ کان پري بالنگ ڪري رهيو آهي، هن کي وسيم اڪرم جيان اسٽمپ ۾ بال کي اندر آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن شاهين کي مشورو ڏيندي چيو ته کيس پنهنجي پراڻي وڊيوز ڏسڻ جي ضرورت آهي، اهو اننگز جي آخري اوورن ۾ يارڪر جي ڪوشش ۾ فل ٽاس بال ڪرائي رهيو آهي جنهن سان حريف ٽيم کي فائدو ٿي رهيو آهي.