قيديءَ جي ڊائري!

 

ذهن جي ٻيلي ۾ سوچ جي باهه ڀڙڪي پوي ٿي، احساسن جا پکي اڏامڻ لڳن ٿا، اهي هڪڙي وڌيڪ غلام ڏينهن جو بدن چمن ٿا. زبير سومري جو ڪالم، ماڻهو پنهنجن دوستن جو آئينو آهي، پڙهي سڀن دوستن جي ياد اچي وئي ۽ پيرا ليگل ڪلاس ۾ انهن سان ملي ڏاڍو مزو آيو. شبير ٻرڙو ۽ رشيد جمالي چانهه ڪري اچي ويا، ڀائو آصف ڇلگري ۽ مون به اڄ سڀ ميارون لاهي ڇڏيون، مون کي حضرت علي جو قول ياد آيو ته سچا دوست هڪ جان هوندا آهن ڀلي انهن جا بدن ڌار ڌار هجن، خير ميڊم نورين شيخ اڄ اسان کان ڪلاس ورتو. حيدر بخش کوسي صاحب پنهنجي ڪتاب “دل جي دنيا” مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، اها خبر ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي، آئون دل جي گھرائيءَ سان ڀائو حيدر کي واڌايون پيش ڪريان ٿو ۽ اميد ٿو ڪريان ته ڀائو حيدر بخش پنهنجي جيل ڊائريءَ ۾ اسان کي به ياد رکندو. حيدر جو ياد رکڻ مون لاءِ ڪنهن اعزاز کان گھت نه هوندو، نواز ماڇي ۽ طالب رند به ڪچهريءَ تي آيا جن کي ساٿين بسڪيٽ وغيره کارايا. نواز اسان جي جيل ۾ تمام گھڻي خدمت ڪئي آهي، ان لاءِ آئون هميشه ان جي عزت ڪندو آهيان، بس الله ان کي جلد کان جلد آزادي ڏئي، سڀاڻي آئون قيدين کي ليڪچر ڏيندس پر مون اهو ليڪچر موگائيڊ موجود ناهي پر آئون اميد ٿو ڪيان ته سمورا دسوت بهتر نموني سان منهنجو اهو ليڪچر ٻڌندا ۽ اميد اٿم ته اهي دوست پنهنجي تعليم ۾ ڪامياب پڻ ضرور ٿيندا.

 

دلدار علي بخش وساڻ/ سينٽرل جيل حيدرآباد/ 15 مارچ 2022

سنڌ ۾ ڪالرا، بخار ڦهليل ۽ اڻلڀ صحت جون سهولتون!‎‎

 

سنڌ ۾ وقفي وقفي سان برساتن جو سلسلو جاري آھي ۽ بيمارين به اچي منھن ڪڍيو آھي، ان جا ڪيترائي سبب آھن، شھرن ۽ ڳوٺن ۾ صفائي نه ھجڻ، گند ڪچري سبب مکين ۽ مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي. شھرن ۾ به نيڪال جو نظام بھتر ناھي، کڏن ڪپن ۾ خراب زھريلو پاڻي بيٺل آھي، جيڪو نيڪال نه ٿيڻ ڪري سينوارجي وڃي ٿو ۽ ان پاڻي تي مڇر ويھن ٿا، جيڪي بيماريون ڦھلائين ٿا، ٻيو ته پيئڻ جو صاف پاڻي جو نه ھجڻ به ھڪ اھم ڪارڻ آھي. پاڻي صاف نه ھجڻ ڪري پيٽ جون بيماريون ٿين ٿيون، اڄ ڪلھ ننڍڙن ٻارڙن ۽ وڏن کي تيز بخار سان گڏ الٽيون ۽ دست ۽ مليريا جھڙيون خطرناڪ بيماريون ٿين ٿيون. اسپتالن ۾ ٻارڙن جي صحيح طرح دوا درمل نه ٿي ملي، ڊاڪٽر مريضن کي صحيح چڪاس نٿا ڪن نه وري دوائون مريضن کي ملن ٿيون. غريب بي پھچ ماڻھن وٽ خانگي اسپتالن مان علاج ڪرائڻ جيترو پئسو ناھي جو هو پنھنجي معصوم ٻارڙن جي جان بچائي سگھن. سرڪاري اسپتالن جي بجيٽ ته ڪافي آھي پر خبر ناھي ته ڪٿي ٿي خرچ ٿئي؟ ڊاڪٽر مريضن کي ٻاھر پنھنجن ميڊيڪل اسٽورن جون دوائون لکي ٿا ڏين. مان صرف ھڪ خيرپور سول اسپتال جو مثال ٿو ڏيان ته ان جي مھيني جي بجيٽ لڳ ڀڳ 88 ڪروڙ رپيا آھي پر خبر ناھي ته بجيٽ ڪيڏانھن ٿي وڃي؟ اسپتال ۾ رش آھي، ايئن ھن وقت خاص ڪري ننڍڙا ٻار ڪالرا جي مرض ۾ ورتل آھن، سنڌ حڪومت کي اھڙي ڳنڀير ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ايمرجنسي جي بنياد تي ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ گھرجن ۽ فري دوائون ڏنيون وڃن، ڳوٺن ۽ شھرن ۾ مڇرمار ڦوھارو ڪرايو وڃي ۽ لوڪل حڪومت ٽائون آفيسر کي بجيٽ گھٽين صفائي ۽ پاڻي نيڪال تي خرچ ڪرڻ گھرجي. ٽائون آفيسرز خرچ ڪيل بجيٽ جو پڇاڻو ڪن ته آخر بجيٽ ڪيئن ۽ ڪٿي خرچ ٿي صرف ٿئي؟ مينھن جي پاڻي ۾ بيھي فوٽو ڪڍرائڻ سان ڪم نه ھلندو، سنڌ حڪومت کي ماڻھن جي صحت ۽ جان مال ۽ ايمرجنسي واري صورتحال ۾ سهائتا ڪرڻ گھرجي.

 

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

برڪت بلوچ جا ھائيڪا!‎‎

 

برڪت بلوچ جي شاعريءَ ۾ اسان کي ديس، ڌرتيءَ جو آواز به نظر اچي ٿو ته سرتي جي سونھن ۽ سڪ به نظر اچي ٿي، جماليات، پيار، محبت، رواداري به نظر ايندي. ھونئن ته برڪت بلوچ غزل، گيت، نظم، بيت ۽ ٻين ڪيترين ئي صنفن ۾ شاعري ڪئي آھي پر سندس ھائيڪا پنھنجو مٽ پاڻ آھن. اڄ سندس شاعريءَ مان اسان ڪجھ چونڊ ھائيڪا جيڪي فطرتي حسن جي عڪاسي ڪن ٿا سي اوھان جي آڏو پيش ڪيون ٿا پر ان کان اڳ ھائيڪو جي وصف ۽ پس منظر تي ھڪ نظر وجھندا ھلون. ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون ۾ ليکڪ ظفر عباسي صاحب ھائيڪو جي وصف ھن ريت پيش ڪئي آهي. ھائيڪو اصل ۾ جاپاني ٻولي جو لفظ “ھيڪو” مان ورتل آهي، جنھن جي معنيٰ آھي مفرد يا اڪيلو ڪلام/گفتگو. ھائيڪو کي ننڍڙي وصف ۾ ايئن بيان ڪري سگھجي ٿو ته ھائيڪو ھڪ عڪس آھي، جذبي سان ڀريل ھڪ عڪس اھو معروضي عڪس آھي جيڪو وٿ  (object)کي ماڳ time) and space)  ۾ متعين ڪري ٿو ۽ ان جي موسم(season)  جو عنصر ضروري آھي، ان جو گھاڙيٽو 5_7_5 ماترائون ۽ پھرين ۽ پوئين سٽ جو قافلو ساڳيو ھوندو آھي، ھن صنف جي اڃا به وصف چٽي ايئن ڪجي ٿي ته “اھي تصويرون جن ۾ وٿن(objects) کي وقت(time) ۽ ماڳ (space) ۾ متعين ڪيو وڃي، اھوئي سبب آھي جو ھن صنف کي سنڌي ۾ آڻيندڙ سنڌي ھائيڪو جو سرواڻ، نارائڻ شيام ھن وصف کي تصويرون جي نالي سان ٿو سڏي پر مرحوم شيخ اياز صاحب پنھنجو پاڻ کي سنڌي ٻولي ۾ ھائيڪو جو بنياد وجھندڙ قرار ڏنو آهي”. سنڌيءَ ۾ ھائيڪو جو پھريون مجموعو شيخ اياز (پن ڇڻ پڄاڻان) شايع ٿيل آھي، ان کان سواءِ ڊاڪٽر تنوير عباسي، نارائڻ شيام، ذوالفقار راشدي، ولي دائود پوٽي، تاجل بيوس، امداد حسيني، استاد بخاري، مولابخش چانڊيو، طارق عالم ابڙو، وسيم سومرو ۽ ٻين شاعرن به ھن صنف کي عام ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون سي سڀ ساراھ جوڳيون آهن. برڪت بلوچ جا ھائيڪا: (1) اڀا ڪانھن ڪانا، سچ سورج تي تاڻيل، ڄڻ تير نشانا. (2) ھي ڪجھ ڪجھ سرمائي، ۽ نيري نيري ڪجھ ڪجھ، اڀ تي سانجھي آئي. (3) مل مون سان ايئين،  وڪوڙي وجود کي، توريءَ ول جيئن.

 

محمد رضا خاصخيلي/ڳوٺ حسين آباد، خيرپور

 

ڇا ڪنڊياري تعلقي سان ناانصافي جاري رھندي!

 

ڪنڊياري تعلقي ۾ چٽاڀيٽيءَ جي لحاظ کان ٽاپ تي آھي ۽ اتي جيڪڏھن ڏسنداسن ته اتي اميدوارن سان ويساھ گھاتيون به ٽاپ تي آھن، استاد جي ڀرتي ۾ رعايت ملي ته سيڪريٽري صاحب ھدايت ڏني ڊي اوز کي ته سيٽون ظاھر ڪري اميدوارن کي ڀرتي ڪيو پر ان جي ڀيٽ ۾ سيٽون لڪايون ويون ۽ ڊي او صاحب موجب اھي سيٽن لاءِ تعلقي ايجوڪيشن آفيسر ڪنڊياري کي ليٽر لکيو آھي ۽ اميدوارن جڏھن تعلقي آفيس مان ڄاڻ ورتي ته انھن کي چيو ويو ته رڳو 30 35 سيٽون آھن. بند پيل اسڪول رٽائرمينٽ پروموشن فوتگي استادن جون سيٽون الائي ڪاڏي ويون. مون کي ھڪ ويجھي دوست ٻڌايو ته اڳتي ھلي سيٽون وڪرو ڪيون وينديون، ان مون کي به صلاح ڏني ته ٿورو صبر ڪيون پوءِ اڳتي ھلي ڪجھ پئسن عيوض توھان کي آرڊر ملندو. مون کي ٻڌندي ئي وڏو جھٽڪو لڳو ۽ افسوس ٿيو ته اسان ميرٽ تي آيل پاسنگ مارڪس وارن سان ايئن ويساھ گھاتي ٿيندي، ايئين سوچيو نه ھو، ان ڇوڪري جي ڳالھ ۾ ڪيتري صداقت آھي اھا وقت تي خبر پوندي پر اسان جڏھن پنھنجي آفيسرن جون ڳالھيون ٻڌون ٿا ته واقعي شڪ شبا ٿين ٿا ۽ ڊي او کي  اصل مسئلي تي يعني سيٽون لڪائڻ واري مسئلي تي ڌيان ڏيڻ گھرجي ڇو ته لڳ ڀڳ اميدوارن کي ڊي اوز جي ايمانداري تي ڪو شڪ ناھي پر ڊي او کي سدائين اميدوار سان شڪايت ھوندي آھي ته اھي تڪڙ ٿا ڪن انھن کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي پر حقيقت اھا آھي ته اميدوارن کي ڳڻتي بس ان جي آھي ته ان جي تعلقي جو سيٽون لڪايو وڃن ٿيون ۽ نوشھري فيروز ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪنڊياري تعلقي جا اميدوار متاثر ٿين پيا ان لاءِ اميدوار ڊي اوز کي چون ٿا پر منھنجي خيال ۾ سڀ ھڪ پيج تي آھن. ٻي ڳالھ ته آخرڪار ھي اميدوار به گريجوئٽ آھن يونيورسٽين مان ڪي بليڪ ميلر ناھن جو توھان انھن کي تنقيد ٿا ڪيون ٽي او ھجي يا ڊي او سڀني کي 2013 واريون وارداتون نه وسارڻ گھرجن جيڪي اميدوارن سان ٿيون ھو بس پنھنجو حق ٿا گھرن اسڪولن جي لسٽ ۽ ان ۾ ڪيترون جايون خالي آھن جيڪي پروموشن رٽائرمينٽ سڀني جو رڪارڊ اميدوارن وٽ آهي.

 

عبدالصمد کوسو/نوشھروفيروز

 

خدارا لاوارث ڳوٺ ليٽڻ مڱريو جي وارثي ڪريو!

 

ساھتي پرڳڻي جي تڪ پي ايس 33 تعلقي ڪنڊيارو يوسي گھانگھرا جي قديمي ڳوٺ ليٽڻ مڱريو ۾ برساتي پاڻيءَ تباھي مچائي ڇڏي آهي، برساتن جي پاڻيءَ ڳوٺ ۾ ٻوڏ واري صورتحال اختيار ڪري ڳوٺاڻن لاءِ تباهيءَ جو سبب بڻيل آهي، ڳوٺاڻن جا فصل مڪمل پاڻيءَ ھيٺ اچي ويا آهن، ڳوٺ جي چوڌاري برساتي پاڻي بيھڻ ڪري غريبن جا گھر ڊھي چڪا آهن، ڪيترين ئي جاين کي ڏارون پئجي چڪيون آهن، جنھن ڪري جاني توڙي مالي نقصان جو انديشو آهي. غريب ھارين پاران پوکيل فصل مڪمل پاڻيءَ ھيٺ اچڻ ڪري ختم ٿي چڪا آهن، جنھن ڪري چوپائي مال جو گاهه پڻ ختم ٿي چڪو آهي، جڏھن ته ڳوٺ کي پڪو روڊ نه ھئڻ ڪري ڳوٺاڻا برسات سبب گھرن تائين محدود آھن، جڏھن ته برسات سبب بيماري توڙي ايمرجنسي وقت سخت پريشانيءَ کي منھن ڏئي رھيا آھن ۽ آسپاس جي ڳوٺن سان زميني رابطا مڪمل ڪٽجي چڪا آهن. برساتي پاڻيءَ سبب مڇرن ۽ جيتن سبب ڳوٺ ۾ مليريا، گيسٽرو ۽ چمڙيءَ جي ٻين موذي مرضن ۾ تيزيءَ سان واڌ اچڻ ڪري ڳوٺاڻا صحت جي سھولت علاج لاءِ سخت پريشان آھن. رات وقت بجلي نه ھئڻ ڪري سخت گرميءَ ۽ مڇرن جي آزار سبب ڳوٺاڻا جاڳي گذارڻ تي مجبور آھن. ڳوٺ ۾ حڪومت پاران سال 1986ع ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول قائم ڪيو ويو جيڪو ٻن ڪمرن ۽ ھڪ ورانڊي تي ٻڌل آهي ۽ برسات سبب ختم ٿي چڪو آهي، اسڪول جي چوديواري پڻ مڪمل پٽ بڻجي چڪي آهي، ڳوٺ ۾ بجليءَ جا سمينٽ وارا پول ڳري ختم ٿيڻ ڪري انھن جون تارون گھرن مٿان خطرناڪ حالت ۾ نوڙيل ھجڻ ڪري ڪنھن به وقت جاني توڙي مالي نقصان جو سبب بڻجي سگھن ٿيون، اليڪشن وقت ووٽ وٺڻ لاءِ ھي ڳوٺ تڪ جي اميدوارن کان ناهي وسرندو پر افسوس ھاڻ برسات سبب ڳوٺاڻن جي دردن جو درمان بڻجڻ کانئن وسري چڪو آهي. اسان ڳوٺاڻا سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي معزز چيف جسٽس، وزيراعليٰ سنڌ، ڪمشنر شھيد بينظير آباد، ڊي سي نوشهروفيروز ۽ ٻين وس وارن کي ھٿ ٻڌي اپيل ٿا ڪريون ته ڳوٺ ليٽڻ مڱريو جي تڪ تان چونڊيل نمائندن کي حڪم ڪن ته ھن لاوارث ڳوٺ ليٽڻ مڱريو جي وارثي ڪن، ڳوٺ ليٽڻ مڱريو جا بنيادي مسئلا ۽ برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ڏين جيئن ڳوٺ جا غريب سک جو ساھ کڻن.

 

محمد شريف مڱريو/ڪنڊيارو

 

جشن آزادي تي ڪراچي ۾ افغانستان جا جهنڊا ۽ ادارن جي خاموشي؟‎‎

 

اسان هر سال پاڪستان ۾ 14 آگسٽ تي جشن آزادي جو ڏهاڙو ملهائيندا آهيون ۽ ان ڏينهن تي ننڍا توڙي وڏا خوب موج مستي ڪندا آهن ڇو ته پاڪستان اسان کي تمام وڏي جدوجهد کان پوءِ حاصل ٿيو، ايترو ئي نه پر وڏن آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جان جا نذرانا پڻ ڏنا ويا. 14 آگسٽ تي اسان هر سال پاڪستان جي جهنڊي سان گڏ ڪشمير جي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي خاطر ڪشمير جو جهنڊو پڻ لهرائيندا آهيون ڇو ته اسان سڀني جي خواهش ۽ نعرو آهي ته ڪشمير بني گا پاڪستان، جيڪو انشاءُ الله هڪ ڏينهن اهو خواب پورو ٿيندو پر ڪجھ سالن کان جشن آزادي واري ڏهاڙي تي سنڌ صوبي جي شهر ڪراچي ۾ افغانستان جو جهنڊو لهرائڻ جا منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا پر هن ڀيري جڏهن سنڌ ۾ سنڌي ۽ افغانين جو جهيڙو ٿيو ته 75 سالا جشن آزادي جي ڏهاڙي تي ڪراچي ۾ افغانستان جو جهنڊو تمام گهڻي تعداد ۾ نظر آيو، ايترو ئي نه پر افغاني زندہ باد جا نعرا پڻ ٻڌڻ آيا، ھاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڪشمير بني گا پاڪستان کان پوءِ ڇا افغانستان بني گا پاڪستان؟ جيڪڏهن ايئن ناهي ته پوءِ جشن آزادي جي ڏهاڙي تي ايئن کلي عام افغانستان جا جهنڊا لهرائڻ وقت اسان جا قانوني ادارا حرڪت ۾ ڇو نه آيا؟ انهن جهنڊن جي پٺيان ڪهڙي طاقت جا هٿ آهن؟ ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي سوال پيدا ٿين ٿا ان ڪري اسان جي ادارن کي اھڙين حرڪتن جو فوري ايڪشن وٺڻ گهرجي متان پوءِ پڇتائڻو پوي.

 

دليپ آزاد/عمرڪوٽ

 

اسان سنڌين جو ڀٽائي وڏي ڳالھ آ!‎‎

 

جيئن ته ڪجھ ڏينھن اڳ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شاگرد سٿ جي اسٽينڊ تي ڪجھ شرپسند پاران ڀٽائيءَ صاحب جي بيتن جي بي حرمتي ڪئي وئي، ان کانپوءِ شاگرد سٿ پاران احتجاج ڪيو ويو، نتيجي ۾ انھن احتجاج ڪندڙ شاگردن مٿان حملو پڻ ڪيو ويو، تن ٻنھين واقعن خلاف اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھڪ ڀيري جي ڳالھ آھي ته انگريزي زبان جي قومي شاعر وليئم شيڪسپيئر کي جڏھن سونو تاج پھرايو ويو ته ان وقت شيڪسپيئر ڀٽائيءَ جي باري ۾ گولڊن ورڊس ۾ چيو ته ڪاش! ڀٽائي ھن وقت جسماني طور ڌرتيءَ تي موجود ھجي ھا ته ھي سونو تاج پاڻ مٿان لاھي ڀٽائيءَ کي پھرايان ھا! ان مان اندازو لڳايو ته تن غير ماڻھن کي ٻين ماڻھن سان ڪيڏي نه محبت ۽ چاھت آھي پر اسان جي ملڪ جا ماڻھو اڃا تائين لسانيت ۽ تعصب ۾ ئي مبتلا آھن، جو پنھنجي ئي ملڪ جي عظيم ھستين کي نه ڄاڻندي نيٺ تن جو  قدر ۽ مان وڃائي ويٺا آھن. ڀٽائي کي سمجھڻ ايئن آھي جيئن اسان پاڪ ڪتاب جي تلاوت عربي زبان ۾ ڪيون ٿا پر ان ڪتاب کي سمجھڻ لاءِ اسان کي اسان جي مادري زبان جي ٽرانسليٽ جي ضرورت پوندي آھي، تيئن ئي ڀٽائيءَ کي سمجھڻ لاءِ انھن شرپسند ماڻھن کي به پنھنجي ئي زبان ۾ ٽرانسليٽ ڪري پڙھڻ ۽ سمجھڻ گھرجي ته ڀٽائي ڇا آھي ۽ چئي ڇا ٿو؟ ڪنھن ڏاھي سچ چيو آھي ته جڏھن ڪو اوھان کي  آواز ڏي ته اوھين اھو نه سوچيو ته ڪير پيو سڏي پر اھو ضرور سوچيو ته ھو چوڻ ڇا ٿو چاھي!؟ توھين ڀلي ڀٽائي کي پڙھو يا نه پڙھو پر ڀٽائيءَ جي ٽرانسليٽ ڪري ٿوڙو غور ويچار ته ڪريو ته ڀٽائي فرمائي ڇا ٿو اوھان ڪيترا خوش نصيب آھيو جو اوھان جي پنھنجي ئي ملڪ ۾ ڀٽائيءَ جھڙن دانائن ۽ معتبرن جھڙن انسانن جنم ورتو آھي، جن تي فخر ڪرڻ گھرجي ۽ جن کي پڙھڻ سان اسان رھنمائي حاصل ڪري سگھون ٿا ۽ ان مان پڻ سبق حاصل ڪري سگھون ٿا پر اوھان ۾ شايد شيطان جو وجود انساني شڪل ۾ سمايل آھي نه ته شيطان ٿوري چاھيندو ته انسان انسانيت جي رستي تي ھلي ڀٽائي سرڪار جي جيتري تعريف ڪجي تمام گھٽ آھي پر ڪنھن شاعر خوب سٺو چيو آھي ته:

سنڌ سان سـچائي وڏي ڳـالھ آ،

ڌرتيءَ سان وفائي وڏي ڳالھ آ،

اوھان جا مير اقبال ۽ غالب ڀلي ھجن،

پر اسان سنڌين جو ڀٽائي وڏي ڳالھ آ.

 

مظھر علي ٻجورو/ٻيلو سجاول

 

علي بندر کان ننگرپارڪر مين روڊ ۾ پنهنجا نوازي!

 

جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ ارباب غلام رحيم جڏهن سنڌ جو وزير اعليٰ هو تڏهن ٿر ۾ تمام گهڻا ترقياتي ڪم ٿيا جنهن ۾ هر شهر کي باءِ پاس، هر مين بس اسٽاپ تي مسافر خانو، مٺي پاڻيءَ جي پابندي سان رسائي ۽ مٺي شھر ۾ مشهور پڪنڪ پوائنٽ گڍي ڀٽ ان جا چٽا ثبوت آهن ۽ ان کان سواءِ ٿر ۾ روڊن جو ڄار وڇايو ويو، ارباب غلام رحيم پنهنجي دور ۾ ڪافي روڊن جا ڪم مڪمل ڪرائي ڇڏيا، ڪجھ اهڙا هئا جن جو رڪارڊ ۾ بنياد رکي ڇڏيو هو جيڪي ايندڙ حڪومت ۾ اهي ڪم ڪرڻ انهن جي مجبوري هئي جنهن مان ڪي ٺهي ويا ڪي اڃان رولڙي جو شڪار آهن، ارباب رحيم ٿر ۾ روڊن جي روٽن جي اهڙي ته سليڪشن ڪئي جنهن جو اسان ٿر واسي سوچي به نٿي سگهياسين، علي بندر کان ننگرپارڪر وايا ڏيپلو مين روڊ به انهن مان هڪ آهي، جنهن جي پهرين سروي لڳ ڀڳ 11 سال اڳ ڪئي وئي هئي ۽ ان کان پوءِ علي بندر کان ان روڊ جو ڪم شروع ٿيو، جيڪو ڪيترائي سال گذري وڃڻ باوجود اڃان تائين رولڙي جو شڪار آهي، هاڻي تقريبن علي بندر کان ڏيپلو تائين روڊ ٺهي ويو آهي مين روڊ ھجڻ ڪري ٺهڻ دوران ڪنهن به ڳوٺاڻي، سياسي، سماجي ماڻهو يا سرڪاري عملدار ان ۾ ڪا مداخلت نه ڪئي هن روڊ ۾ هڪڙي خاص ڳالھ اها به آهي ته علي بندر کان ننگرپارڪر اوڀر ۽ ڏکڻ ڪنڊ تي لڳي ٿو انڪري هن روڊ جي سِڌائي شروع کان آخر تائين اوڀر ڏکڻ ڪُنڊ تي سروي ڪيل آهي گذريل سال جڏهن ڏيپلو کان اڳتي ڪم شروع ٿيو ته هي روڊ پنهنجا نوازي جي ور چڙهي ويو، ڏيپلو کان جڏهن اڳتي ڪٽائي شروع ڪئي وئي ته هن روڊ کي ويڙهار کان ڦيرائي پوءِ سڌو اوڀر ڪرڻ جي پلاننگ ڪئي وئي پر وري ساڳئي سروري تي ڪم جاري رکيو ويو، وچان ڪجھ وقت وري خبر ناهي ڇو ڪم بند هو هاڻ وري ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ساڳئي روڊ کي ڳوٺ ڏيهوار ۽ ڪڙڪاسر وچان ڏکڻ وڏو ڦيرو کارائي ڳوٺ سڙهه جوڻيجا کان پوءِ اڳتي ٺاهڻ جو پلان جوڙيو ويو آهي، جنهن تي ڏيهوار ڪڙڪاسر ۽ ٻين مختلف ڳوٺن جي ماڻهن پاران سخت اعتراض پڻ واريا آهن ته روڊ جي اصل جتان سروي ٿيل آهي اتان کان ٺهڻ ڏنو وڃي ڇاڪاڻ ته گورنمينٽ جيڪا به اسڪيم جوڙيندي آهي اها عوام جي فائدي لاءِ هوندي آهي هي روڊ پراڻي سروي تحت تقريبن نوان ڳوٺ ڳنڍي ٿو جتي گهڻي ڀاڱي اڳ روڊ جي سهولت ناهي پر سرڪاري عملدارن جي مداخلت ۽ پنهنجا نوازي تحت جنهن پلان سان هن هيڏي وڏي مين روڊ جو رخ تبديل ڪري لنڪ روڊ وانگر گهمائڻ ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي انهن ڳوٺن ۾ اڳ ئي روڊ جي سهولت موجود آهي. ان ڪري رهواسين جو مطالبو آهي ته هن مين روڊ کي پراڻي سروي تحت ٺهڻ ڏنو وڃي ۽ پنهنجا نوازي بند ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته روڊ جو رخ تبديل ڪرڻ سان ڪلوميٽر گهٽجڻ بدران وڌي ويندا وقت جو زيان الڳ ٿيندو ۽ گورنمينٽ جو اجايو خرچ پڻ ٿيندو انڪري هتان جي چونڊيل نمائندن، ضلعي ۽ صوبائي لاڳاپيل کاتي وارن کي هن مسئلي طرف ڌيان ڌرڻ گهرجي ۽ هتان جي عوام جو تدارڪ ڪرڻ گهرجي.

 

اعجاز علي سميجو/ڳوٺ ڊوڙي ٿرپارڪر

ٿر مان نڪرندڙ ڪوئلو ۽ ان جو نقصان!

ٿر ڪول پراجيڪٽ جنھن جو مشن صرف ٿر مان ڪوئلو ڪڍڻ آھي ناهي پر ان جو نقصان ڏسڻ پڻ آهي، ٿر ڪول پراجيڪٽ 9500 ڪلوميٽر تي پکڙيل ڪوئلي جو سمنڊ آھي، جنھن مان بجلي جي ايتري پيداوار ڪري سگھجي ٿي جيڪا پوري مڊل ايسٽ ملي ڪري نٿي ڪري سگھي، جنھن جو سڌو توڙي اڻ سڌو فائدو صرف رياست/فيڊرل کي آھي ۽ ان جو نقصان ٿر جي ماڻھو ان تي مال ۽ جانورن کي آھي، جنھن ڪري لکين رپين جو چوپايو مال ھر برسات يا بجلي ڪرڻ جي صورت ۾ اتان جي مقامي ماڻھون کي برادشت ٿو ڪرڻو پوي، جڏھن به برسات جو موسم اچي ٿي ۽ آسماني بجلي ڪري ٿي ته اتان جو مقامي رھاڪو نقصان جو شڪار ٿيو وڃي، جڏھن ته ٿر ڪول پراجيڪٽ جو مقصد اتان جو ڪوئلو ڪڍي ٿر کي ڪنگال ڪرڻ آھي نه ڪي اتان جي ماڻھو جي خوشي. جڏھن ڪوئلي کي ساڙي ان مان بجلي پيدا ڪئي وڃي ٿي ته ان مان اٿندڙ دونھون آسمان ڏانھن وڃي ٿو جيڪو اتان جي اوزون ليئر کي تباھ ٿو ڪري جنھن جي ڪري کنوڻ ۽ تيزابي برساتن جي تعدد وڌيو وڃي پر سرمائيدار نظام کي برقرار رکندي ٿرڪول جو مقصد صرف سستي بجلي ٺاھڻ آھي پوءِ اھو مقصد اتان جي مقامي ماڻھن جي جان وٺي پورو ڇو نه ڪيو وڃي.

اوم پرڪاش/ٿرپارڪر