پيٽرول جا اگهه، حڪمران ڪنهن جي چوڻ ۾ آهن؟

0
194
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ڊالر جو اگهه مسلسل گهٽ ٿي رهيو هو،عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون ڪري رهيون هيون،آءِ ايم ايف سان ڳالهيون مڪمل ٿي چڪيون هيون ،جتان ڪٿان سٺيون خبرون اچي رهيون هيون،ملڪي معيشتدان ۽ حڪمران ملڪ جي ڏيوالپڻي کان بچڻ جون خوشخبريون ٻڌائي رهيا هئا،ٻين دوست ملڪن طرفان قرض ۽ سيڙپڪاري جا امڪان به پيدا ٿي رهيا هئا.انهن سڀني ڳالهين کي ڏسي عوام ۽ ملڪي سياسي جماعتون اهو آسرو ۽ اميد ڪري ويٺيون هيون ته جيڪڏهن ڪو وڏو رليف نه ته به گهٽ ۾ گهٽ پيٽروليم جي شين جي اگهن ۾ ڪنهن قدر گهٽتائي جي خوشخبري ضرور ملندي ،جنهن جو امڪان به هو ته ميڊيا سميت سرڪاري ذريعا به اهو ئي ڪجهه ٻڌائي رهيا هئا ته هن ڀيري عوام کي ڪجهه سهولت مهيا ڪرڻ لاءِ پيٽروليم جي شين جون قيمتون گهٽايون ويندويون ،پر اڌ رات جو اهڙو اعلان آيو جو سڀني جا هوش خطا ٿي ويا ته هي اوچتو اوچتو ڇا ۽ ڇو ٿي ويو.؟

حڪومت پيٽرول جي شين جون قيمتون گهٽائڻ بدران وڌائي ڇڏيون،عوام کي ته اهڙي اعلان جي اميد ئي نه هئي پر  حڪمران اتحاد  جي  مکيه پارٽنر نواز ليگ جي اهم اڳواڻ مريم نواز  ايستائين جو نواز شريف پاڻ به انهي اعلان کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو ته حڪمران اتحاد جي ٻي نمبر وڏي پارٽي جي سربراهه آصف زرداري به. ته پوءِ آخر اها ڪهڙي مجبوري هئي جنهن جي ڪري حڪمران ڌر پيٽرول جون قيمتون وڌايون؟يا وري اهو سڀ عوام کي دوکو ڏيڻ جو عمل آهي جو هڪ طرف حڪومت پيٽرول جا اگهه وڌائي ٿي ته وري اها ئي حڪمران پارٽي ۽ ان جا اتحادي ان جي مخالفت ڪن ٿا.ڇا اهو سڀ ڪجهه عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش آهي يا واقعي ئي حڪومت پنهنجي پارٽي ۽ اتحادين جي ئي چوڻ ۾ نه آهي؟

حڪومت گذريل ڀيري عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو ٿيڻ جو ٿورو رليف عوام کي منتقل ڪيو هو ۽ اعلان ڪيو هو ته اڳتي پيٽرول جي قيمتن جو فائدو عالمي مارڪيٽ جي حساب سان عوام کي منتقل ڪيو ويندو.عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ مسلسل لاٿ سبب عوام کي اميد پيدا ٿي ته هتي به تيل جي شين جا اگهه گهٽ ٿيندا پر اڌ رات جو اوچتو ئي اوچتو تيل جون قيمتون گهٽائڻ واري اوگرا جي سفارش باوجود حڪومت تيل جون قيمتون وڌائي ڇڏيون جنهن مطابق ذري گهٽ پوڻا ست رپيا پيٽرول جي في قيمت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 51 پئسا في لٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

اهڙي اعلان کانپوءِ حڪومت خلاف مخالف ڌر ته تنقيد ڪري رهي آهي پر حڪومت جا حامي حلقا حيران آهن ايستائين جو حڪمران پارٽي جو سربراهه نواز شريف ۽ مريم نواز ۽ حڪمران اتحاد جي اهم پارٽي جو سربراهه آصف زرداري به انهي فيصلي کان لاتعقي ڪري رهيا آهن ۽ انهي فيصلي کي مڃڻ کان انڪاري آهن.جڏهن هي حڪومت آئي هئي ته ملڪ جي معيشت بابت خبرون سٺيون نه هيون ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ به تيل جا اگهه وڌيل هئا جنهن ڪري عوام پيٽ تي پٿر رکي به حڪومت جي ڏکين فيصلن کي قبول ڪيو پر هاڻي جڏهن صورتحال بلڪل ان جي ابتڙ آهي ته پوءِ تيل جا اگهه وڌائي عوام کي مهانگائي جي مصيبت ۾ وجهڻ جو ڪو منطق سمجهه ۾ نه ٿو اچي سواءِ انهي جي ته حڪمران پنهنجي سهولتن ،آراشين ۽ مراعتن لاءِ مسلسل عوام کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي رهيا آهن.

اسان سمجهون ٿا ته حڪومت جو هي فيصلو ڪنهن به ريت نه جائز آهي نه ئي وري ڪير ان کي قبول ڪندو.جيڪڏهن حڪمران سمجهن ٿا ته عوام سندن اهڙن فيصلن تي ماٺ ڪري ويهي رهندو ته اها سندن ڀل آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن زميني حقيقتون صاف ٻڌائي رهيون آهن ۽ حڪمران پاڻ مڃين ٿا ته معيشت بهتري ڏانهن وڌي رهي آهي ته ان وقت ۾ اهو فيصلو ڪنهن به ريت درست ناهي جيڪڏهن حڪمران عوام کي سرڪاري ناڻي مان وڌيڪ سهولتون  نه ٿا ڏين ته نه ڏين پر جيڪي سهولتون عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۽ ڊالر جي اگهه ۾ گهٽتائي سان عوام کي ملڻ گهرجن اهي ته عوام ڏانهن منتقل ڪن،ٻي صورت ۾ هي عوام حڪمرانن خلاف روڊن تي نڪرڻ تي مجبور ٿي پوندو. تنهن ڪري حڪمران فوري طور نه رڳو وڌايل اگهه واپس وٺن بلڪه عالمي منڊي جي حساب سان هتي به تيل جون قيمتون مقرر ڪن.