لاهور (بيورو رپورٽ) پنجاب ۾ ڪورونا جي شرح ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌڻ جي ڪري صوبي ۾ پهرين اپريل کان سمورن انڊور ۽ آئوٽ ڊور سرگرمين تي پابندي لڳائي وئي آهي، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار پنهنجي ٽيم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هن وقت اسان ڪورونا جي ٽئين لهر جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، جيڪا پهريان کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، هن جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ ڪورونا مثبت ڪيسز جو تناسب 14 سيڪڙو ٿي چڪو آهي، جڏهن ته لاهور ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران مثبت ڪيسز جي شرح 21 سيڪڙو رهي، جيڪا انتهائي ڳڻتي واري آهي. هيلٿ سسٽم دٻاءُ جو شڪار آهي.