اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جِي ٽئين لهر بي قابو: اسلام آباد، پشاور ۽ لاهور جون اسپتالون ڪورونا مريضن سان ڀرجي ويون، اسلام آباد جِي پولي ڪلينڪ اسپتال ۾ 182 هيلٿ ورڪرز ڪورونا ۾ وٺجي ويا، اسلام آباد جي ينگ ڊاڪٽرز دعويٰ ڪئي آهي ته سڄي ملڪ ۾ هيلٿ ڪيئر وڪرز جي وئڪسين لاءِ رجسٽريشن بند ٿي وئي آهي، اسلام آباد جَي ڊي ايڇ او جو چوڻ آهي ته هيلٿ ڪيئر ورڪرز کي اسپتال وڃي رجسٽريشن جو چيو آهي، هيلٿ ورڪرز کي وئڪسين جو ٻيون ڊوز ڏنو پيو وڃي.