اسلام آباد (بيورو رپورٽ) خيبرپختونخوا ۽ پنجاب ۾ هلندڙ سال مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪالهه وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ تحريڪ انصاف جي ڪور ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ خيبرپختونخوا ۽ پنجاب ۾ هلندڙ سال مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ٻنهي صوبن جَي وڏن وزيرن کي هدايتون جاري ڪيون ويون. ذريعن موجب وزيراعظم پاران مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ تي وزيراعليٰ پنجاب ۽ وزيراعليٰ ڪي پي مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، وزيراعظم عمران خان چيو ته هلندڙ سال ئي ٻنهي صوبن ۾ مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن.