ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان به معاشي بربادي جا داستان ڇڏي شوڪت عزيز ۽ پرويز مشرف وانگر مُلڪ کان ٻاهر هليو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمران خان کي معاشي ڏوهاري قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان مُلڪي معيشت جي حالت خراب ڪري ڇڏي آهي. هُو ملڪ کي تباهي طرف وٺي وڃي رهيو آهي. جيڪڏهن عمران خان کي نه روڪيو ويو ته هُو هر گھر ۾ معاشي بدحالي جي اهڙي باھ لڳائي ڇڏيندو، جيڪا ڏهاڪن تائين وسامي نه سگھندي. بيان جاري ڪندي بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار ڏکين شرطن تي قرض وصول ڪري مُلڪي خزاني جا پيسا ڪرپشن ۾ اڏائي رهي آهي. عمران خان کي معاشي ڏوهه ڪرڻ سبب هر عام ماڻهو کان معافي وٺڻ گھرجي. پيپلز پارٽي چيئرمين وڌيڪ چيو ته عمران خان جو جرم صرف مهانگائي ڪرڻ نه پر مهانگي ڪندڙ مافيائن جي سرپرستي ڪرڻ به آهي. ٻين تي الزام لڳائيندڙ عمران خان پنهنجي جيءَ ۾ به جهاتي پائي، پاڪستاني عوام کيس ڪڏهن به معاف نه ڪندو.