ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ارسا91ع واري ٺاهه تي عمل ڪرائڻ بدران خريف ۾ پنجاب کي رڳو 17 ۽ سنڌ کي 37 سيڪڙو کوٽ ڏني آهي، اهو ڪٿان جو انصاف آهي جو هڪ صوبي کي بنجر (ڀڙڀانگ) ڪري ٻئي صوبي کي سرسبز ۽ آباد ڪيو وڃي، ايئن ڪڏهن به نه ٿيندو، آئون انهي معاملي تي وزيراعظم کي خط لکي سنڌ کي سندس حصي جو پاڻي نه ملڻ تي سخت احتجاج ڪندس، جڏهن ته ارسا جي جانبداري بابت پڻ سندس ڌيان ڇڪائيندس. ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ کي ته پنهنجي حصي جو پاڻي ته نٿو ملي، ويتر بلوچستان کي سنڌ سان ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اهو ائين آهي جو هڪ گلاس پاڻي درياءَ ۾ وجھي چيو وڃي ته هي پاڻي بلوچستان کڻي وڃو. وڏي وزير چيو ته 1991 واري معاهدي تحت صوبن ۾ پاڻي کوٽ برابري جي بنياد تي ورهائڻي آهي پر هلندڙ خريف 2021 دوران سنڌ کي پهرين ڏهي ( ٽين ڊيليز ) دوران 35 ۽ ٻئي ڏهي دوران37.7 سيڪڙو پاڻي گهٽ ڏئي ماٽيلي ماءُ جهڙو سلوڪ ڪيو ويو، جڏهن ته پنجاب کي پهرين ڏهي دوران 17.3 ۽ ٻئي ڏهي دوران 16 سيڪڙو کوٽ ڏني وئي. هن چيو ته 91 ٺاهه هيٺ پاڻي جي کوٽ کي صوبن ۾ برابري جي بنياد تي ورهايو وڃي ها پر رڳو پنجاب کي فائدو پهچائڻ لاءِ ان کي وڌيڪ پاڻي ڏنو ويو. مراد علي شاهه چيو ته 1991ع ۾ صوبن وچ ۾ هڪ فارمولي تحت پاڻي ورهائڻ جو معاهدو ٿيو. جنهن هيٺ پاڻي هر ڏهي (10 ڏينهن ) لاءِ مختص ٿيندو آهي،پاڻي جي کوٽ يا واڌ جي صورت ۾ اها صوبن ۾ برابري جي بنياد تي ورهائڻي هوندي آهي، مراد علي شاهه چيو ته 91ع معاهدي تحت انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا )جوڙي وئي پر لڳي ٿو ته اها پنهنجو منصفاڻو ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي. هن چيو ته سنڌ کي 91ع ٺاهه هيٺ پاڻي نه ملڻ سنڌ جي ماڻهن سان ناانصافي آهي، هوءَ انهي ناانصافي خلاف آواز اٿاريندو، انهي معاملي تي وزيراعظم کي خط پڻ لکندس. وڏي وزير چيو ته اسانکي 91ع واري ٺاهه تي به اعترا ض رهيا آهن پر هن وقت انهي تي به عمل نه پيو ٿئي، ارسا پنهنجا قانون (ٽه رخو فارمولو) ٺاهڻ شروع ڪيا آهن، وڏي وزير بدين ۾ پاڻي کوٽ جي حوالي سان پڇيل سوال جي موٽ ۾ چيو ته اسان کي مٿان کان پاڻي گھٽ ملي ٿو، جنهن جو پڇڙين تي به اثر ٿئي ٿو، بدين سميت پڇڙين ۾ پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان صوبائي وزير سهيل انور سيال کان بريفنگ وٺندس.