سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) ڪوٽڙي بيراج وٽ پاڻي کوٽ 64.1 سيڪڙو تائين پهچي وئي آھي. گهرج 21700 ڪيوسڪ ۽ فراهمي 8101 ڪيوسڪ آھي، هوڏانهن سکر بيراج تي پاڻي کوٽ 36.6 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي آھي، پاڻي گهرج 41300 ۽ فراهمي 27710 آھي، سکر وٽان بلوچستان کي 700 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي جيڪو پاڻي ٺاهه واري ايلوڪيشن جي ڀيٽ ۾47 سيڪڙو گهٽ آهي پر ان جي بدلي بلوچستان کي گڊو وٽان 34.4 سيڪڙو وڌيڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي ۽ اتان بلوچستان لاءِ 2540 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. گڊو بيراج وٽ سنڌ کي فراهم ٿيندڙ پاڻي جي کوٽ 39.5 سيڪڙو تائين آهي. پاڻي گهرج 12600 ڪيوسڪ آهي. هوڏانهن ارسا پاران منگلا مان 8000 ڪيوسڪ پاڻي ته ڇڏيو ويو آھي پر پنجند وٽان پاڻي بدستور بند بند ٿيل آھي جنهن بابت اختيارين جو چوڻ آهي ته منگلا جو پاڻي هلندڙ ڏهاڪي جي آخر ۾ پهچي سگهي ٿو, ڪالهه تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح گهٽجي 1402.45 فوٽ بچي آهي. مٿاهين وهڪرن ۾ بهتري ناهي اچي سگهي. تربيلا ڊيم ۾ پاڻيءَ جو مٿاهون وهڪرو 56200 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته کڻت 70000 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪئي وئي آهي. هوڏانهن ڪابل ندي ۾ نوشهري وٽان پاڻي وهڪرن ۾ به ڪالهه ساڍا پنج هزار ڪيوسڪ لاٿ اچي وئي آهي اتي 36205 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيا ويا.