پشاور(م ڊ) ڪي پي جي راڄڌاني پشاور جي بڍبير ٿاڻي جي حد ۾ پوليس چوڪي جي انچارج جي گاڏي جي ڀرسان ڌماڪو ڪيو ويو. شيخان پوليس چوڪي جي انچارج جي گاڏي جي ڀرسان ريموٽ ڪنٽرول ڊوائس سان ڌماڪو ڪيو ويو پر ان ۾ خوش قسمتي سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. پوليس موجب بارود پينٽ جي دٻي ۾ رکيو ويو هو، ڌماڪي سان گاڏي کي نقصان رسيو. پوليس موجب ڌماڪي ۾ هڪ ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو. ياد رهي ته هڪ هفتي اندر اهو پوليس تي ٽيون حملو آهي جنهن ۾ 6 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن.