ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي 2 وڏين هوٽلن آواري ٽاور ۽ بيچ لگزري جو مالڪ ۽  پارسي برداري سان تعلق رکندڙ اڳوڻو ايم پي اي بهرام ڊي آواري 81 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، بهرام ڊي آواري ايشن گيمرز ۾ 2 گولڊ ميڊل پڻ ماڻيا هئا، هو واٽر اسپورٽس جو روح روان هو، سندس آخري رسمون اڄ منجهند ڌاري ادا ڪيون وينديون