خيرپور (رپورٽر) بيلجيئم پاڪستان پارليامينٽري فرينڊشپ گروپ جي چيئرپرسن سينيٽر مس ڪليسيا ڪيلس، پي ايس اسٽيٽ سينيٽر فلپ ڪوارڊر، بيلجيئم چيمبر جي ميمبر پي ايس اولزليم اوزن، پاڪستان ۾ مقرر بيلجيئم جي سفير چارلس ڊيلونگ، فوڪل پرسن ڊپٽي ڊائريڪٽر (آءِ آر) نثار احمد تي ٻڌل هڪ وفد خيرپور پهچي ڪوٽڏيجي تعلقي جي برسات ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۽ واٽر سپلائي اسڪيم جو دورو ڪيو. ان دوران ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڊاڪٽر شرجيل نور چنا وفد کي خيرپور ۾ برسات ۽ ٻوڏ کانپوءِ رليف ۽ بحالي بابت بريفنگ ڏني. وفد جي ميمبرن تعلقي اسپتال ڪوٽڏيجيءَ جو دورو ۽ مريضن جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي پوليو مهم جي سلسلي ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پڻ پياريا. بعد ۾ وفد ميمبرن ڪوٽڏيجي قلعي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هنن چيو ته ڪوٽڏيجي قلعو اڏاوتي فن جو شاهڪار نمونو آهي.