شھدادڪوٽ ( ڊ ر ) شھدادڪوٽ  ۾ مستوئي محلي جي رهواسين نور حسين عمراڻي، مسمات ملوڪان ، نورالدين عمراڻي احتجاج ڪندي چيو ته خالده ڌيءُ اسماعيل سومرو 2 ھفتا اڳ علي رضا عمراڻي سان پسند پرڻو ڪيو.هنن چيو ته اسماعيل سومرو نورالدين عمراڻي جي گهر تي قبضو ڪري ورتو آهي.علي رضا عمراڻي سان ڪو به واسطو ناهي.اسماعيل سومرو وارا ان خلاف ڪارروائي ڪن، انصاف ڪري بااثر کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي سجاد سومرو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته علي رضا عمراڻي محمد اسماعيل سومرو جي ڌيءُ کي اغوا ڪري ويو آهي، نورالدين عمراڻي جي گهر مٿان مان قبضو ناهي ڪرايو نه ئي ڌمڪيون ڏنيون آهن، الزام بي بنياد آهن.