اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اي سي سي جو اجلاس ٿيو، پڌرائي موجب صحت وزارت  ۽ نيشنل پرائيس فڪسيشن ڪاميٽي فار لائيف سيونگ ميڊيڪل ڊوائيسز  جي سفارش تي 4 نون ڪارڊڪ اسٽنٽس جي وڌ ۾ وڌ قيمت مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، اي سي سي پيٽروليم وزارت جي ٻن سمرين تي غور بعد منظوري ڏني آهي،  جن ۾ سوگري جي اترين علائقن ۾ 15.88 اسڪوائر ڪلوميٽر اضافي ايريا سوگري ايڪسپلوريشن لائسنس لاءِ منظوري ڏني وئي، جڏهن ته کپرو ۾ تيل ۽ گيس جي تلاش ڪندڙ ڪمپني کي  ٽيسٽنگ لاءِ توسيع ڏني وئي آهي، اي سي سي پي ايم آر سي ايل ڪمپني لاءِ 13 ارب،  جڏهن ته پرڏيهي وزارت جي سالياني بجيٽ ۾ خساري کي پورو ڪرڻ لاءِ 8.4 ارب، هائوسنگ وزارت لاءِ 5 ارب جي ٽيڪنيڪل گرانٽ جي منظوري ڏني آهي.