لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي گهرواريءَ جي ساهيڙي فرح گوگي جي ليگل ٽيم ايف آءِ اي ۽ انٽرپول کي قانوني نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي، فرح گوگي جي ليگل ٽيم جو چوڻ آهي ته فرح گوگي خلاف ايف آءِ اي پاران سياسي بنيادن تي ڪارروائي ڪئي وئي، فرح گوگي جي ريڊ وارنٽ لاءِ ڪيل لک پڙهه آئين جي آرٽيڪل 3 جي ڀڃڪڙي آهي، انٽرپول کي ريڊ وارنٽ جي درخواست ميڊيا تي جاري ڪري فرح جي عزت کي ڇيهو رسايو ويو، ليگل ٽيم پاران انٽرپول کي درخواست ڪئي وئي ته ريڊ وارنٽ لاءِ ٻيهر خط لکندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.