اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پنجاب ۽ ڪي پي اليڪشن بابت ڪيس ٻڌندڙ سپريم ڪورٽ جي بينچ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽٽي وئي، جسٽس جمال مندو خيل طرفان ڪيس ٻڌڻ کان معذرت، سپريم ڪورٽ پاران فل ڪورٽ جوڙڻ جي حڪومتي درخواست به رد، چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن ڳالهيون نٿي ڪري ته عدالت آئيني ڪردار ادا ڪندي، سومر جو سج سٺي خبر کڻي ايندو، پرامن چونڊن لاءِ فوج کي گهرائڻو پيو ته گهرائينداسين، تفصيل موجب ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف ٻڌڻي هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي 4 رڪني بينچ به ٽُٽي پئي، جسٽس جمال مندوخيل ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، جسٽس جمال مندوخيل جي معذرت بعد سپريم ڪورٽ جي بينچ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽٽي پئي، گذريل ڏينهن جسٽس امين الدين جي معذرت بعد 5 رڪني بينچ ٽٽي پئي هئي، جنهن بعد  سپريم ڪورٽ پاران چيو ويو هو ته 4 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي جاري رکندي، چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ 4 رڪني بينچ عدالتي ڪمري ۾ پهتي، اٽارني جنرل منصور خان روسٽرم تي آيو ته چيف جسٽس چيو ته جسٽس جمال مندوخيل ڪجهه ڳالهائڻ چاهي ٿو، جسٽس جمال مندوخيل ٻڌڻي جو حصو ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي.  جسٽس جمال مندوخيل کي چيف جسٽس ڳالهائڻ کان روڪيندي چيو ته وڏي مهرباني، بينچ جي جوڙجڪ جو به فيصلو ٿيندو ڪجهه دير بعد عدالت ۾ ٻڌايو ويندو، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڪالهه به ڪجهه چوڻ پئي چاهيم شايد فيصلو لکرائڻ وقت مون سان مشوري جي ضرورت نه هئي شايد فيصلو لکرائڻ وقت مون کي مشوري جي قابل نه سمجهيو ويو، اسان اسان جي ملڪ جو خير ڪري. جسٽس جمال مندوخيل پنجاب چونڊن بابت ڪيس ۾ اختلافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ جسٽس جمال مندوخيل چيو آهي ته گذريل ڏينهن جسٽس امين الدين خان ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪئي، پنهنجي خيالن جو ڪرڻ چاهيو پر چيف جسٽس ۽ ٻيا ججز اٿي ويا، بينچ اٿڻ بعد پنهنجي چيمبر ۾ انتظار ڪندو رهيس، پر چيف جسٽس پاران وڌيڪ ڪارروائي جي ڪا معلومات نه ملي، گهر پهتس ته چيف جسٽس پاران صحيح لاءِ حڪمنامو مليو، جسٽس مندوخيل چيو ته اهو حڪمنامو کليل عدالت ۾ نه لکرايو ويو پر بنا مشاورت جي منهنجي غيرموجودگي ۾ لکرايو ويو، بينچ جي ٽن ميمبرن خبر ناهي ڪهڙي سبب جي ڪري مون کي مشاورت ۾ شامل ڪرڻ ضروري نه سمجهيو. جسٽس جمال چيو ته چاهيان پيو ته پهرين مارچ جي حڪنمامي جي تناسب تي تڪرار پهريان حل ڪيو وڃي، پهرين مارچ جو اڪثريتي عدالتي حڪم اڃا تائين جاري ناهي ڪيو ويو، ان معاملي تي ڪا توجهه ناهي ڏني وئي، جسٽس مندوخيل چيو ته سياسي پارٽين جي وڪيلن به معاملو اٿاريو، بينچ ميمبرز جواب نه ڏنو، اهڙين حالتن ۾ بينچ جو حصو رهڻ مناسب نٿو سمجهان، بينچ ۾ شامل رهي پنهنجي ساٿي ججز کي مشڪل ۾ نٿو وجهڻ چاهيان. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڪوئي شڪ ناهي ته موجوده ڪيس ۾ اهم آئيني مامرا بحث هيٺ آهن، اهم آئيني مامرا فل ڪورٽ جي صورت ۾ ئي حل ڪرڻ گهرجن، فل ڪورٽ جڏهن به ٺهي ان لاءِ موجود هوندس، ٻي صورت دعا آهي ته ساٿي ججز جيڪو فيصلو ڏين اهو آئين جي بالادستي قائم ڪندو. جڏهن ته سپريم ڪورٽ فل بئنچ ٺاهڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ دليل ڏنا ۽ عدالت عظميٰ کي ان معاملي تي فل ڪورٽ بئنچ ٺاهڻ جي درخواست ڪئي. چيف جسٽس چيو ته فل ڪورٽ لاءِ سمورن ججن جي موجودگي آسان ناهي هوندي، معمول جا ڪيس به متاثر ٿيندا آهن، گذريل هفتي ڪوئيٽا، ڪراچي ۽ لاهور ۾ بئنچ هئا، ايندڙ هفتي لاهور ۾ به بئنچ آهي. سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل جي فل ڪورٽ ٺاهڻ جي درخواست في الحال رد ڪري ڇڏي ۽ ٻڌڻي سومر جي صبح ساڍي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال چيو ته چونڊون ملتوي ڪرڻ جو ٺوس سبب ٻڌايو يا ڊائلاگ شروع ڪيو، سياسي معاملن جي ڪري اختلاف سامهون آيا، اسان گڏجي صورتحال کي منهن ڏينداسين. هڪ ڳالهه توهان کي ٻڌائي ڇڏيان ته اسان ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، اميد آهي ته سومر جو سج سٺي خبر کڻي ايندو، چيف جسٽس عمر عطا بنديال صوبائي چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته عدالت مشڪلات وڌائڻ لاءِ نه ويٺي آهي، هڪ ڌر پارٽي چيئرمين جي گارنٽي ڏئي رهي آهي، حڪومت کي به شايد ماضي وسارڻو پوندو، حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڳالهيون ٿين ته ڪجهه ڏينهن لاءِ وقفو ڪنداسين. حڪومت ۽ اپوزيشن ڳالهيون نٿي ڪري ته عدالت آئيني ڪردار ادا ڪندي.  چيف جسٽس چيو ته فل ڪورٽ وارو معاملو منهنجي ذهن ۾ هو، بينچ ٺاهڻ وقت گهڻو ڪجهه ذهن ۾ هوندو آهي، اهو خيال هوندو آهي ته معمول وارا ڪيس متاثر نه ٿين، سمورن ججز کي ٻُڌ سُڌ جي ڳالهين تي نشانو بڻايو پيو وڃي، سپريم ڪورٽ متحد هئي، ڪجهه معاملن ۾ هاڻي به آهي، سياسي معاملن سبب اختلاف سامهون آيا، اهم عهدن تي ويٺل ماڻهو ڪهڙيءَ ريت عدليه کي نشانو بڻائي رهيا آهن، ڪجهه ماڻهو هڪڙن ججز تي ۽ ڪجهه ماڻهو ٻين ججز تي تنقيد پيا ڪن، اسان ان معاملي کي به ڏسنداسين، ڪالهه تائين جيلن ۾ رهندڙ اڄ اسيمبلين ۾ تقريرون ٿا ڪن، ان جو سبب اهو آهي ته عوام جا نمائندا آهن،اسيمبلي جي 5 سال مدت هوندي آهي، پر هائوس جي سربراهه کي تحليل جو اختيار آهي، اسيمبليون تحليل ٿيڻ کان هيل تائين 90 ڏينهن جو وقت اپريل ۾ ختم ٿي رهيو آهي، عدالت سامهون 8 آڪٽوبر جي تاريخ آهي،  چيف جسٽس چيو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊ نٿي ٿي سگهي ته ڪيترا ڏينهن گهربل هوندا؟ ان تي غور ڪرڻو آهي، ڪو ئي ضابطو ۽ قانون فل ڪورٽ جوڙڻ جي اجازت نٿو ڏئي، پرامن چونڊن لاءِ وسلين جي ضرورت هوندي آهي ان جو حڪم ڏينداسين، جيڪڏهن فوج کي گهرائڻو پيو ته ان جو حڪم جاري ڪنداسين، سياسي پارٽين گارنٽي جي ڀڃڪڙي ڪئي ته انهن کي ڀوڳڻو پوندو، حڪومت ۽ پي ٽي آءِ سياسي پارو گهٽائڻ جي گارنٽي نٿي ڏئي ته اهو مناسب نه هوندو. عدالت سدائين سهپ جو مظاهرو ڪندي آهي، ٻڌڻي کانپوءِ ڪجهه ملاقاتون ڪندس، اميد ته سومر جو سج سٺي خبر کڻي ايندو، چيف جسٽس چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي 2 سال ڪيس هليو ۽ عدالت کي سزا ملي، مون کي چيو پيو وڃي ته هڪ ٻئي جج کي به سزا ڏيان، آڊيو ٽيپس جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ پهرين انهن شاهدين جو وڃي جائزو وٺو، قانون تي ڳالهائيندا ته مان جج ٿي ٻڌندس، منهنجي ججن جي باري ۾ ڳالهائيندا ته مون کي منهن ڏيڻو پوندو، جسٽس مظاهر کي بينچ ۾ شامل ڪرڻ خاموش پيغام هو، منهنجي به دل آهي ۽ منهنجا به جذبا آهن. چيف جسٽس جذباتي ٿي ويو. جڏهن ته عدالت سيڪريٽري دفاع ۽ ناڻي سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪندي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.