ڪراچي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ لاڙڪاڻي واسي شخص مارجي ويو

0
89

ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ لاڙڪاڻي واسي شخص مارجي ويو

وارثن جو چوڻ آهي ته سجاد علي چانڊيو ڪم ڪار لاءِ ٻاهر نڪتو ته گلستان جوهر روڊ بيڪري ويجهو مٿس فائرنگ ڪئي وئي

مقتول سجاد چانڊيو 5 ٻارن جو پيءُ هو ۽ پراپرٽي جو ڪم ڪندو هو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي