ڪيٽي بندر ( ن پ ا)ڪيٽي بندر جي يونين ڪائونسل ٻيٽ مھيار جي  ڏھن ڳوٺن جي رهواسين پاڻي فراهمي نه  ٿيڻ خلاف احتجاجاً ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.  جنهن ڪري چار سئو ٻارڙا پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان رھجي ويا آهن .ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آهي ته جيستائين پاڻي نٿو ملي تيستائين ڦڙا پيارڻ کان بائيڪاٽ رھندو . متاثر ڳوٺن ۾ پنجن مھينن کان پئيڻ جو پاڻي بند آهي  .جن ڳوٺن پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪيو آهي .انھن  ۾ ڳوٺ حاجي عثمان اوٺو .سيد اعتبار شاهه . الھڏنو پرھياڙ .ڪريم ڏنو شاهه .حاجي سکيو مرگھر . خميسو خاصخيلي سميت ڏھ ڳوٺ شامل آهن جن ٻارڙن کي پوليو پيارڻ کان انڪار ڪيو. ڳوٺاڻن يعقوب اوٺو .سيد نظير شاهه . غلام حسين پرھياڙ .گلن حسن پرھياڙ .جمن خاصخيلي .سيد ڪريم ڏنو شاهه ۽ ٻين چيوته يوسي ٻيٽ مھيار جي دارسي شاخ ۽ انڊو شاخ ۾ آبپاشي عملدارن گذريل پنجن مھينن کان اسان جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي. انسان توڙي جانور  پاڻي جي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آهن .ھنن چيو آهي ته جيستائين پاڻي نٿو ملي تيستائين ڦڙا پيارڻ نه ڏيندا.