ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ  ڪورٽ  ڪراچي مان اغوا ڄاڻايل  دعا زهره جي بازيابي لاءِ داخل ڪيل درخواست  تي وفاقي گهرو سيڪريٽري کي سمورن صوبن جي پوليس کي دعا زهره جي بازيابي لاءِ هدايتون جاري ڪري 30 مئي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي اوڀر ۽  دعا زهره جا والدين  پيش ٿيا، ان موقعي تي آءِ جي سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته اسان پنجاب پوليس سان رابطو ڪيو آهي،  جتان پتو پيو آهي ته  دعا کي ڪي پي منتقل ڪيو ويو آهي،  ڊي آءِ جي (سي آءِ اي) موقف اختيار ڪيو ته لاهور ماڊل ڪورٽ دعا جو  قلم 164  جو بيان رڪارڊ ڪيو هو، اسان دعا جي عمر جي تعين لاءِ درخواست ڏني، جيڪا رد ٿي وئي، عدالت پوليس عملدارن کان پڇيو ته ڇا دعا جي 164 واري بيان وقت سنڌ پوليس موجود هئي؟ جنهن تي پوليس عملدارن چيو ته اسان موجود هئاسين پر عدالت اسان کي دعا جي ڪسٽڊي نه ڏني، جنهن تي عدالت چيو ته اهو ئي ڪسٽڊي وٺڻ جو وقت هو، جيڪو اوهان ضايع ڪري ڇڏيو، جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي معاملو سنڌ جو آهي، دعا زهره کي هتي ئي آڻڻو پوندو، سندس ڪيس جو فيصلو به هتي ئي ٿيندو. ان موقعي تي پراسيڪيوٽر جنرل درخواست ڪئي ته هڪ هفتي جو وقت ڏنو وڃي، جنهن تي جسٽس آغا فيصل چيو ته ايترو وقت ناهي، دعا جي والدين جي حالت ڏسو، وڃي دعا جي ڳولا ڪريو. جيڪو به آفيسر ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندو، ان جي خلاف آرڊر پاس ڪنداسين. عدالت چيو ته اڃا تائين جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ناهن ٿيا ۽ نه ئي وري ٻي ڪا ڪارروائي ڪئي وئي آهي،

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عورتن جي  ڀلائي واري صوبائي وزير شهلا رضا چيو آهي ته سنڌ ۾ نياڻيون اغوا ڪندڙ گروپ نياڻين  کي ورغلائي دبئي اسمگل ڪري ٿو، هن سواليه انداز ۾ چيو ته چلغوزي ( نيزو) جهڙو ڇوڪرو دعا جهڙي ڇوڪري کي ڪيئن ٿو اغوا ڪري ؟ دعا زهره جي والدين سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن دعا زهره کي بازياب نه ڪرايو ويو ته اسان هر حد تائين وينداسين. اسان کي ڪي پي ۾ ڌرڻو هڻڻو پيو ته ضرور هڻنداسين.