ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  صحافي ولي بابر قتل ڪيس جي اڳوڻي پبلڪ پراسيڪيوٽر نعمت الله رنڌاوا جي قتل ڪيس ۾ ملوث هڪ جوابدار نعمان جي سزا ختم ۽ ٻئي جوابدار ڪاظم رضا جي سزا برقرار رکي آهي، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته خاص عدالت ٻنهي جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي، ٻنهي جوابدارن کي رينجرز ڪراچي آپريشن دوران گرفتار ڪيو هو، رينجرز انٽروگيشن ۽ جي آءِ ٽي آڏو ٻنهي جوابدارن قتل جو اعتراف ڪيو هو. پوليس موجب جوابدارن پبلڪ پراسيڪيوٽر نعمت رنڌاوا کي صحافي ولي بابر جي قتل ڪيس جي پيروي ڪرڻ تان 2013ع ۾ ناظم آباد  قتل ڪيو هو