لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 5 ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز اڄ کان شروع ٿي رهي آهي. نيوزيلينڊ کي پنج ميچز جي سيريز ۾ وائٽ واش ڪري قومي ڪرڪيٽ ٽيم انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) جي ريٽنگ ۾ پهرين پوزيشن تي اچي سگهي ٿي. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ون ڊي سيريز اڄ کان راولپنڊي ۾ شروع ٿي رهي آهي. ڪيويز کي سيريز ۾ 5-0 تان وائيٽ واش ڪرڻ جي صورت ۾ پاڪستان وٽ عالمي نمبر 1 بڻجڻ جو موقعو آهي. ميزبان ٽيم وٽ ورلڊ نمبر 1 بڻجڻ جو بهترين موقعو آهي ڇوته ڪين وليمسن، ٽرينٽ بولٽ، ٽم سائوٿي، مچل سينٽنر، ڪائلي جيميسن، لوڪي فرگوسن ۽ ايڊم ملني جهڙن اهم رانديگرن کانپوءِ مهمان ٽيم ڪافي ڪمزور آهي. پاڪستان هن وقت 106 پوائنٽس سان پنجين نمبر تي آهي جڏهن ته نيوزيلينڊ 113 پوائنٽس سان ٻئي نمبر تي آهي. نيوزيلينڊ کي 5-0 تان وائيٽ واش ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان جا رينڪنگ ۾ 115 پوائنٽس ٿي وينديون. پهرين نمبر تي موجود آسٽريليا 113 پوائنٽس سان ٻئي نمبر تي اچي ويندو. جڏهن ته ڀارت 113، انگلينڊ 111 ۽ نيوزيلينڊ 106 پوائنٽن سان ترتيبوار ٽئين، چوٿين ۽ پنجين نمبر تي هوندا.