نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي ٽيم رائل چئلينجرز جي عبوري ڪپتان ويرات ڪوهلي تي 82 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ويرات ڪوهلي تي اهڙو ڏنڊ آءِ پي ايل ۾ راجسٿان رائلز خلاف ميچ ۾ سلو اوور ريٽ سبب لڳايو ويو آهي. آءِ پي ايل اختيارين جو چوڻ آهي ته ويرات ڪوهلي تي 24 لک ڀارتي رپيا (82 لک کان وڌيڪ پاڪستاني رپيا) ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، جڏهن ته رائل چيلنجرز ٽيم جو هر رانديگر ميچ فيس جو 25 سيڪڙو ڏنڊ ادا ڪندو. سلو اوور ريٽ سبب ئي رائل چئلينجرز کي راجسٿان جي اننگز ۾ آخري ٻن اوورنز ۾ صرف 4 رانديگر ئي دائري کان ٻاهر رکڻ جي اجازت ڏني وئي.