سوال/سروي … سنڌ ۾ روڊ حادثن جي حڪومت ذميوار، مسافرن جو خون حڪومت جي هٿن تي آهي، حيدرآباد کان ڪراچي تائين ڪا سٺي اسپتال ئي ناهي: عوام جي راءِ

0
162

 سنڌ جي عوام جي واضح اڪثريت پرڳڻي ۾ ٿيندڙ روڊ حادثن ۽ انهن ۾ ضايع ٿيندڙ انساني جانين جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏيندي، روڊن جي خراب حالت جو نوحو لکيو آهي. ماڻهن جي راءِ آهي ته جيڪڏهن حڪومت قانون تي عمل ڪرائي، پوليس پنهنجا فرض ايمانداري سان سرانجام ڏئي ته اهي حادثا ئي نه ٿين. انڊس هاءِ وي ۽ سپرهاءِ وي موٽر وي ايم نائين تي اسپتالن جي کوٽ جي به دانهن ڪئي وئي آهي. پنهنجي اخبار جي سوشل ميڊيا پيج لاءِ فيس بڪ تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ خوفناڪ روڊ حادثا، انساني جانيون ضايع ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهي توهان جي نظر ۾ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ ان جي جواب ۾ گل حسن راءِ ڏني ته روڊن جي حالت خراب آھي ان ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، روڊ رستن جي ذميواري حڪومت جي آھي ان ڪري ذميوار حڪومت آھي. سانگھڙ کان صالح پٽ روڊ جي تعمير جو گذريل ڏيڍ سال کان ٻڌون پيا پر ھينئر تائين ڪا به ايڪٽوٽي نظر نه پئي اچي. سجاد علي جي راءِ هئي ته سڀ حڪومت کي ذميوار قرار ڏين ٿا پر ڪجھه ذميوار عوام به آهي. جيڪڏهن ڊرائيور احتياط سان گاڏي هلائي ته سڀ پنهنجي منزل مقصود تي سلامتي سان پهچي ويندا پر هتي هر ڪنهن کي تڪڙ لَڳِي پئي آهي. راجا ريحان لاشاري چيو ته حڪومتي ادارا ۽ ان سان گڏوگڏ عوامي لاشعوري جيڪا ڪنهن به ذميواري کي طريقي سان نڀائي نه ٿي، سرڪاري ادارا پاڻ ملڪي قانون تحت نٿا هلن ته ان جو نتيجو ائين ئي نڪرندو. هر پاسي انساني جانيون ضايع ٿين ٿيون پيون. ساگر امير حيدر لکيو ته ايترا ماڻهو بيمارين جي ڪري ۽ پنهنجي طبعي موت نه ٿا مرن جيترا حادثن ۾ مري رهيا آهن يا معذور بڻجي رهيا آهن. ا ن جو سبب ٽٽل روڊ، قانون تي عمل نه ڪرڻ، تيزرفتاري خاص ڪري روڊن تي اشارا نه هجڻ آهن. حاجي خان پنهور لکيو ته سنڌ روڊس کاتي وارن جي نااهلي، لاپرواهي، ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ، روڊن جي مورين جو ٽٽڻ هر روڊ جو منظر آهي. حڪومتي ڌر اقتدار جا مزا ماڻڻ تائين محدود آهي ۽ آڊٽ عملو ڳري رشوت سبب خاموش بڻيل آهي تڏهن ته سنڌ جو هر روڊ خوني روڊ ٿيندو پيو وڃي. ايم صالح جاڙيجو ميرپوربٺورو کان لکيو ته حڪومت ۽ ڊرائيورن جي لاپرواهين جي نتيجي ۾ الائي ڪيتريون جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن! علي عباس جمالي لکيو ته ان سڄي صورتحال جي ذميوار انتظاميه آهي جنهن روڊن رستن جو بُرو حال ڪري ڇڏيو آهي. راجو ٺاڪر لکيو ته ڪجھه حڪومت جي نااھلي آھي ٻيو وري اسان کي روڊ تي ٽرانسپورٽ ۾ سوار ٿيڻ کان پوءِ نه بريڪر جي خبر آھي نه وري سائيڊ جي خبر پوندي آھي !! حڪومت جي نااھلي جي ڪري ايترا ماڻهو بيمارين ۽پنهنجي موت نه ٿا مرن جيترا حادثن ۾ مري رهيا آهن يا معذور بڻجي رهيا آهن وجه ٽٽل روڊ قانون تي عمل نه ڪرڻ تيزرفتاري خاص ڪري روڊن تي اشارا نه هجڻ جي ڪري!! موهن لعل لکيو ته روڊ حادثن ۾ پوليس ۽ عوام جو برابر هٿ آهي. نه قانون نافذ ٿئي ٿو، نه عوام عمل ڪري ٿو، موٽر سائيڪل سوار هيلميٽ جو استعمال ڪونه ڪندا آهن، جنهن جي ڪري گهڻا نوجوان دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب موقعي تي دم ڌڻي حوالي ڪريو ڇڏين. عبدالقادر گبول راءِ ڏني ته ان صورتحال جا ذميوار چونڊيل نمائندا آهن. دل منصور حسين لکيو ته سيوھڻ ڄامشورو ٽول پلازا انتظاميا ماڻھن کان ڊبل ٽئڪس وصول ڪري رھي آھي پر ستن سالن کان ڊبل روڊ مڪمل نه ڪري سگھي آھي  جمالي امتياز لکيو ته بکر جمالي روڊ تي هر روز خوفناڪ روڊ حادثا ٿين ٿا ان روڊ کي ڊبل روڊ ڪيو وڃي. جڳت ڏان ڏيول ڇور کان لکيو ته اصل ۾ روڊ ٽٽل ھجڻ سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن ۽ ٻيو ته گاڏيون به ناڪارا آهن رھيل ڪسر سکيڙاٽ ڊرائيورن پوري ڪري ڇڏي آهي. ايڊووڪيٽ عبدالستار لکيو ته انتظاميه ۽ ڊرائيورن جي نااهلي آهي جتي ٽول ٽيڪس جي مد ۾ ڪروڙين روپيه اوڳاڙي ٿئي ٿي پر روڊن جي مرمت يا ڊبل روڊ ناهن ٺاهيا ويا. مدن لعل مهيشوري لکيو ته ان جي ذميوار سنڌ حڪومت، ٽريفڪ پوليس ۽ ايڪسائيز کاتو آهن. روڊ تي ضابطي کان وڌيڪ رفتار ۾ گاڏيون ڊوڙن ٿيون ڊرائيور مقابلو ڪندا آهن ھڪ روٽ تي ھڪ ئي وقت چار چار گاڏيون هلايون وڃن ٿيون جيڪي ڊوڙنديون رهن ٿيون. ان سان گڏ ٽرانسپورٽر به صورتحال جا ذميوار آهن. محمد اسلم لکيو ته سنڌ حڪومت جو ٽرانسپورٽ کاتي جو وزير ۽ عملدار صرف ۽ صرف خانه پوري ۽ پيٽ پوري جي چڪر ۾ پورا آهن ان جي ڪري ئي سوين انساني جانيون روزانو ضايع پيون ٿين جيڪا صورتحال افسوسناڪ آهي. شبير احمد سهتو لکيو ته اسان هن صورتحال جو ذميوار سردارن ۽ ڀوتارن کي سمجھون ٿا جيڪي اي سين ۾ ويھي فيصلا ٿا ڪن بيگناھ انساني جانين سان پيا کيڏن انهن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. بشير خان ميراڻي لکيو ته هن صورتحال جي سڌو سنئون رياست ذميوار آهي، ان سان گڏوگڏ روڊس، ٽرانسپورٽ ۽ ضلعي آفيسر به ذميوار آهن. روڊ ته هونئن به تباهه ٿيل آهن پر گاڏين جو ڪو به چيڪ ۽ بيلنس ناهي. نصرالله پٺاڻ لکيو ته سڄي صورتحال جا ذميوار اسان پاڻ آھيون جڏھن اسان کي خبر آهي ته روڊ رستا ڀڳل ٽٽل آهن ته پوءِ اسان کي روڊ تي گاڏيون هلائيندي احتياط ڪرڻ گھرجي  ۽ گاڏي آرام سان ھلائجي. محمد قاسم مگسي لکيو ته اهي سمورا روڊ حادثا ۽ جانين جو ذيان لاپرواھي سبب ٿيندو آهي. وزير علي لکيو ته ماڻهو مرڻ ۽ حادثا ٿيڻ جي ذميوار حڪومت آهي. سينگار علي چانڊيو لکيو ته سنڌ حڪومت ذميوار آهي هن سڄي صورتحال جي. مبارڪ ڪپري لکيو ته ان جا سڀ وڌيڪ ماڻهو پاڻ ذميوار آهن جيڪي اجايا رسڪ کڻندا آهن. جمڙاؤ جو سوشل ورڪر لکيو ته ان جي ذميوار سنڌ حڪومت ئي آهي. نثار لغاري لکيو ته ان صورتحال جي رياست ذميوار آھي، روڊ مڪمل تباھ ٿيل آھن. جاويد راهي لکيو ته نااهل حڪومت جي ڪري هي سمورا حادثا ٿي رهيا آهن. بڪر راهو لکيو ته سنڌ حڪومت ذميوار آهي. ذوالفقار انصاري به پنهنجي راءِ ڏيندي سموري ذميواري حڪومت جي قرار ڏني. جيوت ڀوراڻي جي ڪي جاني ايم لکيو ته حڪومت ۽ ٽرانسپورٽر ٻئي ئي ان صورتحال جا ذميوار آهن. نادر ممتاز ڀنڊ لکيو ته نااهل حڪومت ذميوار آھي ان سموري صورتحال جي. عذير چنا جي راءِ هئي ته سنڌ حڪومت ان جي ذميوار آهي. ظفر زيڊ آر حسين لکيو ته سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي. وقار علي پنهنجي راءِ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي ذميوار قرار ڏنو. مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته سنڌ حڪومت ۽ ان جا ساٿاري ذميوار آهن. منٺار علي لغاري لکيو ته سنڌ حڪومت ذميوار آهي جيڪڏهن حڪومت سمورا روڊ ڊبل ڪرائي ته معمول جا حادثا ختم ٿي ويندا ۽ اناڙي نشائي ڊرائيورن جي به خبر پئجي ويندي. شاهد شر بلوچ لکيو ته حڪومت ۽ ڊرائيورن جي لاپرواهين جي نتيجي ۾ الائي ڪيتريون جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. ڪجهه مهينا اڳ منهنجو ماسات به ٻٻرلوءِ باءِ پاس روڊ تي خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿي ويو هو. نقاش پيرزادي لکيو ته روڊن سان گڏ خراب ڊرائيونگ به ان جي ذميوار آهي. ملير ڪراچي مان سامي ميمڻ لکيو ته الله پاڪ رحم ڪري. عامر رند لکيو ته سنڌ ۾ خوفناڪ حادثا ۽ انساني جانيون ضايع ٿيڻ جا ڪيترائي سبب آهن، جن ۾ مناسب انفرااسٽرڪچر جي کوٽ، صنعتن ۽ ڪم جي جڳهن تي ملازمن لاءِ حفاظتي اپائن جو نه هجڻ، قدرتي آفتون، ڪرپشن ۽ حڪومت جي اندر احتساب جو فقدان شامل آهن. انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت پوندي. محمد فياض وساڻ لکيو ته ڪجھه حڪومت جي نااھلي آھي ٻيو وري اسان روڊ تي ٽرانسپورٽ تي سوار ٿيڻ کان پوءِ خيال به نه ڪندا آهيون. جڏهن ته اسان جي ۾ شهر حاجي شاهه ۾ نه اسپيڊ بريڪر آهي ۽ نه ئي وري سائيڊ جي خبر پوندي آھي. ان صورتحال جي ذميوار مسلسل 15 سالن کان حڪومتون ڪندڙ پ پ پ آهي جيڪي حڪمران هن وقت تائين سنڌ جا روڊ رستا ٺاهي ڪونه سگهيا آهن. ڊرائيورن جي لاپرواهين جي نتيجي ۾ الائي ڪيتريون جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن!  عمران گل سومرو لکيو ته حڪومت ۽ ادارا پگهارون ته کڻندا آهن پر ڪم نه ڪندا آهن. روڊن جي حالت توهان سڀني جي سامهون آهي ۽ گاڏيون هلائيندڙ به ماشاءَ الله آهن ڪو پڇڻ وارو نه آهي ان جي ڪري ئي هي روڊ حادثا ٿي رهيا آهن. محمد اقبال ملاح لکيو ته سنڌ حڪومت ان جي ذميوار آهي. عباس سنڌي لکيو ته مڃون ٿا ته ننڍا وڏا مسئلا جتي ڪٿي آهن پر هتي رڳو سنڌ ۾ ڪوس گهر لڳو پيو آهي ان جي ذميوار سنڌ حڪومت آھي جيڪا بلڪل ناڪام ٿي چڪي آهي. تلسي داس ڀوڄواڻي سنڌ حڪومت کي ئي هن صورتحال جو ذميوار سڏيو. سيلرو عرفان لکيو ته ذميوار مسلسل 15 سالن کان حڪومتون ڪندڙ پيپلا آهن جيڪي هن وقت تائين سنڌ جا روڊ رستا به ٺهرائي ڪونه سگهيا آهن. عبدالرحمان چانگ چيو ته ذميوار انتظاميه آهي. ثناءُ الله ملاح جي راءِ هئي ته سڄي صورتحال جو ذميوار عوام آهي جيڪو جهڙا نمائندا چونڊيندو آهي موجوده حالت جا هو حقدار آهن. شاهد حسين جمالي لکيو ته سنڌ حڪومت ذميوار آهي. زين ملاح لکيو ته سنڌ ۾ مقرر سمورا ڊي سي صرف ھي اعلان ڪن ته جنھن بس سان حادثو ٿيو يا جيڪو بس وارو ايڪسيڊنٽ ڪندو ان بس جي مالڪ کي زخمي جو ڏھ لک ڏنڊ ۽ روڊ حادثي ۾ ھڪ جان ضايع ٿيڻ تي مالڪ تي سٺ لک ڏنڊ ڏيڻو پوندو ڏسون ڪيئن ٿا ايڪسيڊنٽ ٿين؟ ٽريفڪ آفيسر رشوت بدران پنھنجو ڪم سھي ڪن ته ڇو ايڪسيڊنٽ ٿين! عيد جي موقعي تي اوور لوڊ ھيٺان مٿان بسون ڀريون پيون آھن. ٽريفڪ آفيسر  رشوت اوڳاڙڻ ۾ مصروف آهن. سنڌ گورنمينٽ اعلان ڪري ته جنھن به حد ۾ اوور لوڊ گاڏي جو ايڪسيڊنٽ ٿيو ان ايريا جي ٽريفڪ سيڪشن جي سمورن عملدارن کي معطل ڪيو ويندو ته ڏسون ڪيئن ٿا ايڪسيڊنٽ ٿين! ھنن ايڪسيڊنٽز جي ذميوار سنڌ گورنمينٽ آهي، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي لاءِ ته پيپلز بس سروس شروع ڪئي پر جنھن جي ووٽن تي حڪومت ڪن ٿا انهن لاءِ ٽرانسپورٽ جي ڪھڙو منصوبو ٺاھيو آ ؟ شيم شيم شيم سنڌ گورنمينٽ. عبدالغفور سروهي حيدرآباد مان لکيو ته بيحس عوام ئي هن سموري صورتحال جو ذميوار آهي. ڪريم بخش بسم الله لکيو ته ذميوار ته حڪومت ئي آهي. زين علي لکيو ته ذميوار نااهل حڪومت آهي. مراد علي چيو ته اھو ڏينهن خالي ڪونھي جو سنڌ ۾ خوفناڪ روڊ حادٽي جي خبر نه ملندي ھجي. سڀ حادثا قانون تي عمل نه ٿيڻ سبب ٿي رھيا آهن. سنڌ حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي سبب قانون تي عمل نٿو ٿئي مشرف دور ۾ ھڪ بس حادثي سبب پوري ملڪ ۾ قانون سخت ڪيا ويا هئا. عالم پالاري نوري آباد مان لکيو ته موٽروي ايم نائين تي هر روز حادثا معمول بڻيل آهن. سموري موٽر وي ته انتظاميا نالي ماتر نظر ٿي اچي. عيد جون موڪلون ويجهو اچڻ شرط مسافر بسن جي ڇتين تي مسافر سواري ڪن ٿا جنهن سبب حادثا معمول بڻيل آهن. روڊ اڪثر ناڪاره ٿي ويا آهن جنهن سبب کڏا بنجي ويا آهن. ڪراچي کان حيدرآباد تائين ڪا اسپتال نه آهي خدانخواستا ڪو مسافرن سان حادثو ٿئي ٿو ته زخمين کي ٻيهر ڪراچي يا حيدرآباد طبي امداد لاءِ نيو وڃي ٿو. همير گل راڄپر لکيو ته ان جي ذميوار انتظاميا آهي. ابو محمود لکيو ته سموري صورتحال جي ذميوار حڪومت آهي ٻيو ڪير آهي.