پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 37 ماڻهو فوت

0
193
پاڪستان ۾ ڪورونا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا وگهي وڌيڪ 37 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ هڪ هزار 50 نوان ڪيسز به ظاهر ٿيا آهن، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا 41 هزار 65 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1050 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته 37 ماڻهو فوت ٿي ويا، سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 2.5 سيڪڙو رهي، هيل تائين ڪورونا سان فوت ٿي ويلن جو تعداد 21977 ٿي ويو ۽ مجموعي ڪيسز 9 لک 48 هزار 268 تائين پهچي ويو آهي.