شڪارپور ۾ پراڻي تڪرار تان نوجوان سرعام گوليون ھڻي قتل

0
225

شڪارپور(ن پ ا) شڪارپور جي نيو فوجداري ٿاڻي جي حد سني پئٽرول پمپ وٽ پراڻي تڪرار تان نوجوان کي سرعام گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب نوجوان علي حسن جعفري کي موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن گوليون ھڻي فرار ٿي ويا، واقعو جتوئي ۽ جعفري برادري ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، جڏهن ته ضروري ڪارروائي لاءِ لاش آر بي يو ٽي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.