جوهانسبرگ (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ ٻي ٽي 20 ميچ اڄ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن ۾ ميچ پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي 5 وڳي شروع ٿيندي. پاڪستان کي 4 ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي. ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن جي ڀرپور پريڪٽس ڪئي، جڏهن ته ٽپس به وٺندا رهيا. قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم سيريز کٽڻ جو عزم ظاهر ڪندي چيو آهي ته رانديگر بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، ون ڊي جيان ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽڻ لاءِ به پراميد آهيون.