جهنڊومري (ن پ ا) جهنڊو مري ۾ آل مير جت ٽيپ بال ٽورنامينٽ ال اشرف ڪامارو شريف کٽي ورتو. ان ڏس ۾ ڳوٺ الهورايو مير جت ۾ جاري آل مير جت ٽيپ بال ٽورنامينٽ ۾ 12 ٽيمن حصو ورتو، ال اشرف ڪامارو شريف ۽ فرينڊس گيدرنگ ٽنڊو الهيار فائنل ۾ پهتيون. ال اشريف ڪامورو شريف ٽيم دلچسپ مقابلي بعد مخالف ٽيم کي شڪست ڏئي ايونٽ پنهنجي نالي ڪري ورتو.